شخصيتون ۽ خاڪا

من من مورَ ٽھوڪا

علي نواز ڏاهريءَ جي لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي، هن  ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھريون ڀاڱو "جن جون جايون جيءَ ۾" جي عنوان تحت 12 مضمونن، ٻيو حصو "هر دل ڪيئي ڪتاب" جي عنوان هيٺ 8 مضمونن ۽ ٽيون ڀاڱو "سور پريان جا ساڻ مون" جي عنوان تحت 10 مضمونن تي مشتمل آهي. علي نواز ڏاهريءَ جا لکيل هي مضمون احساسن جو اهڙو جامع ڀنڊار آهي جنھن مان لفظ رقص ڪندي ڀائنجن ٿا. هن وٽ اظھار لاءِ انيڪ لفظن جو خزانو آهي. سندس نثر مان خوشبو ڦھلجي رهي آهي.

Title Cover of book من من مورَ ٽھوڪا

آخري التجا (خاڪو/ ڪالم)

روان دوان، مستقل جستجو، حياتي جي جاکوڙ ماڻهو کي به ڪنهن مشين جي پرزي جي حيثيت ڏئي ڇڏي آهي، هيٺين طبقي جي ڪنهن حساس فرد جي هانو تي هٿوڙي وانگر لڳندڙ معاشي پرشانين جي پيڙا ويترا شعور جي ارتقا تي ڌاڙا هڻندڙ نامنهاد ڪوشش ٿي لڳي_ سارا هن موڳا ٿا لڳن. هر حساس دل ماڻهو خاموشيءَ يا ته پاڻ ساڻ ڀڻ ڀڻ جي بيماريءَ ۾ وٺجندو ٿو وڃي.
پيشي جي لحاظ کان هو پرائمري ٽيچر آهي. صبح جو اسڪول، شام جو ٽيوشن، فارغ وقت ۾؟ پنهنجو پاڻ ۾ گم، عجيب طبعيت جو مالڪ آ، نه ڪنهن سان حد کان وڌيڪ فري نه ڪنهن کان بيزاري بس درميانه روي جي تصوير. گس پنڌ ملي ويو ته ڀاڪر پائي ملڻ کان پوءِ روايتي طور چانهه جي صلاح ضرور هنڻدو. انڪار تي زور اصل ڪو نه ڀريندو ۽ وٺندو پنهنجي واٽ. فارغ ٽائم تي جڏهن به ڏٺم، هٿ ۾ ڪتاب، رجسٽر يا ڪي فائيل... ڪپڙا صاف پيشاني جي مٿان تيزي سان کسندڙن وارن کي ڦڻي ڏنل. منهن تي شرميلي مرڪ وتندو هن “ڊريم سٽي” جا چڪر ڪاٽيندو ۽ گهٽيون ماپيندو. ڪڏهن ڪڏهن بازار جي ڇيڙي وٽ هڪ هوٽل ۾ چپن تي گرم چانهه جون چسڪيون، اک ٽي ويءَ جي اسڪرين تي ته ڪڏهن ڪنهن گرائونڊ تي. سائل پيرزادو به ڏينهن جا ڏينهن، راتين جون راتيون وتندو هو ڪيرڪيٽ ڏسندو- مون کي شڪ جاڳيو ته اوچتو ئي اوچتو هن کي به سائل وانگر ڪرڪيٽ ڏسڻ جو جنون جاڳي پيو آهي الاءِ ڇا؟ هڪ دفعي پڇيو مانس ته: ”ڪرڪيٽ کيڏندو به آهين يا رڳو ڏسڻ جو شوق اٿئي؟“ ٿورو وائڙو ٿيندي چيائين ”نه“ مونکي ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ ڏسڻ ته ڇا مرڳو سمجهه ۾ ئي نه ايندي آهي.“
چيو مانس ته ”هونديون ته هوٽل جي ٽي وي اسڪرين ۾ اکيون اٿئي“
لڄاري مرڪ چپن تي آڻيندي چيائين ”اهو ٻيو مسئلو آ“ اهو ٻيو ڪهڙو مسئو آ، ان سان مونکي سروڪار ڪونهي، ٻئي ٽئي ڏينهن وري مليو، مذاقاً پڇيو مانس: ”ڪيڏهان پيو وڃين؟“ کلي چيائين: ”ڪونه ٻڌائيندس.“
هو ڀلي نه ٻڌائي پر مونکي ايتري خبر آهي ته هو پنهنجي سڀاءَ ۾ ڪوئي رمتو جوڳي معلوم ٿيندو آهي. جيڪو عشق جي گيڙو ڪفني پهري من جي مُرليءَ تي ننهن جي کپر نانگ کي نچائي نِچائي جڏهن ٿڪبو هوندو تڏهن لوڪان لڪائي ٿڌن شوڪارن سان لُڙڪ گرم ڳاڙي ڪاڳر ڪارا ڪندو هوندو.
لطيف چيو ته ”جوڳيءَ تي جڙا نسورو ئي نينهن جو-“
پر شيخ اياز چئي ٿو ته:

ماڻهون سڀ هڪجهڙا آهن.
هر ماڻهون کي بک لڳي ٿي،
هر ماڻهون کي اڃ لڳي ٿي.
پيار سواءِ هر ماڻهو کي ڄڻ
ساري دنيا سڃ لڳي ٿي.
ڪنهن ماڻهو جي دنيا تڏهن لٽبي آهي جڏهن دلوارا اچانڪ اوپرا ٿي پوندا آهن ته ڪنهن دل جلئي شاعر جون آهون ارمان بنجي پونديون آهن ته؛
ڪڏهن باغ به ڪٽجي ويندا آهن.
ڪڏهن کوهه به لٽجي ويندا آهن..
دانهون نه ڪر او دلڙي چري،
ڪڏهن دوست به مٽجي ويندا آهن.
حمل فقير جو ارمان ته ان کان به وڏو آهي،
سڄڻ مٺا جي ساهه کان سامهان ٿياسيئي.
ياراڻي يارن مان ويئي ڙي ويئي.

آهون لڙڪ ۽ سڏڪا ڪجهه به ڪارگر نه ٿئي، محبوبن جي من جو پوپٽ وري ان ساڳئي گل جو واس وٺڻ پوءِ به نه اچي ته پوءِ؟ ڪارين راتين جي اڪيلاين ۾ ڪنهن ڪوي کي ڀرپور ساٿ ڏيڻ لاءِ ايندا آهن. ته بس نيڻن جا بند ڀڃي سندس ڳوڙها ئي اچي ساٿي بڻبا آهن. عشق جي انجام کان باخبر سهوڳيءَ جي من ۾ پوءِ اها تمنا ڪنهن ڪنهن مهل ڪر کڻي جاڳي پوندي آهي ته؛
من پرچي پون پانڌ پائي ڏسان،
رٺل يار کي اڄ مڃائي ڏسان.

ڇو ته خواب، خوشبوءِ ۽ خواهش تي ڪڏهن به ڪنهن جو پهرو بيهي نٿو سگهي- پر پرين کي پرچائڻ لاءِ واسطو وجهجي....! ته ڪنهن جو؟
ڪهڙو قسم قبول پوندو؟ متان پرين تي پنهنجو ئي قسم اثر انداز ٿي سگهي. انڪري سرور ڪيريو به پرين کي آخري التجا ٿو ڪري ته:
سرور تنهنجو مرڻ ڪنڌيءَ تي،
توکي ان جو قسم ڏسي وڃ.
**

(هي مضمون س. ا . س شاخ سڪرنڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري مرحوم سرور ڪيريي جي زندگيءَ ۾ لکي ساڻس رچايل رهاڻ ۾ پڙهيو ويو. سرور ڪيريو جنهن سڪرنڊ جي تاريخي ڳوٺ ستيارو ۾ 24 اپريل 1970ع ۾ جنم ورتو، سڪرنڊ شهر ۾ پرائمري استاد ٿي رهيو ۽ چاليهن سالن جي عمر ۾ 16 مارچ 2010ع ۾ پهرئين هارٽ اٽيڪ ۾ وفات ڪري ويو.(