شخصيتون ۽ خاڪا

من من مورَ ٽھوڪا

علي نواز ڏاهريءَ جي لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي، هن  ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھريون ڀاڱو "جن جون جايون جيءَ ۾" جي عنوان تحت 12 مضمونن، ٻيو حصو "هر دل ڪيئي ڪتاب" جي عنوان هيٺ 8 مضمونن ۽ ٽيون ڀاڱو "سور پريان جا ساڻ مون" جي عنوان تحت 10 مضمونن تي مشتمل آهي. علي نواز ڏاهريءَ جا لکيل هي مضمون احساسن جو اهڙو جامع ڀنڊار آهي جنھن مان لفظ رقص ڪندي ڀائنجن ٿا. هن وٽ اظھار لاءِ انيڪ لفظن جو خزانو آهي. سندس نثر مان خوشبو ڦھلجي رهي آهي.

Title Cover of book من من مورَ ٽھوڪا

مون سي ڏٺا ماءِ (سيد امداد محمد شاهه جي شخصيت)

شو پيسن جي دوڪانن ۾ سجايل ڪاغذ، ڪپڙي يا پلاسٽڪ جي رنگ برنگي گلن ۾ نفاست ۽ سونهن ته هوندي آهي، پر اُهي خوشبوءِ کان خالي هوندا آهن. فطرت طرفان خوشبوءَ انهن لاءِ انعام ٿي نه لهندي آهي، ڀؤنرا خوشبوءِ تي ڀرندا آهن ۽ پوپٽ هڳاءَ جا مشتاق هوندا آهن. ڪاغذ، ڪپڙي ۽ پلاسٽڪ جي گلن ڦلن ۽ گلدانن تي وقت جي دَز ته چڙهي سگهي ٿي، پر انهن جي مٿان پوپٽن جو رقص ٿئي، ڀؤنر ڀرن، اهو ممڪن ئي ناهي.
دنيا ۾ عظيم انسانن جا ماڻ ۽ ماپا به اهي ئي آهن جو انهن جي سيرت جي خوشبوءَ ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي معطر ڪري ڇڏيندي آهي ۽ گڏوگڏ نوجوانن جي وجود کي به واسي ڇڏيندي آهي. ماڻهو انهن باڪردار هستين جا مشتاق بنجي پوندا آهن. تڏهن ته لطيف سائين به چيو ته:
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي،
جيڪي محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيندا آهن. اهي ئي ماڻهو مشعل بڻجي ماڻهن کي موهيندا آهن ۽ لطيف سائينءَ جي هيءَ سٽ به امر ٿي پوندي آهي ته:
پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ
فطرت جي تخليقڪار ”سن جي سيد خاندان“ کي به اهڙي ئي لازوال خوشبوءَ عطا ڪري ڇڏي آهي،
اهو شايد مخدوم بلاول جي پيڙيل هڏين سان گڏ سندس بيباڪ روح جي پڪار جو پرتوو ۽ مرشديءَ جي مام آهي يا شاهه حيدر سنائيءَ جي سنڌ پرستيءَ جي تسلسل جو سفر آهي، جو ڌرتيءَ جو عشق انهيءَ خاندان جي من ۾ جڏهن اچي کاٽ ٿو هڻي ته اياز جون هيءُ سٽون امر بڻجيو پون:
”عشق عقاب پکي پر ڏيهي جهڙن ڏئي ٿو جهٽي،
ڪير اُنهيءَ کان کٽي!
۽ پوءِ سنڌ جو نوجوان بلڪه لکيل پڙهيل ۽ باشعور نسل، هنن جي نينهن جي نعري تي نچندي ڪڏندي سر ڏيڻ کان به نٿو ڪيٻائي،
پسي لهس نه لڇيا، سڙيا مٿي سچ،
ڳيچين سندا ڳچ، ويچارن وڃائيا.

نواجونن سان نينهن ته ڪو هن خاندان کي سکي، پوءِ اها ٻڍڙي صوفي لاڪوفي، شاهه سائينءَ جي شارح، سنڌؤَ جي ساڃاهه جي خالق ۽ سنڌ يگاني عاشق سائين جي ايم سيد جن جي مشفق ۽ ٻاجهاري شخصيت هجي يا سچل سائينءَ وانگر سچ جي سراپا تصوير محترم امداد محمد شاهه جن هجن. باقي سائين زين شاهه لاءِ جيڪي محبتون آهن اهي ڪنهن جدا ڪتاب جون گهرجائون آهن. هونئن به محبتن کي من ۾ سمائي اسٽيجن تي آڻڻ محبتن سان مذاق هوندو آهي.
بحرحال مون کي جيڪي چند لفظ لکڻا آهن. انهيءَ دوريش صفت، مشفق، ٻاجهاري ۽ مهربان انسان سائين امداد محمد شاهه تي لکڻا آهن، جنهن جا نيڻ شاهه، سچل، سامي، بيدل، بيڪس، مصري شاهه، روحل ۽ دلپت جي ڌرتيءَ جي ڏکن تي لڙڪ لڙڪ ٿي ٽمندا هئا. جيڪو :
محبت لڏي وئي ملڪ مان، ڏک وڏو ڏيئي.
ياراڻي يارن مان، ويئي ڙي ويئي.
جهڙين لافاني سٽن جي خالق حمل فقير جو عاشق هو. جنهن کي منهنجي ئي تعلقي سڪرنڊ پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو هو. جو هو سنڌ جي نواجونن جي سياسي قبلي ”سن“ کي ڇڏي اچي سڪرنڊ ۾ سڪون پذيرُ ٿيو.
اها سڪرنڊ تعلقي جي مٽيءَ جي مهڪ هئي يا هتان جي ماڻهن تي قمست جي ديويءَ جي ڪرپا جيڪا سائين امداد محمد شاهه کي سڪ مان سڏي هتي وٺي آئي هئي:
پشم جهڙن پيرن سان، تون مٺڙا مون وٽ آءُ
تنهنجو آڌر ڀاءُ، سڪرنڊ ڪندو سڪ سان.

سائين ڇا آيو ڄڻ هن علائقي جي قسمت کلي پئي. ڳوٺ ڳوٺ ۾ اسڪول کلي ويو ڪچن رستن جي جڳهه روڊن جو ڄار پکڙجي ويو. چپي چپي تي صحت مرڪز قائم ٿي ويا. شاخن ۽ واٽرن تي پليون پئجي ويون، ڪيئي پوئتي پيل ڳوٺن ۾ ڊرينيج سسٽم ٺهي ويا، پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ واٽر سپلاءِ جون اسڪيمون اچي ويون انڌيرن جي ٻاٽ ۾ گم ٿيل ڳوٺ بجليءَ جهڙي نعمت سان منور ٿي ويا.
آئون چوان ٿو ته پارلياماني نظام جي وجود ۾ اچڻ کان اڄ تائين، هتان جي چونڊيل سڀني ايم پي ايز ۽ سڀني اين ايز گڏجي به ايترو نه ڏنو آهي جيترو اڪيلي سر سائين امداد محمد شاهه هن علائقي کي بنيادي ضرورت جي اسڪيمن سان نوازيو.
هو جيڪو ڪجهه وقت عوامي ليگ جي ميمبر شپ کان سواءِ ڪڏهن به ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو باضابطا ميمبر نه رهيو. هن پنهنجي شخصيت جي نکار لاءِ ڪنهن به ”حوالي“ کي فضول ٿي سمجهيو. هن جي دور رس نگاهه سمجهي ورتو هو ته نقلي حوالن سان شخصيتن کي دوام نه ملندا آهن. هو ڪنهن به حوالي طور سڃاپجڻ کان بيزار هو، حالانڪ هن جي چوڌاري ڪيئي حوالا پيا طواف ڪندا هئا، هو سيدهو. چاهي ها ته پاڻ کي پير طريقت، رهبر شريعت دامن برڪاتهم ۽ الا ۽ ڇاڇا جهڙن لقبن القابن سان نوازي ماڻهن کي منجهائي بيوقوف بڻائي تصوف جا آفيم کارائي پئي سگهيو. سلطان ٻاهوءَ جي لفظن ۾ ”مريد ڪرڻا، غريب ڦُرڻا“ وانگر کوڙ غريب ڦريو روحاني رهبر بڻيو ويٺو هجي ها.
هو، سائين جي ايم سيد جو فرزند هو، چاهي ها ته سنڌ جي قومي تحريڪ کي يرغمال بڻايو ويٺو هجي ها، چاهي ها ته جيئي سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن ڌڙي جي اڳواڻي سنڀاليو ويٺو هجي ها، يا ڪا پنهنجي ڌار پارٽي ٺاهيو ويٺو هجي ها، پر هن کي اهڙي ماروئڙن سان مذاق ماڳهين پسند ڪا نه هئي.
هو ٻه دفعا ايم پي اي چونڊيو پر ڪڏهن به پاڻ کي سابق ايم پي اي نه سڏايائين.
هو زميندار به هو. چاهي ها ته ٻين عام وڏيرن وانگر ڪڪڙ، ڪتا ۽ گهوڙا ڌاريو ويٺو هجي ها، رڇن جو بڇون ۽ سوئرن جا شڪار ڪري ها چورن، پاٿاريدارن ۽ ڌاڙيلن کي تاتيو پيو پراين زمينن تي قبضا ڪرائي ها، پوليس آفيسرن سان ياريون نڀائي ها، شراب ڪباب ۽ شباب جون محفلون مچائي ها. پر نه- هن جي رڳن ۾ رت نه پر ڄڻ ته غيرت جو سنڌو پيو ڇوليون هڻندو هو. سنڌ جي نقشي جيڏي هن عظيم انسان جو حوالو بس اهو هو ته هُو ”سيد امداد محمد شاهه هو“ ۽ سيد امداد شاهه ئي رهيو.
هو چوندو هو ته؛ ”انقلاب رڳو رت وهائڻ ئي ته ناهي، ماڻهن جا ذهن تبديل ڪرڻ ئي اصل ۽ پائدار انقلاب آهي“
هو چوندو هو ته ”ماڻهن جو ذهن تڏهن تبديل ٿيندو جڏهن ماڻهن ۾ تعليم ايندي، شعور ايندو.“ ضلعي ۾ ڪيئي پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول سندس جستجوءَ جو نتيجو آهن.
جتي هن سماجي ڪمن طرف ڌيان ڏنو اتي هن پارلياماني سياست ۾ به واهه جو پاڻ موکيو. محترمه بينظير ڀٽو جي نظر بندي هجي يا ٽوڙي ڦاٽڪ واقعي تي احتجاج، ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو هجي يا سنڌ ۾ فوجي ڇانوڻين جي تعمير جو تڪرار- ڌارين جي آباد ڪاري هجي يا تعليمي ادارن جي تقدس جي تباهي جو منصوبو هجي. پنجاب جي ڪارخانن جي زهريلي پاڻي جو سنڌؤَ ۾ ڇوڙ هجي يا پنجاب کان ايندڙ ناقص زرعي ٻج ۽ غير معياري زرعي دوائن جو مسئلو هجي يا مختلف ڪارخانن مان سنڌي مزدورن جي ڇانٽي هجي يا سنڌ جون زر خيز زمينون ڌارين حوالي ڪرڻ تان احتجاج، فوج ۽ پوليس هٿان ڌاڙيلن جي آڙ ۾ سنڌي ماڻهن جو ڪوس ۽ قتل عام هجي يا ڪنهن پنجابي سرمائيدار جي قتل ڪيس ۾ ٿري عورتن جي گرفتاريءَ جو مسئلو هجي. پاڻ جنهن جرئت، مضبوط دليلن ۽ انگن اکرن سان سنڌ جو ڪيس سنڌ اسيمبليءَ ۾ وڙهيو. ان لاءِ اسيمبليءَ جو رڪارڊ،سندس اڪثر بند ڪيو ويندڙ مائڪ، سيٽون، در، دريون، ديوارن ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو مقدس ايوان ساکي آهن. هتي آئون ميمبرن جي نالي انڪري به نه چوندس جو وقت گذرڻ سان گڏ ماڻهن کي ويسر جي وڻ ويڙهي وڪوڙي ويندي آهي. مونکي پختو يقين آهي ته جڏهن موجوده ايم پي ايز جي ڪار گذرين کي ڏسندي ۽ سائين امداد محمد شاهه جي غير موجودگيءَ کي محسوس ڪندي. اهو مقدس ايوان، ان جو رڪارڊ، در، دريون، ديوارون، مائيڪ ۽ سيٽون وغيره ضرور ايوان، ضرور خاموشيءَ جي زبان سان هيءَ سٽ جهونگاري سڏڪيون هونديون ته:
”انهن آکيرن تي، ويٺا چٻ چڙهي.“
لنڊن هجي يا دهلي هجي، يا اسلام آباد سائين امداد محمد شاهه جي حيثيت هر جاءِ ”سنڌ جي نمائيندي“ واري رهي.
سائين نه رڳو سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جو آواز ٿي گونجيو پر سنڌ جا سڀئي روڊ، رستا، سڀئي فورم سيد جي جدوجهد جا ساکي آهن. پوءِ اِهو ڪمون شهيد وٽ ڊيم خلاف سڄي سنڌ اٿلي پيل هجي، يا سڪرنڊ ۾ جسقم جو تاريخي ڌرڻو هجي سائين هر موقعي تي ملڪ جي جنوني حڪمرانن سان اکيون اکين ۾ ملائي مهاڏو اٽڪايو.
مونکي ياد ٿو اچي، سڪرنڊ ۾ جسقم جي ڌرڻي واري ڏينهن ڇتي گرميءَ ۾ ڪمزوري ۽ طبعيت ناچاڪ هوندي به سائين نه رڳو شريڪ ٿيو، پر نٽهڻ اُس ۾ صحت صحيح نه هجڻ ڪري ڪرسي تي ويهي تقرير به ڪيائين. نه رڳو ڊيم کي رد ڪيائين پر نوجوانن کي تنبيهه ڪندي چيائين ته ”هاڻ نعرن هڻڻ جو وقت ويو، احتجاج ۽ ڌرڻا هڻڻ جو وقت ويو، حڪمران گونگا ۽ ٻوڙا آهن، انهن تي احتجاج اثر نه ڪندا. توهان نوجوانن کي فلسطينين وانگر حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، يا ته حق حاصل ٿيندا يا ته مري مات ٿيڻو پوندو. ان وقت اياز جون هي سٽون، ڄن ته زنده تصوير بنجي پيون هيون:“
اڃا ڏمري ڏاڍ تي، اڻ مڃي مور،
سوچي ڏسي ڏور، ايندڙ ارڻ ڏينهڙ!

سچ بنجي پيا هئا، فيڊل ڪاسترو جا اهي لفظ ته: ”انقلابي ڪڏهن به ڪُرڙا نه ٿيندا آهن.“ مون سائين جي لفظن تي غور ڪيو ته مونکي سائين جي تقرير خليفي نبي بخش جون هي لاثاني سٽون، لڳي هئي.
هڻ ڪٽارو، ڪات ويري ويرَم نه سهي،
متان ڪا مصلحات، ڪانئر وجهي ڪن تي.

سنڌ جي هن اڏول ۽ حلالي پٽ جون ٻه ڳالهيون ته مون کان ڪڏهن به نه وسريون آهن، جيڪي مونکي مخاطب ٿي چيون هيائين- جيڪي ٻئي نصحيت ڀريا نڪتا به آهن، ته بي مثال لطيفا به، ته ڪڙي ۽ ڪساري سچ جا ڍڪ به آهن.
• حمل فقير جي ڪنهن عرس تي مون مقالو پڙهندي، ميرن جي دور ۾ سنڌ خلاف ٿيندڙ ڳجهين سازشن تان پردي کڻڻ جي ڪوشش ڪندي حمل فقير جي شاعري کي ان ڪسوٽي تي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، گڏو گڏ اهو به چيو هيم ته حالتون اڄ به جئين جو تيئن آهن، ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ مونکي بيحد خوشي ٿي هئي، جڏهن سڄي پنڊال سان گڏ منهنجي سماعتن سان به سائينءَ جو آواز ٽڪرايو هو. سائين صدارتي تقرير ڪري رهيو هو. ۽ اوچتو مون سان مخاطب ٿيو. چيائين ته: ڏاهري صاحب! پٽ تو جن سازشن جو ذڪر ڪيو آهي، ان جو مختصر جواب توکي آئون ٿو ڏيان. پوءِ سائين هڪڙي ڪهاڻي ٻڌائي ته هڪڙي ڇوڪري صبح جو پنهنجي پيءُ کي چيو ته بابا! پنهنجي رڍن جي واڙ جي ٻاهران بگهڙن جي پيرن جا نشان ٿا ڏسجن. شايد رات ڪي بگهڙ آيا هئا. پڻس جواب ڏنس ته پٽ، پنهنجي گهر جا ڪتا ٿيا آهن ڀاڙيا. تڏهن ٿا بگهڙن جا پير ڏسجن....! سو ابا ڏاهري صاحب! وڌيڪ آئون ڇا چوان وڌيڪ تون پاڻ سمجهه...! ڪيڏو نه وڏو سچ هو، جو هر دور جي حالت تي ٺهڪي ٿو اچي.
• ٻيو دفعو وري اسانجي ڳوٺ جي معزز شخصيت ۽ منهنجي سوٽ استاد مٺا خان جي وفات جي خبر اخبار ۾ پڙهي سائين امداد محمد شاهه ڪراچي کان پر ٻهرو اسان وٽ تڏي تي آيو هو. تڏي تي ڪچهري ڪندي مونکي مخاطب ٿيندي چيائين، پٽ واپڊا ۾ آهين نه؟ چيم جي سائين! پوءِ واپڊا کاتي جي خامين جي نشاندهي تي ڳالهائيندي سائين چيو ته پٽ هڪڙي ڳالهه ٻڌ! پوءِ سائين ٻڌايو ته هڪڙو هو سک سردار انهيءَ کي تمام گهڻا ٻار هئا، پهرين هن ڪوشش ڪئي ته ٻار ڄمڻ بند ٿين. پر ٻار ڄمندا هي رهيا. آخر ڊاڪٽر کان علاج ڪرايائين. ٻار ڄمندا رهيا. حڪيمن کان علاج ڪرايائين پر ٻار ڄمڻ بند نه ٿيا. ويچارو ڏاڍو تنگ ٿيو، جيڪا به ڪوشش ڪرڻي هيس ڪيائين پر ٻار ڄمڻ بند نه ٿيس. نيٺ هڪڙي ڏينهن سندس پراڻي ڊاڪٽر دوست جنهن هن تي تمام گهڻا نسخا آزمايا هئا، سک سردار کي چيو ته سردار جي! اڃان هڪڙو علاج رهيل آهي. اميد ته ان سان ٻار ڄمڻ بند ٿي ويندا. گارنٽي آهي. سک سردار چيو ٻڌاءِ! آءُ هر علاج ڪرائڻ لاءِ تيار آهيان.... ڊاڪٽر وري به شرمائيندي چيس ته توهان پنهنجو جنسي عضوو ڪٽائي ڇڏيو.... بس اهو ئي علاج آهي. سک دانهن ڪندي چيو ته او ڊاڪٽر! ان عضوي کي ڪٽائي ته ست سال ٿي ويا آهن. پوءِ به ته ٻار بند ڪو نه ٿا ٿين. سائينءَ چيو ته: سو ابا! توهان جو کاتو به اهڙو آهي جو بجليءَ جو ميٽر لٿي ست سال ٿيو وڃن ته به بل اڄڻ بند ئي نٿا ٿين- ڇا ته سچ چوڻ جو انداز هو. اهڙن عظيم انسانن جي وڇوڙي تي رڳو ماڻهن جا من ماتم ڪده نه بڻبا آهن، پر ڪک پن روئندو آهي، پکي، پکڻ، وڻ ٽڻ سڏڪندا آهن. ڪائنات سوڳوار بنجي ويندي آهي. جڏهن ڪائنات سوڳوار بنجندي آهي ته آسمان جا لڙڪ بارش جو روپ وٺندا آهن. سائينءَ جي وڇوڙي تي ٽي ڏينهن مسلسل سنڌ جي آڪاش ڳوڙها ڳاڙيا ها. ان وقت نيڻ ڇلڪندي مون قلم کنيو ته بي ساختا منهنجي قلم مان هيءَ سٽون سر جي نڪتيون:
خود خدا جي خاص هڪڙي خيال جي تصوير هو،
هُو شخص سنڌ جي روح جي ويراڳ جي تحرير هو.
**

هي مضمون:
سائين امداد مهمد شاهه جي شخصيت ۽ جدوجهد تي ڇپيل ڪتاب ”هوندا سي حيات“ ۾ شايع ٿيو. پهريون ڇاپو فيبروري 2008ع