شخصيتون ۽ خاڪا

من من مورَ ٽھوڪا

علي نواز ڏاهريءَ جي لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي، هن  ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھريون ڀاڱو "جن جون جايون جيءَ ۾" جي عنوان تحت 12 مضمونن، ٻيو حصو "هر دل ڪيئي ڪتاب" جي عنوان هيٺ 8 مضمونن ۽ ٽيون ڀاڱو "سور پريان جا ساڻ مون" جي عنوان تحت 10 مضمونن تي مشتمل آهي. علي نواز ڏاهريءَ جا لکيل هي مضمون احساسن جو اهڙو جامع ڀنڊار آهي جنھن مان لفظ رقص ڪندي ڀائنجن ٿا. هن وٽ اظھار لاءِ انيڪ لفظن جو خزانو آهي. سندس نثر مان خوشبو ڦھلجي رهي آهي.

Title Cover of book من من مورَ ٽھوڪا

ڏات کي دل جو ٿو خون گهرجي

ڏات کي دل جو ٿو خون گهرجي
انوربلوچ جي ناول ”ايلشبا“ تي ادبي خط

مانوارا سائين اميد ته گلاب جي تازي ٽڙيل گل جيان سدا سرها هوندئو!
سائين! ڪلا جي ڪانڊ ۾ سيبائتو سفر ڪندڙ تخليقار جو قلم جڏهن لڇي تڙپي لکڻ لڳندو آهي، ته ڪو ”ايلشبا“ جهڙو شاندار ناول وجود وٺندو آهي.
ايلشبا: هڪ اهڙو ناول، جنهن مونکي پنهنجي فني ۽ فڪري سحر جي گلين ۾ گم ڪري ڇڏيو آهي. هڪ اهڙو ناول جنهن جي پهرين سٽ: ”ڊسمبر 1995ع جي اها حد کان وڌيڪ اداس شام هئي، جڏهن ڪيئن مهينن جي وٿيءَ کان پوءِ ڊاڪٽر گوران ”سرا جيوو“ مان فون ڪري ڳالهائيندي منهنجي هِانءِ ۾ هٿ وڌا.“
جي پهرين جملي ..... ”ڊسمبر جي اها اداس شام ..... ”جنهن ۾ ڪنهن جي فون تي هانءُ هٿن ۾ اچي وڃي- کان وٺيءَ “۽ اڄ ايلشبا جي قبر تان موٽندي، مون سنڌ ورڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو. مون سنڌ ۾ رهي جياپي جي جنگ وڙهڻ ٿي چاهي ۽ سوچيو هوم ته ڏک ۽ ڏاڍ سهي به ديس واسين کي آزادي ۽ حقن جي حاصلات بابت ذهني شعور ضرور ڏيندس“ تائين صفحي صفحي تي عشق ۽ ساڃاهه جي آڪاش تي شعور سان پڙهندڙ حيرتن جي حسن ۾ کوئجي ٿو وڃي. “ سوچيو هوم ته ڏک ۽ ڏاڍ سهي به...“ بلڪل تنهن زماني جي لطيف جي پيغام جو تسلسل ته:
سڃو جي ساڻيهه، ته به ونيان وترو،
گهوريو سو پرڏيهه، توڙي ڦلن ڇانئيو.

ڀٽائي جي سڏ جي پڙاڏي جو تاريخي تسلسل ٿو لڳي. هڪ ڪميٽيڊ ۽ ڌرتيءَ جي درد ۾ لڇي مجذوب بڻيل تخليقار جي قلم مان لازمي آهي ته اهڙائي شعور جا ڦول ڦٽي پوڻا آهن. جيڪي ڪائنات جي ڪٿائن جا سندر روپ بنجڻا آهن.
ائين توهان جو مٽيءَ جي خوشبوءَ خماريل ڪردار تخليق ڪرڻ جو فن پڻ داد طلب آهي. مٽي جيڪا ماڻهوءَ جي روح جو رنگ به آهي ته وجدان جا سوين سندر روپ به آهي ته وجداني ڪيفيتن کي الستي آواز مهيا ڪرڻ جي ترنگ جي ڪيف جو ڪمال به آهي. مثال:
”مان تلاش جي سفر ۾ آهيان. مان بوسينيا ۾ خود کي ڳولڻ ٿي چاهيان.“
يا:
”مان جهنگ جو شينهن ته ناهيان علي! جو ويندي ويندي پويان پنهنجي پيرن جا نشان ڇڏي وڃان. مان ته مٽيءَ جي مورتي آهيان. بوسينيا جي ڳاڙهسري مٽيءَ مان جنم وٺندڙ.“
يا:
”مٽي مٽيءَ سان ملي ختم ٿي وڃي ٿي، پر ڪي ماڻهو مري به صدين تائين جيئندا هوندا آهن.“ اِتي پهچي مون کي اياز ٿو ياد اچي ته،
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا،
گهايل ڌرتيءَ جي سيني تي
اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا.
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي.
جا دنيا کي بدلائي ٿي.
۽ اياز ئي ته چيو هو ته
”مون ته لڳائي سپني دل،
ڦول ڪڏهن ڦٽندا.
ڇاڄاڻان ڇا ڄاڻان؟

پر هي ناول بنا ڪنهن واڌاءُ،جي بنا ڪنهن خوشفهميءَ جي ٻڌائي ٿو ته اياز جي سپني- ول مان ڦول ڦٽي پيا آهن. ۽ سنڌ جي سياسي طرح ويساهه وڃائي ويٺل اڄ جي قومي ڪارڪن کان وٺي توهان جهڙي انتهائي گهڻ پڙهئي، فڪري طرح سجاڳ ناول نگار تائين به،....
سنڌ کان وٺي ڪو سووو....، سرا جيوو کان وٺي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي قومي آزادين وارن انقلابن جي واٽن جي مارڳ جا اُهي محرڪ ٿو پسائي جو ماڻهوءَ جي دل ان وقت اڇل کائي عمل جي ميدان تي ڪونتل ڪڏائڻ لاءِ ٿي چوي. اهو ئي توهان جي قلم جو ڪمال آهي جو سنڌ جي معروضي حالتن تي تڙپي توهان سنڌ جي حالتن جو ڇيد ڪندي پنهنجن ڳڻتي ظاهر ڪندي ٻڌايو آهي ته سنڌ جي ڪالهه واريءَ سسئي جيان جيءَ کي جاکوڙا ڏئي، رائو رت ڪرڻ واري جهد جيان اڄ جي سسئيءَ کي به ذهني طرح تيار ٿيڻ کپي. جنهن لاءِ توهان ”ايلشبا“ جهڙو يگانو ڪردار تخليق ڪري ورتو آهي.
نه رڳو اهو پر توهان سنڌ ڌرتي جي اها دانهن به ٻڌي ورتي آهي، جيڪا پنهنجي پڙهندڙن کي ٻڌائي انهن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿا ڇڏيو ته ڌرتي ماءُ توهان مان ڪهڙيون اميدون رکيو ويٺي آهي؟ مثال:
”توکي خبر هوندي ته مٽي ڪڏهن به پنهنجو ڏک نه ٻڌائيندي آهي. مٽي ماٺ هوندي آهي... پيءُ ماءُ وانگي.... ڇا تو ڪڏهن ڪنهن ماءُ کي ڪم سانگي پنهنجي پيٽ ڄاين آڏو ويچارو ٿي بيٺل ڏٺو آهي؟ .... بند ٿيل چپ نماڻيون اکيون ۽ اڻ مئي آس ... ائين مٽي به رڳو اميدون پاليندي آ ته سندس وارث هن لاءِ ڇاٿا ڪن... ۽ .... وارثن کي ڇا ڪرڻو آ... اهو تون به ڄاڻين ٿو ته مان به ڄاڻان ٿي.“
اهڙا فڪري طور مضبوط تخليقڪار تمام گهٽ وڃي رهيا آهن. علي بابا ۽ آغا سليم کان پوءِ، جيڪي ٻڌائن ته سنڌ کي صدين کان پنهنجو هڪڙو عالمي فڪري پيغام به آهي، ۽ توهان ان فڪر جي پاسداري ڪندي جڏهن لکو ٿا ۽ مذهبي شائونزم ۽ انتها پسندي کي وائکو ڪندي ٻڌايو ٿا ته بلڪل اهڙوئي اعلان ٿا ڪريو جيڪو Dancing Shadows ۾ آمريڪن رائٽر محترمه اؤميل ٿي ڪري ته ”دنيا کي هڪ دفعو وري سنڌ جي پر امن اصولن ڏي موٽ کائڻي پوندي“ ۽ توهان جو قلم خود بخود لکي ٿو وٺي ته:
”منهنجي ٻولي اتم آ،
منهنجو مذهب مٿاهون
ڪو عيسائي آ، خود کي خدا جو ٻار ٿو چوائي
۽ ڪو يهودي .... ڄڻ ته خاص آسماني خلق.
ڪو برهمڻ آته ڪو نيچ اڇوت،
مذهب، ذات، زبان، ۽ قوميت جو جهيڙو.....
ساڙ حسد ۽...۽ پوءِ ماپجي نه سگهندڙ نفرتون.“
اڄ جي دنيا جيڪا اصلي ايٽم ته اصلي، پر نفرت جي عملي ايٽم بم تي ويٺي آهي.
اهو ايٽم ليڪ ٿي آهستي آهستي پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي ته:
”شهر جا شهر،
مسجدون، مندر گرجا گهر،
۽ دنيا ۾ ڪا به اهڙي جاءِ نٿي سُجهي،
نه ڪو درياهه ۽ سمنڊ،
جتي نفرتون ڌوئي سگهجن.“

هتي ته نفرتن جا به ڪئي قسم ايجاد ٿي پيا آهن. مختلف نالن ۽ نعرن ۾ نفرتون. جن جو جتي به ۽ جيڪو به نتيجو نڪري رهيو آهي، سو انسانذات جي مستقبل لاءِ به خطري جي نشان کان گهٽ ناهي، افسوس ته اهڙي ڳنڀير صورتحال تي به ڪجهه قلم ڪار ئي قلم کڻي رهيا آهن باقي هر طرف منافقاڻي ماٺ ڇانيل آهي. جنهن جو نتيجو:
”رت رنگ ۽ نسل جي نالي.....
مٽي، زبان ۽ مذهب جي نالي....
۽ .... ۽.... انسان مري رهيو آ....“
۽: ”انسان عزرائيل جو ڪم سولو ڪري ڇڏيو...“

سچ پچ ته هي ناول پڙهي آئون ناول جي سحر سان گڏ توهان جي قلم جي سحر ۾ گم ٿي ويو آهيان. ناول جي رتورت گلين ۾ پنهنجي اداسي توڙي عزم سان گڏ زخمي روح سان گم ٿي ويو آهيان، گم ٿيڻ جو به پنهنجو حسن آهي، رومانس آهي. سوچيان ٿو ته ان رتو رت گلين مان جيڪي طويل ٿي پوري دنيا ۾ پکڙجي رهيون آهن. نڪري به سگهندس الاءِ نه...!!؟؟
ايلشبا پڙهندي پڙهندي ڪيئي چڪر اکيون آليون ٿيون آهن. ڪيئي ڀيرا گهر ڀاتين کان اکيون چورائي وڃي ٽوٽيءَ تان مُنهن ڌوئي آيو آهيان. جڏهن هڪ پڙهندڙ جي اها محسوسات آهي، اهي جذبا آهن تڏهن هڪ لکڻ واي دل جي ڇا حالت ٿي هوندي!؟ انهي ادراڪ کي مان چڱي طرح سمجهي سگهان ٿو. ڇو ته مونکي خبر آهي ته تخليق ۽ سچي تخليق نيڻن جي نور کان وڌيڪ دل جو رت گهرندي آهي. جيڪو پنن تي ٽڙي ادب جي اڀ جي خوشبوءَ بنجي روحن کي تازگي بخشيندو آهي- اهڙو ئي پورهيو ڏيڻ تي سنڌ، سنڌ جو شعور، سنڌ جو سنجيده فڪري راهن جو واٽ مسافر وڻجارو توهان جو احسانمند ۽ ٿورائتو آهي.
مونکي اميد آهي ته جڏهن به ”گونگي تاريخ جي ڪٽهڙي ۾،
اڪثر لفظ به شاهد بڻبا. ”ته سنڌي قوم جو شعور توهان جي قلم جي ڪاميابين تي سراپا فخر بنجي ويندو، جو مون کي منهنجو وجدان اهڙي خاطري پيو ڪرائي،
آئون چاهيندس ته توهان جا سڀئي ڪتاب پڙهان. توڙي جو شاعر آهيان. پر الاءِ ڇو؟ پاڻ کي فڪشن، ڪهاڻين ۽ خاص ڪري ناولن جي دنيا ۾ وڃائي ويهندو آهيان. جتي ڪو وقت ڀٽڪندو ئي رهندو آهيان.

فقط توهان جو پنهنجو.

علي نواز ڏاهري.
سڪرنڊ
2019/10/26