شخصيتون ۽ خاڪا

من من مورَ ٽھوڪا

علي نواز ڏاهريءَ جي لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي، هن  ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھريون ڀاڱو "جن جون جايون جيءَ ۾" جي عنوان تحت 12 مضمونن، ٻيو حصو "هر دل ڪيئي ڪتاب" جي عنوان هيٺ 8 مضمونن ۽ ٽيون ڀاڱو "سور پريان جا ساڻ مون" جي عنوان تحت 10 مضمونن تي مشتمل آهي. علي نواز ڏاهريءَ جا لکيل هي مضمون احساسن جو اهڙو جامع ڀنڊار آهي جنھن مان لفظ رقص ڪندي ڀائنجن ٿا. هن وٽ اظھار لاءِ انيڪ لفظن جو خزانو آهي. سندس نثر مان خوشبو ڦھلجي رهي آهي.

Title Cover of book من من مورَ ٽھوڪا

”ارشد“ صاحب جي موڪلاڻي: چڱو هاڻ يارو! ڪجي الوداع

اهو ڪيڏو نه ڪڙو ۽ ڪسارو فطرت جو اصول آهي ته زندگيءَ جي خوبصورت هرڻي هميشه موت جي بُکئي ۽ بيرحم بگهڙ جو کاڄ رهي آهي، ۽ دنيا جي جملي مذهبن جي منهدارن زندگيءَ جي خوبصورت دوشيزه کي موت جهڙي وحشي ڪاري ديو جي ”امانت“ ئي پئي سڏيو آهي،
موت جنهن کي سونهن جي تقدس سان ڪوئي سروڪار نه هوندو آهي- سونهن جيڪا نه رڳو چهري جي چانڊاڻ هوندي آهي پر سيرت جي خوشبوءَ به هوندي آهي، جيڪا ولايتون واسي ڇڏيندي آهي. سيرت جي خوشبوءِ، جنهن ۾ ماڻهوءَ جو من آرسيءَ وانگر اجرو هوندو آهي، جنهن ۾ هر شي خوبصورت نظر ايندي آهي، جنهن ۾ ماڻهو کي ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو نظر ايندي آهي، ۽ اڃان به اڳتي وڌي هر صورت پرينءَ جو پرترو نظر ايندي آهي، بقول لطيف سائين جي ته:
جيڏ هان ڪر نگاهه، تيڏهان صاحب سامهون .
تڏهن اندر مان اظهار ٿي جيڪا سچائي نڪرندي آهي اها ڪڏهن گوتم جو گيان بنجي ويندي آهي ته: سروم دکم دکم، ته ڪڏهن لطيفي لات جون صدائون بنجي ويندي آهي ته:
آيل ڪريان ڪئين، منهنجي نينهن اپليو نا رهي،
ته ڪڏهن اياز جي تخليق جي تند بڻجي پوندي آهي ته:
ساري ڌرتي ديس مگر، مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان وو-
ته ڪڏهن سائين عبدالحڪيم ”ارشد“ جي ڏات جا ڏيئا بنجي پوندي آهي ته:
ديس ڇڏي پرديس ۾ پنهنجو، پاڻ کي ڳولڻ آيو آهيان،
جوڳي بنجي بستي بستي، بين وڄائي ويندس مان.
*
ساري دنيا اوندهه اوندهه، منهنجي من جوت جلي،
تن جي چاندي ڪٽجي وئي، من جا موتي جرڪي پيا.

۽ سائين ارشد جي من جا موتي جڏهن جوت جي جمال سان جرڪي اٿندا هئا ته لفظ گيتن، غزلن ۽ نظمن جون لڙيون بنجي هن جي چپن جي صراحيءَ مان اٿلي پوندا هئا، ۽ هُو دل جو سارو درد چپن تي آڻي ڇڏيندو هو ته هن جا سامعين تڙپي اٿندا هئا. ڄڻ ته اها انهن جي اندر جي اٿل جي وارتا. هئي جيڪا سائين ارشد جي لبن جا بند ڀڃي رهي هئي، ۽ ڄڻ ته سائين ارشد سامعين جي اندر جي ڦرهيءَ کي پڙهي انهن جي روح جي ترجماني ڪري رهيو هو ته:
دل جو آڻي درد چپن تي گيت سريلو ڳائيندو،
”ارشد“ کي ٿا ڇيڙيو ”ارشد“، محفل کي تڙپائيندو.

گيتن جو نذرانو توکي، پيش ڪيان ٿو پٿر دل!
گيت اسانجو نيٺ ته ڪڏهين، تنهنجي دل ڌڙڪائيندو.

پاپ نگر ۾ پاپ ملي ٿو، سونهن شهر ۾ قياس ڪٿي؟
ڪو به اگهندو تنهنجا ڳوڙها، ڪو به نه ته توکي پرچائيندو.

روپ نگر جا ماڻهو نڪتا، انڌا ٻوڙا پٿر دل،
درد جو دارون ڪير ڪندو هت، دانهن نه ڪو ورجائيندو؟.

اهو سائين ارشد جيڪو پنهنجي وجود ۾ ته گم سم اڪيلو وجود هو پر پوءِ به هن جا ڪيئي رنگ ۽ روپ هئا. جئين انڊلٺ ته هڪڙي هوندي آهي، پر ان جا ڪيئي رنگ اڀ تي جرڪي پوندا آهن. بلڪل ائين سائين سادو سودو صوفي به هو ته سچو سامي ۽ سنت فقير به هو. هُو دنيا جي مڙني قديم کان جديد ۽ جديد تر فڪرن ۽ فلسفن جو پارکو به هئو. ته پيار جو پانڌئينڙ و به هو. ته هُو ڏات جي ڏيهه ۾ گجگوڙ مچائيندڙ انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر به هو ته ڪنهن جي محبتن جو اسير به هو. هُو ٻاجهه ۽ شفقت جي زنده تصوير به هو ته نفرت جي ٽانڊن جهڙن پلن ۾ محبتن جو ڀريل مٺو گهڙو به هو- هُو انقلابي به هو ته آدرشي به هو، مڙئي مذهبن ۽ نظرين جو ڄاڻو به هو جو هن هر ڪنهن فڪر جي ڦرهيءَ کي دل جي نيڻن سان پڙهي پروڙيو هو.
ائين هن جي عشق جا هڪ نه پر ڪيئي حوالا هئا، لطيف سائين جي هن شعر جيان ته:
جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سان، درسن دارون ڌار،
پريم! تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.

انهيءَ سائين ارشد جا پتا ۽ پار اجهو سندس همعصر دوست ۽ هن ڏيهه جو هڪڙو ٻيو ڏاهو، انقلابي شاعر ۽ پورهيت اديب محترم خاڪي جويو صاحب هئين پيو ڏئي ته؛ ”نهٺو، نماڻو، نازڪ مزاج ۽ ڪومل جذبن جو مجسمو شاعر عبدالحڪيم ”ارشد“ ۽ سڀ کان وڌيڪ هڪ سچو پچو انسان، نه ڪنهن جي هنئين ۾ نه ڪنهن جي کنئين ۾ پنهنجي واٽ وٺي هلندڙ، جڳ جهان جو خير گهرندڙ ۽ پنهنجن سان پيار ڪندڙ، سونهن جو پوڄاري، سکن جي سڌن کان پري ڀڄندڙ، شهرت ۽ ناموس سان نه پوندڙ، بظاهر معمولي ماڻهو، پر سچ ته تاريخ جو ڏاڍو وڏو انسان! تخليق جو سرچشمو، ٻولن جو خالق، سوچن جو سرجڻهار، جذبن جو جاڳائيندڙ ۽ روح کي راحت بخشيندڙ، ڀر ۾ ويهندو ته جيڪر چئجي ته جنم جي ڦيرن ۾ به گڏ هجي الائي ته ڪهڙي ڪشش ۽ ڇڪ هن ڏٻري ۽ ماٺيڻي انسان ۾ هوندي آهي، جهڙو گوتم ۽ مسيح جو پرچارڪ، خيال اوچا، رمز نماڻي، ڳالهائيندو ته موتي پوئيندو ويندو، کلندو ته گُل پيو ڪرائيندو، ماٺ هوندو ته مهربان نظر ايندو، ڪچهريءِ ۾ ويهندو ته ڪير ڏانهنس ڌيان ئي نه ڏيندو، پر جي ڳالهائيندو ته سڀني جون نظرون ڇڪي وٺندو. هر ڪو ائين پيو گهرندو ته ويٺو ڳالهائي، نه ڪنهن، جي مخالفت، نه ڪنهن جي گلا، نه تنقيد پر ڳالهه اهڙي ڪندو جهڙي ”منڊيءَ تي ٽڪ“ يا لطيف چواڻي ته:
سامي کامي پرين لئه، ڪسي ٿيا ڪباب،
جهڙو ڏسن ڏوهه کي، تهڙو تن ثواب،
اوتين ارتي گاڏئون، منجهان اکين آب،
سندو ذات جواب، تون ڪئين پڇين تن کي.“

اهو سائين ارشد جنهن کي شڪايت هئي ته همعصر دوستن هن کي وساري ڇڏيو آهي، پوءِ هو ٻڌائيندو هو ته ”بس يار هڪڙو اياز گل آهي، جيڪو هر سال مونکي جنم ڏينهن تي فون ڪري مبارڪ ڏيندو آهي، باقي ٻيو ڪوئي ياد به نٿو ڪري“ پوءِ هوءِ پارت ڪندو ته ”هڪڙا توهان، توهان جا ڀائر، توهان جا پٽ ۽ ٻيا ڪجهه نوجوان آهن جيڪي منهنجي زندگيءَ جا آخري دوست آهيو“ مان چوندو هوس ته ”سائين! توهان اسان جا فيملي ميمبر آهيو“ چوندو هو ته ”يار! سچ پچ ته زندگيءَ جو سرمايو آهيو، پر يار! تواهان مونکي ڪڏهن به نه وسارجو.“ مان جواب ڏيندو هوس ته ”سائين! اسين جيڪي جيون جي رُڃ ۾ رلندڙ صحرائي مرگهه آهيون، جن کي هن قحط الرجال جهڙن تتن ڏينهن ۾ توهان جي ٻاجهه جي ڇانَو ۽ توهان جي صورت ۾ هڪڙو ٿڌو ۽ مٺو چشمو ملي ويو آهي، جتي اسين پنهنجي روح جا سارا ٿڪ اچي لاهيندا آهيون. بلڪل ائين جئين توهان پاڻ اهڙين گهڙين ۾ پنهنجي روح جا سارا ٿڪ سنڌو ڪناري، سنڌ جي ٻڍڙي صوفي لاڪوفيءَ جي محفل ۾ اچي لاهيندا هئا، سو اسان توهان کي وسارڻ جهڙي ڪبيري گناهه جا مرتڪب ڪئين ٿاٿي سگهون؟“ ڄڻ ته بي يقينيءَ مان آهستي چوندو هو ته ”الاءِ يار!“ هن کي حق به هو اهڙي بي يقينيءَ جو. ڇو ته هن ماڻهو مٽجندي ڏٺا هئا. هن جي جوڙ جا هڪ نه پر ڪيئي وڏا وڏا ليکاري جن جي ڏات جي ڏيا سنڌوءَ جي ساک بنجي چڪي هئي، جن جي ڏات سنڌڙي کي سجدا ٿي ڪيا. جيڪي ان دور جا ٻيجل هئا، جن سِرن جي صدا سُرن ۾ ٿئي هنئين. جن جي ڪلا ڇٽ پٽن سان هڻڻ جو ڏانءُ ٿي رکيو“ سي به هن، راءِ ڏياچ واري ٻيجل جيان مڻين تي موهجندي ڏٺا هئا. نوڪرين، پلاٽن ۽ پرمٽن تي وڪامندي ڏٺا هئا. تن سان مخاطب ٿي محترم سائين تاج جويو چيو هو ته:
همسفر تون سڪن تي ڇڪن ٿي وئين،
ڏات ويڪوءَ سان بات ٿيڻي نه آ.

۽ سائين ارشد انهن سون تي سيڻ مٽائڻ وارن لاءِ تعجب ۾ هو ته:
اونداهين سان ٺاهه ڪيائون، سازش ۾ ٿيا نيٺ شريڪ،
جوت تي جن ٿي جان ڏني، تن ديوانن کي ڇاٿي ويو-

رڳو قلم جا ڌڻي ئي ڇا! پر هن ته ايمانن کي وڪامندي عابدن، ذاهدن، پيش امامن کي تبديل ٿيندي ڏٺو هو، جن جون دعوائون دم ٽوڙڻ لڳيون هيون.
رات ڏٺاسون مئخاني ۾ رندن سان گڏ پيش امام،
دعوائن جا پول ٿيا پڌرا. ايمانن کي ڇاٿي ويو.

انهن ايمان جي دعويدارن ۽ وقت جي خود رو منصفن جڏهن اسان جي هن نماڻي شاعر طرف پنهنجي تنقيدي تيرن جا رُخ ڪيا ته سائين ارشد جواب ۾ صرف ايترو چيو ته:
آئون ڏوهي ۽ تون پاڪ
قاضي صاحب! توبهه ڪر،

انهن ماڻهن جي مٽجي وڃڻ جو سائين ارشد کي انڪري به ملال هو جو هن انهن سان دل جي گهراين سان پيار ڪيو هو، ۽ دلوارا دل کي درد ڏئي جدا ٿي وڃن ته افسوس ته اَوَس ئي ٿيندو نه:
اسان پيار جنهن سان هو ڏاڍو ڪيو،
اهو نيٺ ”ارشد“، جدا ٿي ويو-

۽ پوءِ ٻڌائيندو هو ته پوءِ وقت اهڙو به آيو جو هن جا ڪجهه همسفر هن کي سمجهي نه سگهيا ۽ انهن هن کي شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ شروع ڪيو ته هيءُ پنهنجي اندر ۾ صفا ڀڄي ۽ ڀُري پيو هو. اصل ۾ انهن جو به ڏوهه نه هئو، اهو فطرت جو اٽل اصول آهي ته هر دور جي ڏاهي ماڻهوءَ جي روح جي وسعتن تائين عام ماڻهوءَ کي پهچڻ جي دسترس ئي نه هوندي آهي، اهڙي موقعي تي ئي اياز جي ڏات مان هي صداگونجي هئي ته:
”الاءَ ڪڏهن عام، رسندا منهنجي روح کي“
۽ نتيجي طور هر دور جي سقراط کي وقت جي خودور منصفن هٿان وهه جو وٽو پيئڻو ئي پوندو آهي.
هر ڄٽ هٿان ٿو زهر پيئي،
هن شهر ۾ جيڪو سياڻو آ.

لطيف سائين به اهڙن فتوا فروشن کي تنبيهه ڪئي هئي ته:
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.
خاڪي جويو به ته اهڙو ئي اظهار ڪيو هو ته:
ديوانن کي ڇيڙيو ڇو ٿا، بيگانن جي بستيءَ ۾،
رهڻ ڏيو اي دنيا وارا! مستن کي سرمستيءَ ۾.
۽ نياز همايونيءَ چيو ته:
مون تي وار ڪرين ته ڀل ڪر، مون کي ڪا پرواهه نه آ،
مون کان پوءِ تون سمجهڻ لڳندين، تو ۾ ڀي ڄڻ ساهه نه آ.
تڏهن ارشد جو قلم به سڏڪي پيو هو، جنهن ان جي اندر جي اظهار کي هيءَ لفظ ڏنا هئا، ته:

ماڻهن مون کي ڪين سڃاتو، پيار جي عيوض پور ڏنئون.
سور ڏين ناسور ڏين، ٿا گهايل دل کي گهاءَ ڏين،

يا
هن دل تي اونها گهاءُ سهي، مون عمر گذاري ”ارشد“ آ،
ته به روح نه ڪنهن جو رنجايم، مون دل نه ڪا آزاري آ.

هو جيڪو سراپا نهٺائي هو، سراپا نياز هو. سراپا عشق هو بلڪه اهڙو عاشق صادق هو جيڪي پاڻ ۾ پيهي ئي نينهن جي نماز جوٽيندا آهن. ته عشق انهن جو امام بنجي پوندو آهي.
عشق آ جن جو پيش امام،
عشق تي جوٽن نينهن نماز.

جڏهن ته روح رنجائڻ ۽ دليون آزارڻ لاءِ ماڻهو عاشق مزاج نه پر درندو صفت يا بگهڙ- مزاج بنجي پوندو آهي، پر هيءُ يارته سادو سودو، مسڪين ماڻهو هو. جنهن جي سيني ۾ پشم جهڙي دل ڌڙڪي رهي هئي، ۽ هو دل تي چوٽون سهي به چُپُ رهڻ وارو ماڻهو هو، سو ڀلا ڪٿي ٿي روح رنجائي سگهيو-

ڪو ڇا به چوي پر ”ارشد“ شاعر، سادو سودو، صوفي هو،
هر چوٽ سٺائين دل تي پر، روحَ رنجائي ڪين سگهيو.

پوءِ سرعام شڪايت هن جي دل مان نڪري قلم تي اچي شعر بنجي وئي، جيڪا هو ڄڻ ته پنهنجو پاڻ کان شڪايت ڪندي، خود ڪلامي ٿو ڪري ته:
هن ڌرتي دک جي ڌرتيءَ تي،
تون تنهن نڀائڻ آيو آن،
۽ پٿر جي هن شهر اندر،
موتين کي ورهائڻ آيو آن.

او واٽ مسافر وڻجارا!
تون پهتين ڪهڙي وستيءَ ۾،
هت ڪنهن کي ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪا،
هر ماڻهو پنهنجي مستيءَ ۾،

۽ پوءِ هن لکيو ته:
روپ نگر جا ماڻهو ”ارشد“ پٿر دل ئي ثابت ٿيا،
من جا ميرا، دل جا ڪارا، سهڻي صورت وارا ماڻهو.

اصل ڳالهه هئي انهن من جي ميرن، دل جي ڪارن سهڻي صورت وارن ماڻهن ڪڏهن پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڪو نه ڏٺو هئو، نه پاڻ سڃاڻي سگهيا هئا، نه اندر جي آرسيءَ ۾ پاڻ کي پسي سگهيا هئا- ماڻهو کي صرف اهو غرور ماري رهيو هو ته هو خلائن جا رستا لتاڙي، ستارا ٽپي چنڊ ته ڇا پر مريخ تي پنهنجا قدم رکي چڪو آهي.
تارن کان مٿي اڏري به ويو، ڪجهه ڏور اڃان ڀي ڇاٿي پيو؟
هن دور جو ماڻهو پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڪين سگهيو.

پوءِ هيءَ ماٺيڻو ماڻهو ڄڻ ته اڪيلائن جو شڪار ٿي ٿو وڃي_ پوءِ اها اڪيلائي هن کي روئاري ٿي وجهي ۽ پوءِ هي پنهنجو پاڻ سان خود ڪلامي ٿو ڪري، پنهنجو پاڻ کي پرچائي ٿو، پنهنجو پاڻ سان پرچي چپ چاپ لڙڪ اگهي ٿو ڇڏي.
ڪنهن جي خاطر مورک ”ارشد“، ٻارن وانگر روئين پيو،
ڪو به نه اگهندو تنهنجا ڳوڙها، ڪير ٿو توکي پرچائي!

وري روين جا گهاءُ دل تي سهي به، ساٿين کي ساريندي، ڪنهن گهري سوچ ۾ گُم سُم ٿي ، پنهنجو پاڻ کان ئي پُڇي ٿو وٺي ته:
گوتم وانگر گوم سُم آهين، ڪهڙي گهري سوچ اندر،
”ارشد“ منهنجا دوست وري اڄ، ڪنهن کي ايڏو سارين ٿو.

پوءِ سوچ جا پوپٽ هن جي من جي باغيچي ۾ پيار جو پسار ڪندا ٿا رهن. ۽ هن کي اهو خيال ٿو ستائي ته اڙي يار ”ارشد!“ تون به عجيب ماڻهو آهين. ڪهڙن اٻوجهن جي ٿو دل ۾ ڪرين ته هنن توکي نه سڃاتو!!؟- لوڪ تي ميار نه ڪر- جن کي سواءِ سن جي ٻڍڙي لطيفي سَنت جي ڪو صحيح رهنماءُ ئي نه مليو آهي، جنهن کي ئي هيءَ قوم سڃاڻي ۽ سمجهي نه سگهي. پوءِ ياد تو اچيس ته عيسى ابن مريم کي ڪهڙو پنهنجي قوم سڃاتو هو!؟ وقت جي پيغمبر کي به طائف جي گهيٽين ۾ پٿر ئي پئي هڻيائون. ۽ هي تنهنجي ته صدين کان قوم غلام آهي، ۽ غلاميءَ جا اهي مڙئي روڳ آهن جو ماڻهو پنهنجا رهبر به سڃاڻي نه سگهندا آهن. هن قوم جن کي پنهنجو رهبر ۽ رهنماءَ پئي سمجهيو سي ته هن کي فڪري طور گمراهه ڪري، مفاد پرستيءَ جي ڌٻڻ ڦاسائي، قوم کي راهه ئي رلائي ويا آهن. پوءِ اهڙن رهبرن جي نشاندهي ڪندي ڄڻ ته ڪروڌ ۾ ڀرجي ٿو وڃي ته:
رهبر جي مليا گمراهه مليا، ڪي انڌا ها ڪي چنڊا ها،
ٻي سمجهه اٻوجهن ماڻهن کي، در در تي رلايو آهه ويو.

سائين ارشد جي خود ڪلامي اتي به ختم ڪا نه ٿي ٿئي. هو دوستن جا رويا ڏسي ۽ ماڻهن کان مايوس ٿي، پنهنجي ڌرتيءَ سان مخاطب ٿيڻ ٿو لڳي. ڌرتي جيڪا هن جي سرتي هئي- ڌرتي ۽ هن جو درد ساڳيو هو، درد ڏيندڙ ساڳيا هئا. بقول منشيءَ جي ته:
سور ٻنهي جو ساڳيو، جيري منجهه ڄراٽ
۽ هو ڌرتيءَ سان سندس سور- پچار هيئن ڪندو رهيو ته:

اي ڌرتي! تنهنجو درد کڻي،
مان بستي بستي ڀٽڪيو هان-
۽ ڪارين ڪارين راتين ۾،
مان جگنو بنجي جرڪيو هان.

مون وستي وستيءَ سئن هنئين،
مان جنم جنم جو جوڳي هان.
آ روڳ رڳن ۾ ڌرتيءَ جو،
اي ڌرتي! تنهنجو روڳي هان!

اي ڌرتي! تنهنجا گيت چئي،
هر دل کي مون ڌڙڪايو آ،
هر دل ۾ تنهنجو درد ڀري،
مون جنتا کي جاڳايو آ.

اي ڌرتي! تنهنجو درد کڻي،
مون باهه ڀري آ بيتن ۾،
هر شعر ۾ ٽانڊا، ٽانڊاڻا،
ويا پکڙي شهرن ۾ ڳوٺن ۾،

اي ڌرتي! تنهنجي آزادي،
هر چيز کان مون کي پياري آ.
مون گيت اڳيئي گهوريا ها،
اڄ جان به توتان واري آ.

ائين هو ”پاپ نگر“، ”نئون پاپ نگر“ جهڙا نظم لکي ڌرتيءَ سان پنهنجو عشق اجاريندو رهيو ۽ سنڌ سان پنهنجي ساک جو سلسلو جوڙيندو رهيو، ۽ سنڌ پنهنجي هن حلالي ٻچڙي کي جيءُ جيءُ چئي جيءُ ۾ جايون ڏيندي رهي. فطرت هن تي پنهنجي مهر جي پالوٽ ڪندي هن کي نوجوان ساٿي مهيا ڪري ڏنا- نوجوان جيڪي سنڌ جو آئيندو هئا، جيڪي هن جي گيتن جي صبح جي ساڀيان هئا، جن جي نيڻن ۾ هن پنهنجي لاءِ ۽ سنڌ لاءِ سڪ، سچائي ۽ پيار جا پاڇا ڏسي ورتا هئا. جيڪي هن سان نينهن جو ناتو نڀائيندا رهيا- جن هن کي اڪيلائيءَ جي اذيت مان ڪڍڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي هئي-
هونئن ته ڪيئي نوجوان سائين ارشد کي پنهنجو محسن، رهنماءَ بلڪه پاڻ کي هن جو روحاني اولاد سمجهندا رهيا پر سواءِ پياري پريتم قاضيءَ جي، گهڻن جي دعوائن ۾ دم ئي نه رهيو- اهي هن جي روحاني رشتي جي رمز کي رسي ئي نه سگهيا. پريتم: جنهن سائين ارشد سان نڀائيندي سندس آخريءَ عمر ۾، جڏهن هن جون نگاهون به بيوفا بنجي هن جو ساٿ ڇڏي ويون هيون، ته هن جو شاعريءَ جو آخري ڪتاب ”آواز اندر جو“ ڇپائي هن جي هٿن تي پڄائي ڇڏيو هو. نه رڳو اهو پر ان ڪتاب تي ڏاڍو خوبصورت مهورتي پروگرام ڪرائي سائين ارشد جي جيءَ ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي هئي.
هيءُ لفظ لکندي مون کي پنهنجو هڪ ترائيل ياد اچي رهيو آهي، جيڪو ڄڻ ته سائين ارشد جي اندر جي ڳالهه هئي، جيڪا پريتم سان هن جي محبتن جو اظهار هئو، جيڪو هُو ڪري نه سگهيو ۽ مون لکي ورتو ته:
جڏهن پريتم ياد اچي ٿو،
دل ۾ سڪ جا ساز وڄن ٿا.
من جن بن ۾ مور نچي ٿو.
جڏهن پريتم ياد اچي ٿو.
عشق جو اهڙو رنگ رچي ٿو.
پنهنجا ساهه به راڳ لڳن ٿا.
جڏهن پريتم ياد اچي ٿو.
دل ۾ سڪ جا ساز وڄن ٿا.

مان پاڻ کي خوشنصيب ٿو سمجهان، جو اهو سارو ڪتاب مون پنهنجي تحت اللفظ ۾ سائين ارشد کي پڙهي ٻڌايو هو- هڪ نه پر ٻه ٽي دفعا، ڇو، ته سائين ارشد چيو هو ته اهو ڪتاب مون بند اکين سان لکيو آهي، خوبصورت آهي يا نه! مان ڏسي يا پڙهي به نٿو سگهان تنهن ڪري تون مون کي پڙهي ٻڌاءِ! ان ڪتاب جي مهورتي ڪاڄ تي پيپر به لکيو هوم، جنهن کي سائين ارشد توڙي سندس محبوب پٽ پياري راشد به خوب پسند ڪيو هو-
سندس ڪتاب جي مهورت کان ٻئي ڏينهن فون ڪري ڄڻ ته ميار ڏنائين ته ”علي نواز يار! تو منهنجو ڪتاب دل سان پڙهيو آهي، مون کي به پڙهي ٻڌايو اٿئي، بهترين پيپر به لکيو اٿئي پر مون هن ڪتاب ۾ ڪجهه پنهنجي باري ۾ شعر لکيا آهن. توهان ۽ سڀني دووستن کان موڪلاڻي وارا الوداعي شعر به لکيا آهن، انهن ڏانهن تنهنجو ڌيان ڇو نه ويو! پنهنجي پيپر ۾ انهن مان هڪڙي کي به ڪوٽ ڪو نه ڪيو اٿئي!؟ ”چيم“ سائين! ”توهان جي ٻاجهه ۽ شفقت جو سايو اسان جي سِر تي سلامت رهي، اهڙن شعرن کي مون ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو آهي. اهڙن شعرن تي لکڻ جو ساهس به ساري نٿو سگهان. سائين! چيائين ”بس يار هاڻ هلڻ هارو آهيان. ڪڏهن اوچتو ٻڌندئو ته وڃي پنهنجي وطن پڳاسين.“
مون چيو ”سائين! اهو موضوع بند. ڪنهن ٻئي موضوع تي ڳالهايو.“ چيائين ”موت ڪو زندگيءَ جو خاتمو ٿورئي آهي. زندگي ته اڃان اڳتي آهي. سوچ ته سهي، اهو وطن ڪيڏو نه حسين هوندو، جتي سڀئي حواس سالم هوندا، جتي ڏک، بک ۽ بيماريون ڪو نه هونديون- جتي ابي، امان سميت سڀئي وڇڙيل پيارا ملندا، جن ريءَ هيءَ حياتي گهنگهر ٿي گذري آهي. مون کي ته روز اتاهين نياپا ٿا اچن ته اڙي يار ارشد! ايڏي دير؟.“ ۽ مونکي ياد آيا ”آواز اندر جو“ مان اهي شعر جيڪي لکي هي يار ڄڻ ته اسان کان موڪلائي رهيو هو ته:
اڏري ويندس ڏاڍو ڏور.
موٽي مُور نه اچڻو آ.

اُڏري ويندس اڀ ڏي آنءُ،
رهجي ويندا قيد قفصّ.

گهڙو ڇا ڪندو؟ ٿا گهڙون گهيڙ ۾،
پرينءَ پار کان ٿا نياپا اچن،

گهرايو پري کان آ ”ارشد“ کي جن،
جتي ’ها‘ نه ڪا ’هُو‘، اُتي ٿا رهن-

افسوس ته اسان مان ڪنهن غور ئي نه ڪيو ته ”آواز اندر جو“ لکي هي يار اسان کي الوداع پيو ڪري ۽ اسين وري کيس سندس ڪتاب ڇپجڻ جون مبارڪون پيا ڏيون.
پوءِ اوچتو اوچتو اهو رمتو جوڳي، جيڪو روح جون ٻوليون ٻڌوندو. جنهن کي شعر لکڻ شوق نه هو پر ڪا ازغيبي قوت الهام ٿي هن تي شعر نازل ڪندي هئي.
مان روح جي ٻولي ٻڌندو هان، هي روح مخاطب ٿيندو آ،
آواز اندر جو هوندو آ، جو گيت چپن تي ايندو آ.

ڪو شعر لکڻ جو شوق نه هو، پر شعر ته بنجي ويندو آ.
هي شعر ته دل دنيا تي، الهام ٿي نازل ٿيندو آ.

سو اسان سڀن کي دعائن جا تحفا ۽ نيڻن ۾ ڳوڙها ڏئي پنهنجي اصلي وطن ويو به هليو.
ٻه ڳوڙها ٻه دعائون، اوهان وٽ ڇڏي،
اسان ٿا وڃون يار! اصلي وطن!

ڇو ته هن انَحَد جا آواز ٻڌي ورتا هئا.
پاڻ گهرايو آهي يار،
آيا انَحَد مان آواز.

۽ پوءِ هو جيڪو عشق جي عظمت جي سفر جو اڪيلو مسافر هو، اداس روح ۽ يارن جو يار هو، بقول سندس ته:
تنها تنها روح اداس،
يارن جو هو ”ارشد“ يار.

۽ پوءِ هوُ جنهن سان ڀٽائي ڪهاڻيون ڪندو هو، ۽ رومي به جنهن سان رهاڻيون، ڪندو هو. هُو سنتن ۽ ساڌن يا صوفين کان جيڪو هو سکندو رهيو. هو جيڪو مهان سنڌو_ ديس جي مفڪر جي مئخاني جي مٽ مان هو پئندو رهيو ۽ هو جيڪو سنڌ جي صوفي روح جي سڏ جو مڌر پڙاڏو هئو. بقول سندس ته:
ڀٽائي کي روميءَ آ پارت ڪئي.
اڃايل آ ”ارشد“ پياريوس جام.
*
ڀٽائي ۽ روميءَ کان مون ڇا سکيو؟
فقط نياز نوڙت فقط پيار، پيار.
*
مون سنتن ۽ صوفين کان هي آ، سکيو،
پرم ڌام، منزل دنيا آهه دام.
*
پيار جي مذهب ۾ ”ارشد“ ايڪتائي ايڪتا!
سن جي سائينءَ کان اهو ئي مون پرايو دوستو!

سو آکيري کي الوداع ڪري، وڻ جي لام ڇڏي پرواز ڪري ويو.
آکيري کي الوداع
ڇڏڻي پوندي وڻ جي لام.

۽ ويندي ويندي هو سراپا دعا ٿي ويو هو.
چڱو هاڻ يارو! ڪجي الوداع،
اوهان کي دعائون ڪندو ٿو وڃان.

مون کي ياد اچن پيا شيڪسپيئر جي تخيل جا هيءَ ٻه ٽي لفظ ته:
”اي منهنجا محبوب!
جڏهن به تنهنجي ياد ايندي.
اسان کي اسان جا گناهه ياد ايندا.“
۽ سائين ارشد جي لفظن ۾ ته :
جڏهن ياد تنهنجون ٿيون ڳالهيون اچن،
اکين منجهه ڳوڙها ٿا ڀرجيو وڃن.
**

هي پيپر سائين عبدالحڪيم ”ارشد“ صاحب جي چاليهي جي موقعي تي پڙهيو ۽ ”نئين آس“ مئگزين ڪراچيءَ جي عبدالحڪيم ”ارشد“ نمبر ۾ پڻ ڇپيو.