مينهوڳيءَ ۾ مورَ جي رقص جهڙو ناول
منور سراج جو ناول: ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“
زندگي ڏک ۽ سک جي ماٿرين کي ملائڻ لاءِ وار کان سنهڙي ۽ تلوار کان تکي پلصراط تان ثابت قدميءِ سان گذري وڃڻ واري سهڻي سليقي واري ڏانءَ جو نان آهي، ڏک سکن جي سونهن ۽ ساڃاهه تڏهن ئي ثابت ٿيندا آهن، جڏهن انهن جو ڀوڳڻهار سورن مان سونهن جا رستا متعين ڪندڙ تخليقڪار به هجي ته ان جي فن جي تخليقي سگهه پنهنجي مڃتا جو معجزو رکندڙ به هجي.
پنهنجي فن ۾ اهڙو ئي ادراڪ رکندڙ رنگن خوشبوئن ۽ خوابن کي پنهنجي ڪهاڻين جا موضوع بنائيندڙ مانوارو دوست منور سراج به آهي، جنهن ساڀيان جي سڀنن جي سونهن بنجندي اهو تياڳ به ماڻي روتو آهي، جيڪو
”ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ.“
جهڙيون ڀوڳنائون تخليق ڪندڙ به آهي ته، نازڪ نفيس ۽ حسين احساسن کي لفظن جي جادوءَ جو ڏان ڏيندڙ به آهي. جنهن جي قلم جي قط مان،
• خوابن جي سرحد (ڪهاڻيون)
• رنگن وکرڻ کان پوءِ (ڪهاڻيون)
• کاٻي اک جي خواب (ناول)
• خوابن جا رستا (ڪهاڻيون)
جهڙا شاهڪار به جنم وٺن ٿا، جنهن جي ڪهاڻين جا عنوان ئي رنگ، خوشبو ۽ خواب آهي. مثال طور:
• رنگن جي خوشبوءِ
• رنگن وکرڻ کان پوءِ.
• روشنيءَ جو دائرو.
• لاهيارڻ جي سپني ۾ گلاب ٽڙن ٿا.
• خوابن جا رستا.
• خوابن جي بائونڊري وال. وغيره وغيره
هو جڏهن قلم کڻي پنهنجي تخليقن جي وشال گلستان ۾ رنگن، خوشبوئن ۾ خوابن جا پوپٽ ٿو اڏاري ته ڪهاڻين جون ڪيئي ڪونجون قطارون ڪري هن ڏانهن اڏامي ٿيون اچن، ۽ ناول سندس نيڻن جي جوت ۾ جرڪي ڪتابن جي ڪائنات ۾ پنهنجو ڀاڱو بنجڻ لاءِ اڏامندا ايندا آهن. تڏهن هن کان بيساخته لکجي ويندو آهي ته: ”منهنجي لاءِ ڪيترا نظمن جا نيڻ منتظر آهن. جتي ڪٿي هر جاءِ....“ پوءِ هيءُ پنهنجي عشق کي آرٽ جا ڪيئي نفيس، خوبصورت ۽ منفرد ويس ڍڪائيندي، دنيا ومافي ها جي هُلَ بگيڙن ۽ جڳ جي جهيڙن کان، ڪنهن صوفي لاڪوفيءَ جيان ڪناره ڪش ٿي پنهنجي عشق، ادب ۽ آرٽ ۾ پاڻ کي وڃائي ٿو ويهي.
هن جي انهيءَ ادا تي موهجي فطرت به ڄڻ ته هن لاءِ ٻهه ٻهه ٻاجهه بنجي ٿي وڃي، جو دنيا جون ساريون حسنا ڪيون هن جي نيڻن ۾ ٽڪي ٿيون پون ۽ ان گهڙيءَ هيءَ پنهنجي وجود کي خوشبوءَ جي آبشار هيٺان ٿو محسوس ڪري، ائين هن تي ڪائنات جا عجيب اسرار کلي ٿا پون. جيئن محل ۽ ماڙيون ڇڏي گهاٽي جهنگل جي هڪ پپر جي وڻ هيٺ ڪنهن زماني ۾ ڪپل وستوءَ جي شهزادي سڌارٿ تي کلي پيا هئا. اهو ڪيڏو نه خوبصورت تجربو هوندو آهي، جيڪو فطرت منور تي منڪشف ڪندي آهي، جنهن جو اعتراف ڪندي منور لکي ٿو ته ”اهو ڪيڏو نه حسين تجربو آهي جو ماڻهو دنيا کي پنهنجي نظمن جي نيڻن سان ڏسي!! ڪهاڻيءَ جي اکين سان ڏسي!!! ان طرح دنيا ڪيتري نه الڳ ۽ منفرد نظر ٿي اچي.“
۽ مان رشڪ ٿو ڪريان ته ڪيڏا نه خوشنصيب آهن اهي شخص جن تي فطرت پيار جي پلر جي پالوٽ ٿي برسندي آهي، جن جا نيڻ سنگتراش جا سپنا بنجي پوندا آهن، جن لاءِ بهارون با معنيٰ بنجي پونديون آهن. جن تي فطرت جو هر منظر باوضو بنجي تقدس جي تازگيءَ سان تخليقڪار جي من- ڪائنات تي انڊلٺ ٿي اڀرندو آهي، جيڪي جيون جي جدوجهد جا حسين پل حاصل ڪري ٿا وٺن. جن ۾ وٺي کان پوءِ چيڪي مٽيءَ جي مهڪ کٿوريءَ جي خوشبوءَ بنجي پوندي آهي. اهي پل جن ۾ مور جي رقص جا مڙئي منظر سمايل هوندا آهن. هر پل موتئي ۽ نازبوءَ جي مهڪ جو وڻندڙ احساس کڻي ايندو آهي.
هونئن به شاعرن، ڪهاڻيڪارن، عاشقن، مصورن، موسيقارن، سنگتراشن، رقاصن ۽ فلسفين جي من تي جيڪي گهاوَ رسندا آهن. تن مان ڳاڙها گلابي ڦول ڦٽي پوندا آهن جن جي مهڪ خلقِ خدا کي انهن جو ديوانو بنائي ڇڏيندي آهي.
هي ناول منور جي دل تي رسيل گهاءَ مان ڦٽي پيل گلاب جي خوشبوءَ جو خمار ناهي ته ٻيو ڇاهي! اهڙو ئي زخم هر ڪنهن تخليقڪار جي من اندر ڪنهن نئين ”ٺوڪر“ جي انتظار ۾ پيو جهڄندو ۽ جهرندو آهي. منور هن ناول جو سرمد آهي، لکي ٿو ته ”شايد وجود ۾ زخم اڳواٽ ئي موجود هوندا آهن، بس رڳو ٺوڪر جي دير هوندي آهي.“ اهڙي ٺوڪر جيڪا ههڙو نيڻن کي کيرو ڪندڙ نئين صراحيءَ ۾ پيل پراڻي مڌ جهڙو ناول لکائڻ جو ساهس رکندڙ هجي، هر ڪنهن جي ڀاڳ جي ڀاڱي ۾ نه ڪا نه ٿي اچي. ان ٺوڪر جي نتيجو رڳو جلي پنهنجو وجود وڃائڻ به بي معنى عمل ٿو بنجي، پر بامعنى عمل تڏهن ٿيندو جڏهن جلي ڪندن يا نج پج صاف سونُ بنجڻ جو ادراڪ حاصل هجي. اهو ادراڪ به ان کي حاصل ٿيندو آهي جيڪو آرٽسٽ هجي، ڀوڳنائن جي ڀينٽ چڙهڻ جو فن فقط آرٽسٽ ئي ڄاڻندا آهن. منور هڪ آرٽسٽ آهي، اهڙو آرٽسٽ جنهن جي وضاحت ڪندي پاڻ ئي لکي ٿو ته ”شايد آرٽسٽ پيغمبرن جو پرتوو آهن، جن تي قدرت مهربان ٿيندي آهي، ته اهي اشاري سان ٽاڪ منجهند کي ٿڌڙي شام ۾، رات کي ڏينهن ۽ ڏينهن کي رات ۾ بدلائي سگهندا آهن. بنا ڪنارن جي ندي وهائي سگهندا آهن. خشڪيءَ تي ڪاغذن جون ٻيڙيون تاري سگهندا آهن. پاڻي تي پير رکائي مسافرن کي درياهه اڪاري سگهندا آهن، عورت کي ديويءَ ۾ بدلائي سگهندا آهن، خوابن کي اکيون ۽ اکين کي آسمان جو تحفو ڏئي سگهندا آهن. صحرا کي باغ ۾ بدلائي سگهندا آهن. انهن سان وڻ ٽڻ، نديون، واهه، جبل سمنڊ، لهرون، گل، ٻوٽا، چنڊ تارا، جهرڻا مينهن ڪڪر، رنگ، انڊلٺ ۽ پريون ڳالهائينديون آهن. رستي سان گذرندا آهن ته فطرت انهن جي احترام ۾ اٿي بيهندي آهي.“
اهي لفظ پڙهندي ئي منهنجو من گهوماٽي کائي ٿو وڃي. مون کي لڳي ٿو ته منور هزارين سال اڳ سنڌؤَ جي ڪنارن تي رگويد چيندڙ ڪنهن ڪويءَ جو ڪو نئون جنم آهي، جيڪو هزارين سال گذرڻ ڪري شايد وساري ويٺو آهي ته هن کي شاعريءَ جي بدران ناول /ڪهاڻيون لکي ديس جي دردن کي زبان ڏيڻي آهي، يا ته هن جي شعوري ڪوشش آهي ته رگويد رچيندڙ ڪوين کي هاڻي جڏهن به نئون جنم ملندو ته اُهي پنهنجي دل جي ڳالهه، پنهنجي ماڻهن جي من جي ڳالهه، پنهنجي ديس ۽ ديس وارن جي دکن دردن جي ڳالهه کي عوام الناس تائين پهچائڻ ۽ انهن جي شعور ۾ مزاحمت جي جوت کي جلا بخشڻ لاءِ هاڻ انهن کي ڪهاڻيون ۽ ناول ئي لکڻا پوندا، ڇو ته انهن کي خبر پئجي ويئي آهي ته هاڻ شاعريءَ جا تمغا اهڙن شاعرن جي سينن جي سجاوٽ ٿي پيا آهن. جن کي شاعريءَ جي ”ش“ جي ئي خبر نه هوندي آهي. نه ته منور کان وڏو شاعر ته ڪو مشڪل ئي هجي- وڏو شاعر هجڻ لاءِ شاعريءَ جا گهڻا ۽ ٿلها ڪتاب لکي مقدار وڌائڻ جو مطلب ناهي پر معيار جو اتاهون هجڻ ئي ڪوتا جي اڏام لاءِ شرط هوندو آهي. جنهن فن جو ڪمال به منور خوب ڄاڻي ٿو، ڇو ته هن کي خبر آهي ته ”دنيا ۾ ڪيئي اهڙا ماڻهو آهن جن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪو شعر نه لکيو آهي پر اهي هوندا شاعر آهن، کوڙ اهڙا ماڻهو به آهن جن زندگيءَ ۾ شايد هڪ به ڪهاڻي ناهي لکي هوندي پر اهي هوندا قصاگو آهن.“
ائين هيءُ ناول لکندي لکندي ڄڻ ته پنهنجي چئن سالن جي ڪٿا شاعريءَ ۾ لکي ويٺو آهي، مونکي لڳندو آهي ته هن جي هر دي ۾ هڪ ڪامياب شاعر ڇُپيل آهي، جنهن اڃان شاعر طور سڃاڻپ لاءِ ڪڏهن سوچيو ئي ناهي پر جڏهن اهڙي سوچ رکي هن جي حسين ڪنواري خيال ڪوتا جي ڪنوار سان لائون لهڻ جو ارادو ڪيو ته سنڌ کي هڪڙو اهڙو البيلو شاعر ملي پوندو، جنهن جي شاعري لاءِ سنڌ جي خلائن انتظار جا الاءِ ته ڪيترا سپنا سانڍي رکيا آهن .
مثال طور: ناول لکندي جڏهن جي قلم مان بي ساخته هي سٽون ٿيون سرجي نڪرن ته ڪير چوندو ته هي لازوال شاهڪار نظم ناهي؛ مون کي نٿو لڳي. ته ڪنهن فل ٽائم شاعر به هن جهڙيون خوبصورت تشبيهون ۽ فطرتي حسن سان ڀرپور استعارا استعمال ڪندي ڪو هن جهڙو نظم لکيو هجي ته:
”جڏهن کان تون منهنجي محبوبه ٿي آهين،
ڪيڏي نه ٻدلجي وئي آهين!
تنهنجو چهرو اڳ کان وڌيڪ حسين ٿي ويو آهي،
اکيون گهريون ٿي ويون اٿئي،
ڄڻ ته خواب ۾ خدا ڏٺو اٿئي.
تنهنجي خاموشي به خوشگوار ٿي وئي آهي.
آسمان تنهنجي قدمن ۾ وڇائجي ويو آهي.
ڌرتي مخروطي آڱرين تي رقص ڪرڻ لڳي اٿئي،
تنهنجي وارن جي واس تي پوپٽ رستا وڃائي ويٺا آهن.
ستارا تنهنجيءَ پوتيءَ ۾ سمهڻ،
۽ راتيون تنهنجي راهه ۾ جاڳڻ لڳيون آهن.
تون ڪيڏي نه بدلجي وئي آهين!
جڏهن کان منهنجي محبوبا ٿي آهين!“
۽ هيءُ معصومانه مزاحمت جي رنگ ۾ رڱيل نظم، جيڪو ثابت ڪري ٿو ته منور جي مزاحمت به ڪيڏي نه معصومانه، نفيس ۽ سادگيءَ تي ٻڌل آهي. لکي ٿو ته:
ڏيانس ٻه ٽي،
گاريون پٽي،
نانگ کي
۽ نوڙيءَ کي.
ڏائڻ پوڙهيءَ کي،
انڌي گهوڙيءَ کي.
باقي ڇا؟
آڱوٺو پٽي،
هڻانس ڪوڏر،
ڇڏيانس لٽي،
ڌوڙ ڇٽي،
گهوڙيانس ڀونڊو،
ڀر مان مٽي
ڀاڳ کٽي،
ڇڏيانس سٽي،
واڻ وٽي،
ڏيانس ٻه ٽي،
گاريون پٽي“
۽ منور جو هي مٿيون مزاحمتي نظم پڙهندي اسان کي وقت جي چڙٻٽ ڪٽنب جي فردن جي چٽي تصوير سامهون نٿي اچي ڇا....!؟ جن جي آشيرواد سان هڪ يونيورسٽيءَ جهڙي مقدس اداري تي PhD هولڊر معزز ۽ معتبر پروفيسرن ۽ منهنجي ديس جي مورن، ڪونجن ۽ هنجن جهڙن معصوم شاگردن ۽ شاگردياڻين مٿان ابن زياد جهڙي طبيعت رکندڙ اڌ پڙهيل ڪراڙي چمڙي کي وائيس چانسلر ڪري ٿاڦيو ويو هو. نه رڳو اِهو پر ان کي اڻ لکيو اجازت نامون به ڏنو ويو هو ته ڪاري ۽ ڪمري جامالڪ اسين آهيون، يونيورسٽي تنهنجي پيءُ جي جاگير آهي. وڃي ڀيل- حالانڪه چٻرن ۽ چمڙن لاءِ مقامن/ مساڻن کان وڌيڪ ٻي بهتر جاءِ هوندي ئي ناهي ۽ مونکي سنڌ جي خوبصورت شاعر عبدالحڪيم “ارشد” جون سٽون ٿيون ياد اچن ته:
تون چر ٻٽ نگري ناهه ٻڌي،
جت ڏاڍو ٿيندو گابو آ،
هن شهر جو راجا راڄ ڌڻي.
ان چرٻٽ جو ڀي بابو آ.
۽ ان چرٻٽ جي بابي ۽ ان کي پيدا ڪندڙ قوتن چوڌاري چمڙا ٿاڦي سارو ماحول ئي مساڻن سمان بنائي ڇڏيو آهي، ۽ منور لکي ٿو ته
“هي چمڙا رڳو هتي ٿورو ئي آهن، جتي ڪٿي هر هنڌ آهن. ساڄي کاٻي، اتر اولهه، هيٺ مٿي، سامهون پوئتي، هر عمارت ۾، هر اداري جي هر ڪمري ۾، درن ۾، درين ۾، دالان ۾، ڪاريڊور ۾، بينچن ۽ ڊيسڪن جي هيٺيان... ڪير به انهن کان بچي نٿو سگهي، هڪڙا مرن ٿا ٻيا ڄمن ٿا. ايترا مرن نٿا جيترا ڄمن ٿا... انهن کي نرسريءَ ۾ پاليو ٿو وڃي- ٽريننگ ڪرائي ٿي وڃي. انهن جو چڪ ڏاڍو خطرناڪ آ.... اهي ڪنهن کي به، ڪٿي به، اوچتو اڏامي چڪ پائي سگهن ٿا، اهي ڪنهن کي چڪ پائيندا آهن ته جيستائين ڪارو گڏهه هينگ نه ڪندو آهي تيستائين چڪ نه ڪڍندا آهن.... جيستائين ڪارو گڏهه هينگ ڪري ايستائين اهي پنهنجا جراثيم ماڻهوءَ جي رت ۾ منتقل ڪري چڪا هوندا آهن. ماڻهو چريو ٿي ويندو آهي، يا مري ويندو..... يا انهن جهڙو ٿي ويندو آ...“
۽ يونيورسٽيءَ جهڙي مقدس اداري تي ٿاڦيل صاحب وڏو منور جي نظم ۾ آيل انهيءَ ڏائڻ پوڙهيءَ ۽ انڌي گهوڙيءَ جو پاليل اهڙو چاپلوس چمڙو هو جنهن جي فطرت نانگ واري رهندي پئي رهي آهي، ،۽ منور لکي ٿو ... ”هي اهو نانگ آهي، جيڪو پنهنجا ٻچاکائيندو آ....“
انهي چمڙي جي انهيءَ کان وڏي ٻي ڪهڙي سنڌ دشمني ٿيندي، ۽ اتان ڪهڙا شعور جا گلاب ڦٽي سڄو جڳ سرهائيندا جتي لطيف سائين جي آيتن تي پابنديءَ جا پينڍ مڙهي ڪفر ڪمائڻ جي ريت رهندي هوندي....!
” مان توهان کي هدايت ٿو ڪريان ته هتي، معاف ڪجو شعر و شاعريءَ جو ماحول نه ٺاهجو....“
” جي مان سمجهي نه سگهيس ....سر!“
”منهنجو مطلب ان شام توهان ڪو بيت وغيره پڙهيو هو. پڙهيو هو؟؟“
”ها ڀٽائي صاحب جو....“
ها ڪنهن جو به... پر ان جي، منهنجو مطلب شاعري ٻاعريءَ جي هتي اجازت ناهي... ماحول به ناهي... وڏو صاحب انهن ڪمن تي ناراض ٿو ٿئي، توهان محتاط رهجو.... نوان آيا آهيو، هتي ٻيو ماحول آ، اسان جي عزت جو خيال ڪجو.“
”پر سر، ڀٽائي جي بيت مان ڪنهن ڪهڙي تڪليف ٿي پهچي!“
”ڳالهه ڀٽائيءَ جي ناهي سرمد! ڳالهه شاعري جي آهي شاعريءَ وارو هتي ماحول پيدا ناهي ڪرڻو وڏو صاحب اهڙو ماحول پسند نٿو ڪري.“
ڀٽائي صاحب ته ڇا پر مورڳو شاعريءَ کان ئي ڇرڪندڙ انهيءَ وحشي وڏي صاحب جا پنهنجا ڪرتوت وري ڪهڙا هئا....!؟ پنهنجي ڌيئرن جيڏين معصوم شاگردياڻين ۾ غلط نظرون وجهندڙ جنسي بکئي بگهڙ جي تصوير منور جو قلم هنن لفطن سان ٿو عيان ڪري.
” ..... چڱو مڙس مختلف بهانن سان اڪثر پاڻ واري ڪلاس ۾ ڇو ايندو آ، ۽ ڀرسان گذرڻ مهل چورن وانگر درين مان بيهي بيهي ڏسندو آ! بظاهر ته هُو اهو ظاهر ڪندو آ، ته استادن ۽ شاگردن تي نظر پيو رکي پر اصل ۾ هو پنهنجي ڪلاسن واري سهڻي ڇوڪري ناديه امام لاءِ ايندو آهي.“
نه رڳو اهو پر هن جي ڪرتوتن کي وائکو ڪندي منور جي قلم جو جهاد جاري ٿو رهي ۽ هو اهڙن الاءِ ته ڪيترن واقعن مان هڪڙو واقعو ٿو لکي ته؛
”ان ڏينهن کان پوءِ نمرتا وري ڪيمپس ۾ نظر نه آئي آهي... ڏيڍ ٻه مهينا ٿي ويا آهن.... پر ڇو... يار ان شام مون کيس وڏي صاحب جي آفيس مان زور سان دروازو بند ڪري تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪرندي ڏٺو هو... وار وکريل.... اکين ۾ ڊپ ۽ ڪاوڙ جا گڏيل ڀاوَ.... بيوسي.... لاچاري... هي ڇوڪريون ڳالهه ڪن، ته به خوار نه ڪن ته به پريشان... بگهڙن جي وات ۾... مٽ مائٽ... عزيز... خواريءَ جو ڊپ ... پڙهائي بند ٿيڻ جو خدشو... وڃن ته وڃن ڪاڏي.... ننڍو شهر.... ننڍا ماڻهو ..... وڏي خواري... وڏي ذلت.... وڏا وات.... وڏيون وايون ڇوڪريءَ وٽ عزت کان سواءِ آهي به ڇا؟ ... جي اُها به کسجي وڃيس ته پوءِ ڇا بچيس....۽ هي ڪميڻو ۽ هن جهڙا ٻيا سوين هزارين ڪميڻا ان مجبوريءَ جو فائدو وٺن ٿا....
جتي ڪٿي.... رڳو هٿي ٿورئي... هر هنڌ..... اها آهي اڄ دور جي هڪ يونيورسٽي ۽ ان جي چمڙي وائيس چانسلر جي ڏينهن جي تاريخي ڪٿا. تاريخ جيڪا پنهنجي ايمانداريءَ سان سڀني واقعن کي ننگو ڪري لکڻ لاءِ ڪنهن باضمير قلم ڪار جي ڳولا ۾ هئي، جنهن يونيورسٽي جي ماحول کي ڏسندي هڪ ئي پٺاڻ شاگرد کي به چوڻو پئجي ويو ته:
”غضب خدا کا یونیورسٹی ہے یا مولا نا ڈیزل کا مدرسہ“
ته اهڙي ماحول ۾ تاريخ جي ڳولا ثاب پئي ۽ قلم سان عشق ڪندڙ ۽ عشق کي عبادت سمجهندڙ نوجوان ليجنڊ فڪشن رائيٽر محترم منور سراج کي قدرت آڻي، چئن سالن لاءِ اهڙو موقعو فراهم ڪيو جو بنا ڪنهن ڪوڙ يا وڌاءُ جي تاريخ پاران مليل جوابداري” تي پورو لٿو آهي، لکي ٿو ته ”عشق ۽ عبادت ۾ ٺڳي ۽ ڪوڙ هلي نه سگهندو آهي....“
هي ناول ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“ جنهن کي پڙهندي ماڻهو مزاحمت جي موهه ۾ مست قلندر ٿي اناالحق الائي ٿو وجهي ته ٻئي طرف وري پڙهندڙ پاڻ کي خوشبوءَ جي تلاءُ ۾ تڙڳندو ٿو محسوس ڪري. مينهوڳيءَ ۾ مور جي رقص جهڙو هي ناول پڙهندي پڙهندي پڙهندڙ پاڻ کي مور جي رقص ۾ تبديل ٿو محسوس ڪري، ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“ نالي هي ناول وقت جي فرعون جي خلاف مزاحمت جي وڏي رڙ آهي، جئين هر موسى کي فرعون جي محلات ۾ پرورش پائڻي پوندي آهي، بلڪل ائين هن ناول جو رائيٽر به هن دور جي سياسي خدائن پاران فرعون کي تحفي طور مليل يونيورسٽيءَ ۾ چار سال نه رڳو ڊگري وٺندي پالنا پائيندو رهيو آهي، جو لکي ٿو ته ”مان قلم جي عصا سميت سندس گهر ۾ ڄاول موسى آهيان، ۽ هو منهنجي ديس جو نئون فرعون آهي.... جنهن جي پريشانيءَ تي ذلت جو ڪارو داغ آهي!!“
۽ مان محبوب جي ياد جي بارگاهه ۾ سڪ جو سجدو ڪري جڏهن سلام ٿو ورايان ته مون تي يقين جون ٿڌڙيون هوائون گهلڻ ٿيون لڳن ته منور جو قلم معصوم ابابيل بنجي درسگاهه جي ڪعبي تي ڪاهي آيل اڄ جي سياسي ابراهه جي لشڪر تي لفظن، جملن ۽ احساسن جي ڪنڪرين جي ڀرپور بارش وسائي هن جي هڙني بدمست هاٿين کي سندن سوارن سميت سخت زخمي ڪري بر منهن ڏئي ڀڄڻ تي ضرور مجبور ڪندو.
**
هي مضمون س. ا. س سڪرنڊ پاران هن ناول جي ”اڀياسي ويهڪ“ ۾ پڙهيو ويو ۽ هي مضمون ”نئون نياپو“ رسالي جي ”منور سراج نمبر“ ۾ شايع ٿيو.