شخصيتون ۽ خاڪا

من من مورَ ٽھوڪا

علي نواز ڏاهريءَ جي لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي، هن  ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھريون ڀاڱو "جن جون جايون جيءَ ۾" جي عنوان تحت 12 مضمونن، ٻيو حصو "هر دل ڪيئي ڪتاب" جي عنوان هيٺ 8 مضمونن ۽ ٽيون ڀاڱو "سور پريان جا ساڻ مون" جي عنوان تحت 10 مضمونن تي مشتمل آهي. علي نواز ڏاهريءَ جا لکيل هي مضمون احساسن جو اهڙو جامع ڀنڊار آهي جنھن مان لفظ رقص ڪندي ڀائنجن ٿا. هن وٽ اظھار لاءِ انيڪ لفظن جو خزانو آهي. سندس نثر مان خوشبو ڦھلجي رهي آهي.

Title Cover of book من من مورَ ٽھوڪا

هڪ گونگي جو اعتراف جرم (ناول: نيٺ گونگي ڳالهايو)

سنڌي ٻولي جي لاثاني ۽ لافاني ليکڪ امر جليل جي لکڻ جو انداز بيان نرالو ۽ ٻين سڀني ليکڪن کان منفرد آهي. هو گهڻو ڪري پنهنجي تخليقي ڪردار کان ڳالهرائڻ مهل ڊائلاگن کان ڪم وٺندو آهي، توڙي جو پڙهندڙن کي خبر نه پوندي آهي ته سندس ڪردارن جي گفتگو مهل چرپر ڪهڙي آهي؟ يا سندن جسم تي پاتل ڊريس ڪهڙي آهي؟ يا سندن ڪپڙن جو رنگ وغيره ڪهڙو آهي؟ ٻين لفظن ۾ سندس تحريرن ۾ احمد نديم قاسمي واري منظر نگاري نه هوندي آهي. پوءِ به مخصوص ڊائلاگن جي آڙ ۾ مزاح جو ويس ڍڪائي اهڙو ڪڙو ڪسارو ۽ آگرو سچ چئي ويندو آهي، جو سندس قلمي ڪاوشن کي سلام نه ڪرڻ کان رهي نه سگهبو آهي.
اها شايد سندس قلم جي سگهه ئي آهي، جو ويجهي ماضي ۾ ڀارت جي شهر ايوڌيا جي بابري مسجد جي شهادت جي آڙ وٺي جڏهن هتان جي جنوني مسلمانن طرفان پنهنجي آخري نبي (صلعم) جي امت سڏائيندي به سندس تعليم کي پٺي ڏئي، سنڌ جي سڀني شهرن ۾ قائم غير مسلمن جي مندرن کي ساڙي ۽ سندن ملڪيتن کي نقصان رسائي شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي سر زمين تي هڪ دفعو وري مشهور عرب لٽيري محمد بن قاسم جي دور جي ياد تازي ڪئي وئي هئي.
ان وقت ڪنڌ ڪوٽ سنڌ جي انهن چند شهرن مان هڪ هو جيڪو اهڙي انسانيت دشمن عمل ۽ سازشي، سنڌ- دشمن جنونين جي شر کان محفوظ رهيو- ان جا ٻيا سبب ته ڪهڙا به هجن پر اسين ان کي امرجليل جي قلم جي سگهه ٿا تصور ڪريون. جو هن ”سرد لاش جو سفر“ جهڙي جذبن کي جنجهوڙيندڙ ڪهاڻي لکي ڪنڌ ڪوٽين جي ضمير تان مذهبي ڪٽرپڻي جا زنگ لاهي ڇڏيا. جو وري ٻيو دفعو سڄي سنڌ ۾ اهڙا قهري ڪلور ٿيا، مگر ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڪو مندر ڪو نه سڙيو. ڪنهن ساوتري جو تقدس پائمال ڪو نه ٿيو. نه ڪنهن انڌرا جي مئل جسم سان گينگ ريپ ٿيو. نه ڪنهن معصوم پريتوءَ جي مئل زنا ٿيل جسم کي نعره تڪبير- الله اڪبر جا نعرا هڻي ٽنگن جي وچ مان مٺئي تائين خنجر وجهي، آنڊا ڪڍي اسلام جي خدمت ڪئي وئي.
ڪنهن ڪهاڻيڪار جي رڳو هڪ ڪهاڻي ئي ڪنهن شهر کي هڪ دفعو وڌيڪ مذهبي نفرتن جي آڙاهه جي تَوَ کان بچائي ٿي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي انسانيت جي خدمت ٿي سگهي ٿي، امر جليل جيڪڏهن رڳو هڪ ئي ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر“ لکي پنهنجي قلم کي هميشه لاءِ روڪي ڇڏي ها ته به سنڌي اديبن ۽ ادب دوستن وٽ سندس مان ۽ مرتبو ايترو ئي هجي ها جيترو هينئر، مگر امر جليل نه رڳو اها ڪهاڻي لکي خاموشي اختيار نه ڪئي، پر هڪ عوام ڏانهن جوابدار ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ هن ”منهنجو پٽ مهدي“، ”آدم جي ماءُ“، ”هڪ خطرناڪ سنڌ پرست جي ڳولا“، ”گامون سچار جي پٽ جو انٽرويو“، ”سنڌي گدڙ ان اسلام آباد“ ۽ ”جڏهن مان نه هوندس“ اهڙيون سوين ڪهاڻيون لکي نه رڳو سنڌي ادب جي خدمت ڪئي آهي، مگر هن ثابت ڪيو آهي ته هو جنهن به مسئلي تي ۽ جڏهن به لکڻ به چاهي ته هڪ ڀرپور ۽ شاندار ڪهاڻي لکي سگهي ٿو، ڇو ته قلم سندس غلام آهي، جنهن کان جهڙي به ڪهاڻي لکائي وس وارو آهي.
ٽيليوزن تي ڊرامانگار جي حوالي سان مشهور هن اديب جي هر ڪهاڻي هر ڊرامون، هر ڊائلاگ هر ڪالم هر سٽ سنڌي عوام ۽ خصوصاً سندس پڙهندڙن جي دلين تي يادين جا حَسين نقش ڇڏي ويندو آهي، ان جو هڪ سبب اهو آهي ته هيءَ پنهنجي ڏات جو سوداگر نه ٿيو آهي. ٻيو ته هن ڪردار گهڻو ڪري عام ماڻهن مان چونڊيا آهن.
تازو ئي سندس هڪ نئون ناول ڇپيو آهي، ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ جئين نالي مان ئي پڌرو آهي ته گونگو ڳالهائيندو ناهي، زبان سندس وات ۾ موجود هوندي آهي، پوءِ به ڳالهائڻ سندس وس کان ٻاهر هوندو آهي. مگر امرجليل ٻڌائي ٿو ته پوليس جيڪڏهن چاهي ته نه رڳو گونگي کان ڳالهارائي سگهي ٿي پر ٻوڙي کان ٻڌرائي به سگهي ٿي ۽ انڌي کي به هي سموري رنگين دنيا ته نه پر ٽارچر سيل جا سڀئي حصا به ڏيکاري سگهي ٿي.
سنڌ جي هڪ ڏاهي محترم عبدالواحد آريسر جي لفظن ۾ ته ”اڄ جو دور ڊش اينٽينا جو دور آهي. جو ڌرتي جي هڪ ڪنڊ جزائر انڊ مان ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڪاري جي پٺيءَ تي ڦٽڪو ٿو لڳي ته وائيٽ هائوس (آمريڪا) ۾ بحث ٿا ٿين ته انساني حقن جي خلاف ورزي ٿي ٿئي“ ان ساڳي ڊش اينٽينا جي دور ۾ امر جليل ٻڌائي ٿو ته ”هت نه رڳو انسان حقن جي کليل خلاف ورزي ٿئي ٿي. پر زياستي خفيه ايجنسيون توڙي پوليس سرعام انسانيت جي تذليل ۽ توهين ڪندي ٿي وتي. جاچ ۽ تفتيش جي نالي ۾ هو ڪنهن به گرفتار ڪيل جا لوهي پڪڙن سان ڇڪي ننهن به ڪڍي سگهن ٿا. ٽنگون، ٻانهون، پاسريون: ويندي هر عضوو به ڀڃي سگهن ٿا. بي پناهه تشدد کان پوءِ جيڪڏهن ڪو قيدي لاڪپ ۾ مري پوي ٿو ته ان لاءِ اهو مشهور ڪيو ويندو آهي، ته قيديءَ خودڪشي ڪري ڇڏي يا فرار ٿي ويو، انهن کي اها به اجازت هوندي آهي ته هو ڪنهن گلاب احمد کي گلاب چند ۽ ڪنهن جوڳيءَ کي تارا چند ظاهر ڪري کين ڪنهن ملڪ جو “ايجنٽ” قرار ڏئي ڇڏين، ڪنهن به بيڏوهي کي نه ڪيل ڏوهه جو قبولدار بنائڻ هنن جي پنهنجي لکيل قانون جو ڄڻ ته اهو فقرو هجي“ جيئن هن ناول ۾ لکيل هڪ ڪرادر کان چورائي ٿو ته:
”تون ڇا ٿو سمجهين! چارڻ ڪاوڙجي چيو، ”ڏوهه ثابت ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم آهي، هڪ دفعو پوليس کي ور چڙهي وئين ته لياقت علي خان وارو به خون به توتي مڙهي ڇڏيندا”
”مون کي خبر آهي. مون کي خبر آهي ته چاهين ته ابراهام لنڪن ۽ ڪينيڊي جي خون جي لزام ۾ ٻڌي آمريڪا روانو ڪري ڇڏين“ (صفحه 31-30)
پوليس کي مليل اختيارن متعلق اڳتي لکي ٿو ته:
هڪ پوليس واري جي لکيل ايف آءِ آر تي ملڪ جو وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهي چڙهي ويو هو.... ڪيئن!
”مان ذوالفقار علي ڀٽو ناهيان“ بيزار ٿيندي چيم ”مان هڪ عام رواجي انسان آهيان. پوليس، مون سان اهڙو برتاءُ ڇو ڪنديَ!“
چيائين پوليس جي لاڪبن ۽ جيلن ۾ بند سڀئي، ماڻهون ذوالفقار علي ڀٽو نه هوندا آهن. هوءِ تو وانگر عام رواجي انسان هوندا آهن. هو ڪارڪردگي وارن فائلن جو کاڄ ٿي ويندا آهن. (صفحو 39)
جن جو کاڄ ئي ماڻهو هجي. ۽ ڪم نامنهاد قانون جي پوئواري هجي ۽ تفتيش جي نالي ۾ انهن کي هر عذاب ۽ هر تعديءَ جي اجازت هجي ته انهن جا اندر توڙي ٻاهر، شڪليون توڙي روح وحشت پڻي جو نمونو هجڻ به فطري عمل هوندو آهي. بقول ليکڪ جي:
”مونکي پڪ ته ڪونهي، پر سمجهان ٿو ته پوري ايشيا کنڊ ۾ تفتيش جي نالي ۾ سڀ کان ڀوائتا ۽ روح فنا ڪندڙ عذاب اسان وٽ ئي ڏنا ويندا آهن، جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته سپاهين کان وٺي، اعلى عملدارن تائين پوليس وارن جون شڪليون ايترون قدر مڪروه ۽ ڀوائيتون نه هجن ها. (صفحو 31)
پوليس جي اهڙي ڪاردڪرگي اڄ تائين عوام توڙي هن معاشري کي ڇا ڏنو آهي؟ اهو هڪ سوال آهي جيڪو ڪنهن به عام ماڻهو جي ذهن ۾ جنم وٺي سگهي ٿو، پر هن ملڪ جي اصل ڪرتا ڌر تائن جي ذهن ۾ به اِن ۽ ان قسم جي ٻين سوالن ڪڏهن جنم ورتو آهي؟ جيڪڏهن اِن سوال کڻي سندس ذهنن ۾ جنم ورتو به هجي، ته کين ان جو جواب ڪڏهن ذهن جي ڪنهن ڪنڊ مان مليو آهي؟ ان جي مونکي خبر ناهي پر:
”مون اڪثر محسوس ڪيو آهي ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن وٽ ڌاڙيل ۽ ڏوهارين پيداڪرڻ جون فيڪٽريون آهن، هڪ دفعي لاءِ پوليس جي ور چڙهي وڃڻ کان پوءِ ماڻهو ڌاڙيل يا ڏوهاري ٿي پوندو آهي يا وري ملڪ جو باغي ۽ غدار“ (صفحو99-100)

امر جليل اهو ناول اسلام آباد ۾ ويهي لکيو آهي اسلام آباد جيڪا مضبوط مرڪز جي حوالي سان مشهور ملڪ جي گادي جو هنڌ آهي، اِن اسلام آباد لاءِ ليکڪ لکي ٿو ته :
”اسلام آباد ۾ مونکي اسلام ته نه مليو پر مون اسلام آباد ۾ ذالفقار علي ڀٽي جو زوال اکين سان ڏٺو- زوال وقت ذوالفقار علي ڀٽي جي هٿن ۾ اسلام جو جهنڊو هو ۽ جن سندس زوال آندو تن جي هٿن ۾ به اسلام جو جهنڊو هو.“ (صفحو 77)
ان اسلام آباد ۾ رهڻ ڪري هِن کي اُها به خبر آهي ته:
”فيصل آباد، ملتان، سيالڪوٽ، چنيوٽ، فتح جنگ، اهڙا علائقا آهن جتي روزانه ڌاڙا لڳندا آهن، خون ٿيندا آهن اغوا جون ورداتون ٿينديون آهن، پر انهن بابت اخبارن ۾ نه سرخيون شايع ٿينديون آهن، ۽ نه اهڙين خبرن کي اهميت ڏئي اخبار جي پهرين صفحي تي شايع ڪيو ويندو آهي.“
اسلام آباد ۾ سنڌ جا دهشت گرد ”اخبارن جي مستقل سُرخي ۽ وڏي خبر کڻي سنڌ جو ذڪر ائين ڪيو هئائون ڄڻ هند! دهشت گرد ڄڻ ته سنڌ جا نه بلڪه هند جا هئا، ۽ ملڪ جي سالميت يڪجهتي ۽ ڀائي چاري کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو هئائون،“
”دهشتگردن جي سرغني کي پکيڙيائون يا اڃان روپوش آهي؟“ پاسي کان ويٺل شخص ٻيهر پڇيو مون اردو اخبار ڏانهنس وڌائي، هن اخبار موٽائيندي چيو ”مان پڙهيل ناهيان“ کانئس اخبار وٺندي”چيم ”دهشتگردن جي سرغني کي اڃان نه پڪڙيو اٿائون.“
ٻيو ڇا ٿي لکي اخبار؟“ هن پڇيو.
چيم ”چنيوٽ جي هڪ ڳوٺ ۾ زميندارن عورتن کي اگهاڙو ڪري جلوس ڪڍيو آهي“
”نه... نه...!“ هن هڪدم چيو اخبارن سنڌي دهشتگردن بابت ڇا لکيو آهي؟“ (صفحو 105-106)
اهو آهي اسلام آباد ۾ ويٺل غير سنڌين جي سنڌين کي سمجهڻ جو سياسي شعور، هو نه رڳو ڪنهن گونگي ۽ ڪنهن جوڳي جهڙي عام ماڻهو ۽ ڪنهن بربٽ صحرائي جهڙي مولائي شاعر کي دهشتگرد ٿا سمجهن ته اهي اسلام آباد کي تباهه ڪرڻ جي نيت سان اسلام آباد ۾ داخل ٿيا آهن پر ملڪ جي هڪ اهم شخصيت جنهن جو واسطو سنڌسان آهي اِن لاءِ به اهڙا ئي جذبا رکن ٿا.“
وراڻيائين”مخالف ڌُر بينظير حڪومت تي بلڪ خود بينظير تي الزام مڙهيو آهي، ته هوءَ سنڌ جي دهشتگردن جي پشت پناهي ڪري رهي آهي، جنهن ۾ سندس مڙس آصف علي زرداري شامل آهي، ۽ اسلام آباد ۾ دهشگردن جي موجودگي اِن جو ثبوت آهي.“ (صفحو 198)
اسلام آباد جي رهواسين جو سنڌين کي دهشتگرد، ڌاڙيل، ملڪ دشمن، دشمن ملڪ جو ايجنٽ، غدار ۽ ملڪ دورهي سمجهڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، هو ته بنگالين کي به ملڪ دشمن، غدار، دشمن ملڪ جو ايجنٽ، دهشتگرد، ڌاڙيل محسوس ڪندا هئا، پر بنگالين جا سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلا ڪهڙا هئا، ان سان ڪنهن به مغربي پاڪستاني جي دلچسپي نه هئي، جئين هڪ بنگالي ڪردار کان اها سڄي حقيقت بيان ڪرائي وئي آهي، جو چوي ٿو ته:
”توهين مغربي پاڪستان وارا اسان بنگالين جي باري ۾ اِن کان وڌيڪ ٻيو ڇا ٿا ڄاڻو ته اسين بنگالي ملڪ ۾ ملت جا دشمن آهيون ۽ اسان نظريه پاڪستان کي دل سان قبول نه ڪيو آهي!، اسين هندستان جا ايجنٽ آهيون، اِن کان سواءِ اسان جي باري ۾ توهان مغربي پاڪستان وارن کي ڪهڙي معلومات آهي؟ توهان کي خبر آهي ته اسان جا سياسي مسئلا ڪهڙا آهن؟ اسان جا اقتصادي مسئلا ڪهڙا آهن؟ اسان جا معاشي مسئلا ڪهڙا آهن؟ بنگالي ٻولي ادب ۽ ثقافت جي باري ۾ توهان کي ڪيتري ڄاڻ آهي؟ ڌرتيءَ سان اسان جي رشتي جي باري ۾ توهان کي ڪهڙي خبر آهي؟ توهين وڏا جاهل ۽ بي خبر آهيو توهان کي پنهنجي جهالت جي وڏي قيمت ادا ڪرڻ پوندي.“ (صفحو 89)
نه رڳو اهو پر:
”مشرقي پاڪستان چوويهن سالن تائين پاڪستان جو حصو هو پر اڄ تائين موجوده پاڪستان جو ڪو به چڱو چوکو پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو مشرقي پاڪستان جي ٽن اديبن، ٽن شاعرن، ٽن مصورن، ٽن موسيقارن، ٽن صحافين، ۽ ٽن شهيدن جا نالا نه ٻڌائي سگهندو ” موجوده پاڪستان جي ڪنهن به ڪاليج ۽ ڪنهن به يونيورسٽي ۾ تاريخ جو ڪو به پروفيسر مشرقي پاڪستان جي تاريخ تي يقين سان ورلي ڏهه منٽ ڳالهائي سگهندو“ (صفحو 72-73)
پوءِ به دانهن اها ته بنگالين ملڪ کي پنهنجو وطن تسليم نه ڪيو هو. اڄ سنڌي قوم لاءِ به ساڳيا جذبا آهن- اسلام آباد ۾ داخل ٿيندڙ هر سنڌيءَ تي دهشتگرد ۽ ڌاڙيل هئڻ جو شڪ ڪري خفيه ايجنسيون تحقيقات ڪنديون رهن ٿيون. پر آهي ڪو اهڙو ماڻهو جيڪو انهن کي باور ڪرائي ته سنڌي ڌاڙيل ناهن، دهشتگرد ناهن، هن ملڪ جا شريف شهري آهن. پر ڪير آهي، جيڪو خفيه ايجنسين کي ان ڳالهه جو يقين ڏياري ناول جو هيرو سوچي ٿو:
”نئين جمهوري دور ۾ سنڌ جا انيڪ نوجوان اسلام آباد ۾ اچي وزير ٿيا آهن. ڇو نه هنن سان ملجي- نوجوان آهن، جذبن سان ڀرپور آهن، منهنجي ڳالهه ٻڌندا، منهنجي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. علينواز شاهه، پرويز علي شاهه، مهرعلي شاهه، قائم علي شاهه، مولا علي شاهه، ۽ ان قسم جا انيڪ نوجوان شاهه منهنجا واقف ڪار هئا. ڳڙهي ياسين، سلطان ڪوٽ ۽ شڪار پور وارو آغا طارق واقف هو.“ (صفحو 105)
پر خفيه ايجنسين لاءِ ڪم ڪندڙ مگر ساڻس وفادار سندس گرل فرينڊس ٻڌائيس ٿي ته:
”مان نٿي سمجهان ته سنڌ جي ڪنهن ايم اين اي ۾ ايترو دم خم آهي جو خفيه ايجنسين جي معاملي ۾ دخل اندازي ڪري سگهي.
(صفحو 136)
نه رڳو سنڌي وزيرن ۽ ايم اين ايز جي اُها حالت آهي پر اسان جو بيوروڪريٽ دانشور (مراد ٺاٺارو جنهن جي علامت آهي).
”....... ان جي نگاهه اُفق تي ۽ قدم ترقيءَ جي ڏاڪي تي هو. ان ۾ ويچاري جو ڏوهه نه هو، کلڻو چرچائي، ٺوڙهو، مگر ٺاهوڪو، سنڌ مان ڪوچ ڪري جڏهن اسلام آباد آيو هو ته فقط ڇوٽي موٽي نوڪري ڪرڻ نه آيو هو- سنگتين ساٿين کي خبر هئي ته مراد ٺاٺارو اسلام آباد فتح ڪرڻ آيو هو، ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي هن ڪمال ذهانت سان اقتدار جي ايوانن ۾ پنهنجي ذهانيت جا واڄٽ وڄائي ڇڏيا. نوڪري ۾ رکيو هئائونس ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾، پر وڌيڪ سرخرو ٿيو جنرل ضياءَ جي مارشل لا واري ڏهاڪي ۾- ضياءَ جي انيڪ صلاحڪارن مان ڪن کي پنهنجو مامون ڪن کي چاچو ڪن ڀاءُ ۽ ڪن کي ڀاڻيجو ڪري ڇڏيو هئائين، جنهن ڏينهن جنرل ضياءَ جو جهاز بهاولپور ۾ ڪِري تباهه ٿيو هو تنهن ڏينهن ٽيليوزن تي خبرون پڙهڻ واري اظهر لوڌيءَ کان وڌيڪ مراد ٺاٺاري کي روئندي ۽ هنجهون هاريندي ڏٺو ويو. ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته ٺاٺارو جنرل ضياءَ جي پٽن اعجازالحق ۽ انوارالحق کان وڌيڪ رنو هو، سندس ذهانت جي انتها هئي، جو گهر جي جنهن ڪمري ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي تصوير رکي هيائين تنهن ڪمري ۾ جنرل ضياءَ جا صلاحڪار کانئس سنڌ جي باري ۾ معلومات هٿ ڪرڻ ايندا هئا. اصل ۾ جنرل ضياءَ جا صلاحڪار کيس سنڌ جي اڻ ٿانيئڪي صورتحال تي سونهون سمجهندا هئا- سنڌ ۾ سنڌي خوش ته مظبوط مرڪز ۾ اسان جو دانشور خيما کوڙي ويٺو آهي ۽ سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪري رهيو آهي- مرڪز ۾ مقبول ۽ سنڌ ۾ سرخرو! اهڙو آهي، اسان جو يار مراد ٺاٺارو.
بينظير ڀٽو اقتدار ۾ آئي ته اسان وارو يار ٺاٺارو سندس باڊي گارڊن ۾ وڃي شامل ٿيو، ان دور ۾ پرائيم منسٽر هائوس جي ٻاهران ڪمانڊوز کان سواءِ مراد ٺاٺارو به پابندي سان نظر ايندو هو- انهيءَ ڏينهن ۾ جن سڄڻن سياسي مشورن سان بينظير کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو، هو مراد ٺاٺارو انهن ۾ سرفهرست هو.(صفحو 93- 92)
اڳتي لکي ٿو ته ”اسيمبيلي ميمبرن ۽ مرڪزي سيڪريٽرين کي انبن جا کوکا چيڪو، ڪينو، ماکيءَ جا شيشا، ڪڪڙ ۽ قوت باهه جا ڪيپسول، پڄائڻ ڄڻ ته سندس عادت هئي“ اهي آهن اسان جي قوم جي دانشورن جا ڪارناما.

هن ناول ۾ ليکڪ هڪ ڏاڍو اهم ۽ بحث جوڳو موضوع کڻيو آهي، ته سنڌ ۾ دهشتگردي جي شروعات ڪڏهن ٿي، هٿيارن جي ڊوڙ ڪڏهن شروع ٿي. پاڻ ٻڌائي ٿو ته جنرل ضياءَ جي دور ۾ روسي ڪيميونسٽن جي يلغار کان پوءِ افغانستان ۾ حالتون اهڙيون ڪيون ويون هيون جو سڌي توڙي اڻ سڌي طرح افغانستان جو هر شهري جنگ ۾ شامل ٿي ويو هو- جنگ جي ڪري کاڌي جي شين جي قلت ٿي ويئي لکي ٿو:
”جنگ سبب افغانستان ۾ بک ۽ بيماري منهن ڪڍيو هو، يورپ ۽ آمريڪا مان افغان مجاهدن کي وڙهڻ لاءِ جديد هٿيارن ملي رهيا هئا، روڪڙ ڏوڪڙ ۽ کاڌو خوراڪ نه ۽ جيڪڏهن کاڌو خوراڪ ڪٿان آيو پئي، ته اهو دٻن ۾ بند ۽ افغانين کي قبول نه هو، تنهن ڪري اضافي هٿيار وڪڻي هو هٿ آيل پئسن مان افغاني ٻارن لاءِ کاڌو خوراڪ ۽ دوائون خريد ڪري افغانستان ۾ پهچندا هئا. (صفحو 190)
افغانستان کي ملندڙ هٿيار گهڻو ڪري سنڌ موڪليا ويندا هئا- جيڪي خاص ڪري ڌاڙيل ۽ دهشتگرد وٺندا هئا.
”ڌاڙيلن کي ڇڏي سنڌين ورلي ڪي هٿيار ورتا آهن“(صفحو 191)
سمگل ٿيل هٿيار جون ٽرڪون روهڙي وٽ پهچنديون هيون ته اُتي ٻه ڌريون ٽرڪن سان ملنديون هيون- خيرپور وٽان ڌاڙيلن لاءِ هڪ ڌر هٿيار کڻي ويندي هئي“ ۽ سکر وٽان ٻي ڌر حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي شهري علائقن لاءِ هٿيار کڻي ويندي آهي. اهي به رات جي اونداهي ۾ نه پر ڏينهن ڏٺي جو ڇو ته پڇا ڳاڇا ڪرڻ وارن جون اکيون پيٽ ۾ هونديون آهن. جڏهن سندس پيٽ ڀريل هوندو آهي تڏهن سندس اکيون بند هونديون آهن، هٿيارن جي اها سرعام سمگلنگ اسلام آباد ۾ رهندڙ پٺاڻن جي معرفت ٿيندي آهي پوءِ اهو پٺاڻ ڀاڄيون کڻندڙ ڊائيور هجي يا ڪنهن اسپتال جو ڊاڪٽر، پيشو ڪهڙو به هجي پر اهو ساڳيو ڪم پنهنجي قومي جوابداري سمجهي ڪندا آهن. اهي هٿيارن جا واپاري ظاهر ۾ وري انسانيت جا وڏا علمبردار نظر ايندا آهن. پر ڇا پنهنجي ٻارن لاءِ کاڌو ۽ دوائون حاصل ڪرڻ لاءِ هٿيار موڪلي دهشتگرديءَ جا ڄار پکيڙي، ٻين جا ٻار يتيم ڪرائڻ ۽ چوڌاري بارود جي بوءِ پکيڙي، ڪوس ۽ قتل عام ڪرائڻ انسانيت آهي؟ سوين سال اڳ ڪو شاعر تڏهن ته چئي ويو آهي ته:
”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، توکي قنڌارئون جوکو،“
هن ناول ۾ هڪ نفسياتي پهلو به شامل ڪيو ويو آهي ته:
”عورت بنيادي طرح ماءُ آهي، هوءَ هو مرد ۾ هڪ ٻار کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.“ (صفحو 227)
اهو ئي سبب آهي جو افغان نرس سسٽر زيتون پنهنجي جان جي قرباني ڏئي به هڪ بينام رشتي واري هڪ سنڌي مرد کي بچائي اسپتال مان فرار ٿي ڪرائي. ته شالي جيڪا خفيه ادارن جي ايجنٽ آهي، ان جڏهن وفا جو قسم کاڌو تڏهن پنهنجي ٽنگ تي گولين جو برسٽ جهلي به هڪ ملڪ سان غداري واري الزام هيٺ آيل شخص کي نه رڳو موت جي منهن مان بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، مگر ان لاءِ هوءَ قانوني جنگ به لڙي ٿي. هنن ٻنهي ڪردارن کي پڙهي اهو ٿو محسوس ٿئي ته انگلستان جي قومي شاعر شيڪسپيئر جنهن چيو هو ته ”اي عورت تنهنجو ٻيو نالو بي وفائي آهي“ تنهن جو ڄڻ ڪڏهن ڪنهن عورت سان واسطو پيو ئي ڪونه هو.
منهنجي پنهنجي راءِ آهي ته، امر جليل جو هي ناول نهايت ڀرپور ناول آهي، ۽ امر جليل نه رڳو هن ناول جي هر ڪردار سان نڀايو آهي مگر ڪنهن شاعر وانگر تشبيهن جو استعمال به ڏاڍو شاندار ڪيو آهي، هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
”اسلام آباد ۾ اسلام اسان جو سنگتي ۽ پاڙيسري اهڙي نموني گم ٿي ويو آهي جئين سچ،“ (صفحو 14)
ٻئي هنڌ وري رات کي ماءُ جي هنج سان تشبيهه ڏيندي لکي ٿو ته:
”ڏينهن کي ڀلي شينهن سڏجي پر رات ماءُ جي هنج وانگر پناهه ڏيندي آهي“ (صفحو 56)
ليکڪ نه رڳو تشبيهن جو شاندار ۽ خوبصورت استعمال ڪيو آهي مگر ڪٿي ڪٿي ٽيڪنيڪل غلطيون به ڪري ويو آهي، جيڪي امر جليل جهڙي سگهاري ليکڪ کي نه ٿيون سونهن. لکي ٿو:
”سوچيم برپٽ صحرائي ٺيڪ آهي، ڇڙو ڇانڊ آهي، ۽ مٿان وري شاعر قسم جو ماڻهو آهي، روپوشي دوران سندس ڪلام پيو ٻڌندس.“ (صفحو 25)
وري اڳتي هلي ڇڙي ڇانڊ برپٽ صحرائي لاءِ اڳئين صفحي تي لکي ٿو ته:
”برپٽ صحرائي مولائي مڙس آهي اٺن ٻارن جو پيءُ آهي“ (صفحو 26)
وري ساڳئي صفحي تي لکي ٿو ته : ٻن ڪمرن واري ڪوارٽر برپٽ صحرائي پنهنجي هڪ عدد زال، اٺن ٻارن، پوڙهي ماءُ هڪ چرسي مامي، ٻن ڀائرن ۽ ٽن ڀينرن سان رهندو آهي.“ (صفحو 26)
يعني اڳئين صفحي تي برپٽ صحرائي ڇڙهو ڇانڊ وري يڪدم اٺن ٻارن جو پيءُ ۽ ٻن سٽن کانپوءِ چين جي بري فوج جيڏي آڪهه- سندس ٻارن جو تعداد اتي ئي مڪمل ڪري ها تڏهن به ٺيڪ هو، پر اڳتي سندس ٻارن جو تعداد ٻارنهن تائين آندو اٿس. لکي ٿو ته:
باقي رهيو برپٽ صحرائي اسان جو باغي شاعر ستن پٽن ۽ پنجن نياڻن جو پيءُ. (صفحو 84)
اسان جو ليکڪ نه رڳو برپٽ صحرائي جي ٻارن جي باري ۾ تضاد جو شڪار ٿي ويو آهي، مگر ناول جي هيري لاءِ لکي ٿو ته:
”... مونکان ڇرڪ نڪري ويو دل چيو ته سامهون رکيل گلدان کڻي مٿي ۾ هڻانس، موسٽ ايڊيو ڪيٽيڊنگ مين آف قاضي محلا روهڙي شريف کان وار کڻائيندي ۽ ٻهاري پوچون ڪرائيندي ذليل ڪنهن جاءِ جي! سنڌ يونيورسٽي جي ڊگرين جو اهو قدر.“ (صفحو 49)
هتي ٻڌايو ويو ته ناول جو دربدر هيرو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو ڊگري يافته آهي وري اڳتي هلي لکي هو ته:
”... اسان ٻنهي ساڳئي سال ڪراچي يونيورسٽي مان ايم اي ڪئي.“ (صفحو 89)
هاڻ هڪ ئي ماڻهو ڪنهن مهل سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو ڊگري يافته ڪنهن مهل ڪراچي يونيورسٽي جو ايم اي آهي، منهنجي خيال ۾ ليکڪ اهو ناول قسط وار لکيو آهي، ان ڪري اهڙيون فني غلطيون ڪري ويو آهي بحر حال انهن ٿورڙين غلطين هوندي به ناول پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ۽ اسان کي اميد آهي ته جئين ”سرد لاش جو سفر“ ڪهاڻي ڇپجڻ کان پوءِ ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڪابه مذهبي رتو ڇاڻ نه ٿي آهي، تيئن هن ناول جي ڇپجڻ کان پوءِ اسلام آباد ۾ ڪنهن گلاب گونگي ۽ ڪنهن چارڻ چرئي کي نه ماريو ويندو ڪنهن جوڳي کي تارا چند ظاهر ڪري دشمن جو ايجنٽ سمجهيو ويندو. اميد ته اسلام آباد وارا هن ناول ڇپجڻ کان پوءِ سنڌين کي ملڪ دشمن، غدار، دهشتگرد ۽ ڌاڙيل سمجهڻ بدران هن ملڪ جا شريف شهري ۽ پاڪستان جا باني ۽ قرارداد پاڪستان جا تخليقڪار سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا.
**

نوٽ: س ا س سڪرنڊ طرفان امر جليل جي ناول”نيٺ گونگي ڳالهايو“ جي اڀياسي ويهڪ تي94/4/29 جي شام جو هي پيپر پڙهيو ويو. ۽ روزاني ”جاڳو“ ڪراچي جر خميس 23 فيبروري 1995ع واري اخبار ۾ ڇپيو.