شخصيتون ۽ خاڪا

من من مورَ ٽھوڪا

علي نواز ڏاهريءَ جي لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي، هن  ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھريون ڀاڱو "جن جون جايون جيءَ ۾" جي عنوان تحت 12 مضمونن، ٻيو حصو "هر دل ڪيئي ڪتاب" جي عنوان هيٺ 8 مضمونن ۽ ٽيون ڀاڱو "سور پريان جا ساڻ مون" جي عنوان تحت 10 مضمونن تي مشتمل آهي. علي نواز ڏاهريءَ جا لکيل هي مضمون احساسن جو اهڙو جامع ڀنڊار آهي جنھن مان لفظ رقص ڪندي ڀائنجن ٿا. هن وٽ اظھار لاءِ انيڪ لفظن جو خزانو آهي. سندس نثر مان خوشبو ڦھلجي رهي آهي.

Title Cover of book من من مورَ ٽھوڪا

”آواز اندر جو“ هوندو آ، (سائين ارشد جو ڪتاب ”آواز آ اندر جو“)

سنڌي ادب ۾ هن وقت جيڪي چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا پربت پهاڙ جيڏا قداور باڪردار، باڪمال ۽ عشق وطن ۾ مست الست نانءُ بچيا آهن، جن جو معصوم وجود موجوده ادب لاءِ ”شفقت جو ڇانورو“ بڻيل آهي، تن ۾ هڪڙو نانءُ سائين عبدالحڪيم ”ارشد“ جو به آهي. اهو سائين ”ارشد“ جيڪو پنهنجي انهيءَ ڪردار جي حوالي سان، پنهنجي لاءِ چوي ٿو ته:
ڳجهه ئي ڳجهه ۾ روح رهاڻ،
ٻاهر ”ارشد“ چپ. چپاتِ.
*
”ارشد“ ڏاڍو ارڏو هو،
عشق بنايس نيٺ فقير.
*
”ارشد“ وٽ آ ڳالهه ڳجهي،
ويهه ته کوليان، مخفي مام.

اهڙي طرح سائين ارشد ادب جي اڀ جو اهو ”وهاڻو تارو“ آهي جنهن جي ڏات جي روشني صدين تائين سنڌ جي آڪاش هيٺ سرت ۽ ساڃاهه جا دڳ متعين ڪندي رهندي.
هو انائن کان ڪوهين ڏور گهاريندڙ، ڀٽائي جي سر رامڪليءَ جو اهڙو ڪو ڪردار آهي، جنهن جا پارپتا لطيف سائين اجهو هئين ڏنا آهن ته:
نِڪي کڻن پاڻ سين، نڪي ساڻن پاڻ،
اهڙا جن اهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ري،
سائين ارشد پنهنجي سڀاءَ ۾ انتهائي معصوم، ماٺيڻو، محبتون ورڇيندڙ ۽ دل جو سخي شخص آهي جيڪو پاڻ کان پوءِ ايندڙ هر تخليقڪار کي دل کولي داد ڏيڻ ۾ ڪڏهن به ڪنجوسي نه ڪندو آهي، توڙي جو اهو ڄاڻندو به ناهي ته انهي سُرَ جي ساز جو سرجڻهار به هو پاڻ ئي آهي.
شاعريءَ جي ميدان ۾ گجگوڙ مچائيندڙ، لفظن جي هن جادوگر پنهنجي زندگيءَ ۾ هونئن ته کوڙ ۽ ڀرپور، عشق پئي ڪيا هوندا، جو پاڻ ئي لکي ٿو ته:
جيرا، بڪيون سيخ ڪباب!
عشق جلائي عشق عذاب!
*
عشق جواني سونهن حجاب،
عشق اسانجو آ بيتاب.

ائين ڪيئي مجازن جون موملون هن جي رڳن ۾ رچي لڇيون ۽ تڙپيون هونديون، جن جا نيڻ هن جي سرهي سارَ ۾ پرهه کان پوءِ تائين به ڏيئا ٿي ٻريا هوندا. ۽ هنن جي اندر جي آتما اوڇنگار کان اڳ ۾ ئي، جيءَ جهونگاريو هوندو ته:
رائو رات نه آئيو، ويل ٽري ويئي
۽ جن جي روح جو راڻو بنجي هن ڪيئي ڪاڪ محلن جي پر پيچ ۽ پر خطر سوڙهين ڳلين ۾ پنهنجي سپنن جا گلاب پوکيندي، پنهنجي جيءَ جي جوڳ کي پچايو هوندو.
لڳو نينهن جن کي، ننڍون ڪيئن ڪن؟
رئن رات ساري، ۽ جيءَ ۾ جهرن.
*
متان عشق جو نانءُ ”ارشد“ وٺين،
هتي هر قدم ٿي ٿا ٽانڊا ٻرن.
*
محبت جي راهن ۾ ٽانڊا ٽڙيل،
قدم پوءِ به اڳتي وڌائي ڇڏيو.

ائين نينهن نڀائيندي هن ڪڏهن به سرجو سانگو نه ڪيو آهي، ۽ هن عشق جي ساک قائم رکڻ جي ڀرپور ڪوشش پئي ڪئي آهي.
اسان عشق جي ساک قائم رکي،
اسان سونهن تي سر ڪٽائي ڇڏيو.

پوءِ به سندس ٻه عشق لڪي نه لڪيا. ڇوته سندس چت کي چريو ڪندڙ ٻن ماهه جبين محبوبائن کان پاڻ به ڀلي ڀت واقف آهيون. پاڻ کي اها به خبر آهي ته سندس انهن ٻنهي محبوبائن هن جي پاڪ ۽ پوتئر محبت کي به جيئن جو تئين پئي قبول ڪيو آهي.
هي عجيب قسم جو عاشق زهر پيِاڪ آهي، جيڪو انهن ٻنهي محبوبائن مان هڪ کي ٻيءَ محبوبا تي فوقيت ڏيندو رهيو آهي، هن جي هڪ نخريلي محبوبا جو ناءُ آهي ”شاعري“ ۽ ان تي جنهن ٻي محبوبا کي فوقيت ڏيندو رهيو آهي، سا سندس سپنن جي سندر ماهه لقا آهي ”سنڌ“ ۽ هيءُ ان جي عشق ۾ ”فنافي السنڌ“ بڻيل آهي.
اسان سنڌ کي جو سنيهو ڏنو.
زماني جو آواز بنجي ويو،

۽ سنڌ جو جيڪو عالمي فڪري پيغام آهي. هن جي عمر ان فڪر جي پيغام جي پرچار ۾ گذري آهي.

دل ٿي چئي هاڻ ”ارشد“، سنڌ جون ڳالهيون ڪجن،
درد دل جو ونڊجي، ڦٽ اندر جا کولجن.
*
سنڌ توسان نينهن جو، ناتو اڃان ناهي ٽٽو،
جيستائين ساهه ”ارشد“ پاڙيو واعدو وچن.
*
بائيبل کان وٺي ايراني بابي تحريڪ تائين، موسى کان مارڪس تائين، سقراط کان سرمد ۽ منصور تائين محمد صلعم کان وٺي مودودي ۽ پرويزيءَ تائين امراءُ القيس کان وٺي خيام، رومي جامي، ۽ سعدي تائين ۽ ڪبير کان ٽئگور تائين ۽ ٽئگور کان پير اعجاز تائين اهي ڪهڙا فڪري چشما هئا، جتان هن ٻه چار ڍڪ پي اندر جي اڄ اجهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي، پر پوءِ به:
تن ۾ تونس پرينءَ جي، پيئان نه ڍاپان.
جيان هن جي من جي اڃ ويتر وڌندي رهي، ۽ پوءِ هو پنهنجي من جي وشال صحرا ۾ ڀٽڪندڙ ڪوئي جبروتي جوڳيئڙو بڻجي ٿو پوي، جنهن جي من جي پولار مان هر وقت ڪائي صدا ايندي ٿي رهي ته
”اندر اوهان ريءَ اچو ڙي اچو....“
نيٺ زندگيءَ جي ٽاڪ مجهند جي ٽاڻي ۾ هن جي اڃايل ۽ بيقرار روح کي کير ٿر جي پهاڙي اوٽ ۾ سنڌوءَ جي ڪنڌي تي سن شهر ۾ هڪڙي ٻڍڙي صوفي لاڪوفي جي صورت ۾ هڪڙو چشمو ملي ويو- جتان هي جئين جئين پيئندو ويو- تيئن تيئن هن تي نينهن جا نشا چڙهندا ويا. هي انهيءَ کيپ ۾ خمارجي لطيف سائين جي هن شعر جو تفسير بڻجي ويو ته:
پي پيالو عشق جو، سڀ ڪي سمجهيو سون،
مڌ پيئندي مون، ساجن سهي سڃاتو.

۽ سائين ارشد لطيف سائين جي انهيءَ مڌ جي حوالي سان لکيو ته
شاهه جي مٽ مان ”ارشد“ پيءُ.
توتي کلندا ڪيئي اسرار،
*
شاهه جي مٽ مان پيتو سين،
جرڪي جندڙي مهڪيو من.
*
شاهه جي بيتن ۾ اسرار،
کول رسالو ”ارشد“ يار.

هن وقت توڙي جو سندس نيڻن جي جوت جهڪي ٿيندي پئي وڃي، پر پوءِ به هي مايوس ناهي، ۽ پنهنجي ٻنهي محبوبائن جي مرڪن کي دل جي نيڻن سان چمندي فڪر سنڌ جي ڦهلاءَ جو فرض پورو ڪري رهيو آهي، ۽ سنڌ جي انهيءَ فڪر کي پنهنجي لفظن ۾ ائين ٿو پيش ڪري ته:
هندم، مسلم آدم زاد،
ڇاجي ڪلفت، ڇاجو وير!
*
عشق جو مذهب ڪر اختيار
توڙي ٻيا سڀ ٻنڌڻ پاڻ.
*
نمازي نه آهيان نڪي بت پرست،
اسان عشق مذهب ڪيو اختيار،

۽ پوءِ موجود صوتحال کي ڏسندي، هن جي من ۾ سوچن جا مچ ٻري ٿا پون هي سوچڻ ٿو لڳي ته سنڌ کي پنهنجو هي شاندار فڪري پيغام آهي، جنهن سان سنڌ کي دنيا جي امامت جو فرض ادا ڪرڻو آهي، اتي هي سڀ ڪجهه آخر ڇو ته:
مسجد مندر خوف حراس،
بستي بستي جنگ جدال.
*
هي هندو هي مسلم هي ويڇا هي وير؟!!
خبر ناهي ماڻهن کي ڇا ٿي ويو!؟

۽ هن کي لطيف ۽ سچل جي ڌرتيءَ جو هر فرد ته ائين هجڻ جي خواهش ڪري موڙي ٿي اٿي ته:
نمازي نه آهيان نڪي، بت پرست،
اسان عشق مذهب ڪيو اختيار،

۽ اهو مذهب هجي انسانذات سان عشق- ڇو ته اهو انسان ئي آهي جنهن جي تخليق کان سواءِ خدا کي هيءَ ساري ڪائنات ڇسي، ٻسي ۽ نامڪمل لڳي هئي- تڏهن آدم وجود ورتو هو، ۽ خدا جي هيءَ حسين ڪائنات تڪميل کي پڳي هئي. انسانذات جي محبت هڪٻئي سان ائين هئڻ گهرجي جئين لطيف سائين سمجهايو. هو ته:
ڪڙو منجهه ڪڙي، جئين لهارن لپيٽيو،
منهنجو جيءَ جڙي، سپريان سوگهو ڪيو.

اها ”ڪڙو منجهه ڪڙي“ واري محبت ئي انسانيت جو معراج آهي، جتي دينَ ڌَرم، فرقا ۽ نظريا سڀ ٿانوي حيثيت اختيار ڪيو وڃن. اهو ئي هن ڌرتيءَ جو دين آهي، اهو ئي محبت جو مذهب آهي، جنهن لاءِ سنڌ جي ڪنهن صوفي شاعر چيو هو ته:
عشق مڙئي اسلام، مذهب محبت عين مبارڪ.
ان ئي عشق کي سائين ارشد به سلامي آهي ۽ ان کي ئي پنهنجي پسند ٿو ڪوٺي.
جڏهن ڀي اسان کان پڇي پئي پسند
اسان نانءُ تنهنجو، پڪاري ڇڏيو،
*
اڙي عشق! توکي، اسان جو سلام،
اچي دل ۾ دل کي، تو جياري ڇڏيو.

۽ اهي هن ڌرتيءَ جي دين جا صحيفا، هن جي ڏات تي باقائدي نازل ٿيندا رهندا آهن، ۽ ان ڳالهه جو هو پاڻ به معترف آهي ته هن تي جڏهن عشق الهام ٿي لهندو آهي، ته هيءِ روح جي ٻولي به ٻڌي وٺندو آهي.
مان روح جي ٻولي ٻڌندو هان،
هي روح مخاطب ٿيندو آ،
آواز اندر جو هوندو آ،
جو گيت چپن تي ايندو آ.
**


(سائين ارشد جي شاعريءَ جي ڪتاب ”آواز اندر جو“ جي مهورتي تقريب ۾ پڙهيل پيپر.)