شخصيتون ۽ خاڪا

من من مورَ ٽھوڪا

علي نواز ڏاهريءَ جي لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي، هن  ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھريون ڀاڱو "جن جون جايون جيءَ ۾" جي عنوان تحت 12 مضمونن، ٻيو حصو "هر دل ڪيئي ڪتاب" جي عنوان هيٺ 8 مضمونن ۽ ٽيون ڀاڱو "سور پريان جا ساڻ مون" جي عنوان تحت 10 مضمونن تي مشتمل آهي. علي نواز ڏاهريءَ جا لکيل هي مضمون احساسن جو اهڙو جامع ڀنڊار آهي جنھن مان لفظ رقص ڪندي ڀائنجن ٿا. هن وٽ اظھار لاءِ انيڪ لفظن جو خزانو آهي. سندس نثر مان خوشبو ڦھلجي رهي آهي.

Title Cover of book من من مورَ ٽھوڪا

ڀٽائيءَ جو نينهن – پرور ناکئو: الطاف شيخ

عشق جا به عجيب رنگ، رمزون ۽ روپ هوندا آهن، عشق سنگتراش جا سپنا به هوندو آهي، جيڪو صدين تي ڀاري بنجندي موهن- دڙي مان مليل “سمبارا“ جي سوين سندر روپن مان نکري نروار ٿيندو آهي ته دنيا جو ڳاٽ سنڌ جي تهذيب جي قدامت اڳيان سربسجود بنجي ويندو آهي. عشق ڀٽائيءَ جي تنبوري جي تند، تنوار ٿيندو آهي ته سُرن جون صدائون سنڌ جي جهنگلن، جبلن، وستين، واهڻن جي خلائن ۾ گونجڻ لڳنديون آهن ته:
ويهان ڪيئن ماٺ ڪري! ايڏو سور سهي،
يا
بندر جيان ڀئي، سکاڻيا! مَ سمهو،

جي صدين تي محيط ڪائي ڪُوڪ بنجي، وطن واسين کي سجاڳيءَ جو سڏ ڪرڻ لڳندي آهي ته:
ايڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا!

جڏهن هن صدين جي ستايل سر زمين تي، صدين پڄاڻا عشق پنهنجي مڪملتا سان اهڙو ناکئو ٿو پيدا ڪري ته سنڌ مُرڪي ٿي پئي ۽ چنڊ هُن جي تخيل جي اُڀ- اُڏار کي چميون ڏئي رشڪ ٿو ڪري ته؛
اي سنڌ!
توکي صدين پڄاڻا،
ڀٽائيءَ جي سُر سريراڳ جو نئون ناکئو
الطاف شيخ مبارڪ!
اهو الطاف شيخ جڏهن مست سمنڊن جا سينا چيرڻ لاءِ ڪمر ٿو ڪشي ته عشق، لطيفي لات جي صورت ۾ هن جو سونهون بنجي ٿو پوي، جيڪو ولايتن جي واس سان سنڌوءَ کي سُرهو بنائڻ ۾، جيءَ جي جاکوڙن جي ڪائي پرواهه نه ٿو ڪري ۽ الطاف سائينءَ جو اهو عشق اتي ٿو پروان چڙهي:
جتي: درندا درياءَ ۾، واڪا ڪيو ورن،
جنهن ۾: سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هليا هيٺ وڃن.
جتان: پُرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجهان تن.
انهي اونهي جي هر اوڙاهه جو سينو چيري، هن مختلف کنڊن جي مختلف ملڪن کي پنهنجي تجربي جي تخيل ۽ نينهن جي نازڪ ڌاڳن جهڙي زنجير سان نه رڳو هڪ ٻئي سان پر، سنڌ جي سرت سان به سلهاڙي پئي رکيو آهي، هو پنهنجي پيار مان پڙهندڙن کي پنهنجي تجربن سان نينهن جا اهڙا ته نظارا ٿو پسائي جو پڙهندڙ جي دل جي دنيا دنگ رهجيو وڃي.
توڙي جو جهاز راني جي جهد کان هو سرڪاري طور سبڪدوش ٿي چڪو آهي پر پوءِ به هن جي من جي ڪائنات جي حسين ڪئنواس تي ڪيترن ئي ملڪن جي رهيل يادگيرين جا اڃان به ڪيئي ٿانَ کُلندا ٿا رهن. هُو پنهنجي سفر نامن لاءِ تخيل جي پيار جا پوپٽ ٿو اُڏائي ته هن جي سامونڊي سفرن جي جاگرافيائي رستن جون رونقون پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ کڻي پنهنجي روح جي رنگين گلين ۾ گم ڪري ٿيون ڇڏين. جتي اتان جي تهذيبي تاريخن ۽ تمندن تحت انسان ذات جي عظمت جا عظيم داستان رقم طراز ٿيل آهن، جن جو هو ”ڪامياب قصا گو“ رهندو ٿو اچي.
الطاف سائينءَ جي قلم جي قط مان اڄ به اچانڪ اهو عشق امالڪ اڇل کائي اچي نڪري نروار ٿو ٿئي ته ايشيا کان آمريڪا تائين، يورپ کان آفريڪا تائين ۽ اينٽارڪٽڪا کان آسٽريليا تائين جتي جتي به، زندگيءَ جي جنهن به پل ۾ ضرورت پئي محسوس ڪئي آهي ته هن جي تشبيحن مان سنڌ، سنڌو سڀيتا ۽ ثقافت جي چوڏهينءَ جا چنڊ انڊلٺ جيان ازخود اُڀري ٿا پون.
الطاف سائينءَ پنهنجي شعوري اک سان دنيا جي ڪيترن ئي قومن جي شاندار تهذيبن کي اُسرندي عُروج ماڻيندي به پئي ڏٺو آهي ته ڪن قديم تهذيبن کي تاراج ٿيندي به پئي ڏٺو آهي، هن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي سڀني کنڊن ۾ ”آزاديءَ جي عشق جا اسرار“ به پئي پسيا آهن ته سائنس جي سندرتا سان قومن جي شعور جي گلابن جو هُڳاءُ به پئي ماڻيو آهي ته هر قسم جي غلاميءَ جي عضبناڪ نظارن جو ڇيد به پئي ڪيو آهي، اهو سڀ ڪجهه نه رڳو هن پاڻ محسوس ڪري پنهنجي ڄاڻ جو خزانو پاڻ تائين محدود پئي ڪيو آهي، پر سنڌ جي شعور کي به ان جي سِڪَ جون سُرڪيون پياريندو پي رهيو آهي. هُو سَچَ جو اُهو سوداگر رهيو آهي، جنهن جي وڻج واپار جو وکر به رڳو علم، ادب، عشق ۽ آگاهي پئي رهيو آهي.
وکر سو وِهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
تاريخ جي سفر ۾ ڪا ڪا شخصيت ڪنهن ڪنهن قوم لاءِ فخر جو باعث بڻجي پوندي آهي ۽ قومون اهڙين شخصيتن تي فخر مان ڳاٽ اوچو ڪري جيئنديون آهن ۽ الطاف سائينءَ کي اها به خبر آهي ته قومون غريب رڳو اقتصادي لٽ مار ۽ وسيلن جي جبري قبضا گيريءَ ڪري ئي ڪونه ٿينديون آهن، پر قومون غريب تڏهن بنجنديون آهن جڏهن اهي زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ مهان شخصيتن کي ”جنم ڏيڻ“ بند ڪري ڇڏينديون آهن، ڇو ته شخصيتون تاريخن جا پير ٿينديون آهن، جن جي طفيل قومون پنهنجي صدين جو سفر وک جيان ويجهڙو محسوس ڪري پنهنجي منزل جو مارڳ ماڻي وٺنديون آهن، ايئن صدين جي سفر کان پوءِ هن ڀٽائيءَ جي ڀونءِ کي تاريخ جا اهي نه ٿڪجندڙ پير پلئه پيا آهن جن جي قدمن جي نشانن تان سڪ، سچ، سُرت، سونهن ۽ شعور جا لال گلابي، ترو تازه ۽ سدا بهار ڦول ڦٽندا پئي رهيا آهن. ۽ اُن وقت سنڌي ادب جي تاريخ خوشيءَ مان خمارجي ٿي وڃي ته الطاف شيخ جي صورت ۾ اهو ڀاڳ جو ڀاڱو هن جي حصي ۾ نکري نروار ٿيو آهي.
هو جڏهن مُرڪ، محبت جي مس مان ڪِلڪ ٻوڙي لکڻ لڳي ٿو ته،
هن جي قلم جي قط مان دنيا جي سڌريل سڀيتائن جا سندر ڦول ڦٽي ٿا پون.
هن جي قلم جي قط مان حيرتن جا جهان جُڙي ٿا پون.
هن جي قلم جي قط مان سنڌي ادب ۾ سفر نامن جي صنف کي عروج ٿو حاصل ٿئي.
هن جي قلم جي قط مان پڙهندڙن جي عشق کي اتساهه ٿو حاصل ٿئي.
منهنجو ايمان آهي ته جڏهن به ڪو تاريخ جي تندن جي واڄٽ جو ويراڳي، ڪو بي طمع تخليقڪار پنهنجي عشق جي اٿل کي قلم سان ڪوزي ۾ قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ان ويل ڀٽائي صاحب ان جي ڀر ۾ اچي بيهي رهندو آهي ۽ الطاف ته آهي ئي ڀٽائي جي ڀر جو رهواسي، پيار جو پاڙيسري ۽ ڀٽائي جي سامونڊيءَ جو اهو مڻيادار مانجهيئڙو جنهن جي ڪيترن ئي ڪتابن خاص ڪري شروعاتي ڪتابن جا نالا لطيفي لات جي سُر سامونڊي ۽ سُر سريراڳ تان کنيل آهن مثال:
• وايون وڻجارن جون.
• بندر بازاريون.
• سي ئي جوڀن ڏينهن.
• سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين.
• بندر ديسان ديس
• سانباهو سمونڊ جو.
• دنگي منجهه درياءَ.
• جِتِ جر وهي ٿو جال.
• نه سي سڙهه سُکاڻ
• خبرون کيڙائن جون.
• موج نه سهي مڪڙي
• اوهيريا عميق ڏي وغيره وغيره
نه رڳو اهو پر سنڌ جي هن ابن بطوطا وقت به وقت پنهنجي ڌرتيءَ جي ادبي اوشاقن کي پرڏيهي، ”فڪشن“ ۽ ”فوڪ وزڊم“ (Fiction and Folk wisdom) سان به خوب پئي روشناس ڪرايو آهي. مثال:
• لنڊن تائين لفٽ.
• رُٺي آهي گهوٽ سان
• ٻارن جون ڪهاڻيون.
• پيارَ جي گهُٽ
• مس سدا بهار چمبيلي.
• جپان جي گشا گرل.
• ڪهاڻيءَ جو قافلو.
• جل پريءَ جي اڳڪٿي.
• ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون ڪهاڻيون
• سوزيءَ سان پيار وغيره وغيره
۽ سامونڊي ڪو سڱ، آهي گوندر گاڏئون.
جي تلخ تجربن مان هن کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڪير واقف هوندو! مون کي اهو به يقين ٿيڻ لڳندو آهي ته الائي ڪيترن موقعن تي هن جي دل جي تار ضرور تڙپي تانگهيو هوندو ته:
اتي اڻتارن، ساهڙ سير لنگهاءِ تون.
اڄ جي دور حاضر جي جديد سنڌ باد جهازيءَ تي لکندي الائي ڇو مون کي فيض احمد فيض جو اهو نظم ڏاڍو شدت سان هانءَ تي هُري رهيو آهي ته:
وہ لوگ بہت خوش قسمت تھے
جو عشق کو کام سمجھتے تھے
یا کام سے عاشقی کرتے تھے
ہم جیتے جی مصروف رہے
کچھ عشق کیا کچھ کام کیا
کام عشق کی آڑے آتا رہا
اور عشق سے کام الجھتا رہا
آخر تنگ آ کرہم نے
دونو کو ادھورا چھوڑ دیا۔


۽ مانواري الطاف سائينءَ تي به عشق اهڙيون عطائون پئي اوتيون آهن، جو هن جو پروفيشنل پيشو عشق ۽ عشق وري پروفيشنل پيشي ۾ پيهي پئي ويو، ائين هن سروس کي عشق ۽ عشق کي عبادت سمجهي پئي سرانجام ڏنو هو. پر پوءِ به فيض جيان:
آخر تنگ آکر ھم نے
دونوں کو ادھورا چھوڑ دیا

جهڙو ڪفر نه ڪمايو هو، هو فيض جي فڪر کي احترام جي نگاهه سان ته ضرور ڏسندو رهيو هوندو، پر مون کي يقين آهي ته پرهه جي پهر ۾ پکين سان گڏ جاڳڻ ويل هن فقط ۽ فقط لطيفي لات جي مئخاني جي مڌ مان سِڪ ۽ سونهن جون سُرڪيون پي ضرور پئي سرور حاصل ڪيو هوندو.
مڌ پيئندي مون، ساجن سهي سڃاتو،
پي پيالو عشق جو، سڀڪي سمجهيو سون.

ڇو ته هو فڪري طور ڀٽائي سرڪار جو پيروڪار پئي رهيو آهي ڇو ته هو عاشق آهي ۽ عشق ۾ اجرتن جي طلب، عشق جو وڙ ئي ناهي هوندو. عشق جي سونهن ۽ سندرتا صرف ”ڏيڻ ۽ پيش ڪرڻ“ ۾ هوندي آهي.
ڏيندي ڏاتارن جيان، وٿي پوي نه وچ.
ائين الطاف سائين به سڪ ۽ سچائيءَ مان سفر نامن جي صورت ۾ علم ۽ ادب جي صورت ۾ ڄاڻ جو خزانو ڏيندي نه ٿڪيو آهي، مٿي مون چيو ته هو فڪري طور تي ڀٽائيءَ جو پيروڪار ئي رهيو آهي، جو هو ”سک نه ستا ڪاپڙي“ واري فلسفي مان پچي رچي راس ٿيل شخص آهي.
فڪري طرح:
اونهي ۾ اوهري، ڪهي ڪچي ساڻ،
سپڪ جو، سيد چئي، پڇي نه پرياڻ.

جو پڪو پوئلڳ آهي ڇو ته هن کي سُڌ آهي ته ”ڪپر پُڇن ڪوڙيون“ ۽ عشق صرف دل جي نيڻن سان ئي پيو پسندو آهي، جنهن کي هر جاءِ رڳو پرين ئي پرين (مقصد) پيو نظر ايندو آهي ۽ عاشق کي پرينءَ بنا ٻي ڪا سُڌ ٻُڌئي نه رهندي آهي.
عشق واريون عبدالطيف چئي سُڌ نه کڻن ساڻ.
۽ ٻيو هن جو فڪري رهبر اياز آهي، اياز جيڪو ويهين ايڪيهين صديءَ جي سنڌ جي پاڻ سڃاڻن وارين پڪارن جي پڙاڏن جو با جرئت آواز آهي، جيڪو هن کي محڪم يقين جا سوين سُندر سورج مُکي پيو آڇيندو آهي ته:
درياءُ اندر جا دهشت آ، ڪنهن ڏينهن قيامت ٿي ويندي،
ته پوءِ...! پوءِ ڇا ٿيندو!!؟؟ اياز سونهون ٿيندي سمجهائيس ٿو ته:
رڳو تون ۽ مان هن سنڌوءَ ۾، ڪا لهر اڀاري وينداسين.
اها به حقيقت آهي ته مان پيار جا پيچرا وٺي الطاف سائينءَ جي گوناگون شخصيت ڏانهن وک وک وڌيو آهيان.
کهي جا کنيائين، وک تنهن ويجهي ڪئي.
مون جڏهن به الطاف سائين جي اڻکٽ ۽ اجهاڳ عشق تي پنهنجي نينهن جي ناقص نگاهه پئي وڌي آهي ته هو هيمشه مون کي ڀٽائيءَ جي نينهن- پرور ناکئي جي سدا ملوڪ صورت ۽ سٻاجهي سيرت ۾، پنهنجي ئي هن وائيءَ جو چٽو پٽو عڪس ۽ اولڙو لڳو آهي.
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
خوشبو ٽيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
هالا حيرت ۾ وجهي، اُنڌ اُکيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
موٽي مٺي پار کان، کارو کيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
اونهي هر اوڙاهه سان، جُنبي جهيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
سُر تَئون سري راڳ جون، وايون ڇيڙيائين،
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
مهڪي پارسَ پيار جا، ماڻڪ ميڙيائين،
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
لهرن جي هر لوچ جا، انگ اکيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
پر کنڊ مان پڌري ڪري، سُرت سهيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، پيار پکيڙيائين،
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
سپنن جي سنسار مان، گوندر گيڙيائين،
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
روح، محبت راڳڻيون، ڇو هان ڇيڙيائين،
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
سنڌوءَ جي سرکنڊ جا، ٽانگر ٽيڙيائين،
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
**