صحافي- ميڊيا جي ڪائنات جا جبرائيل اَمين!
(محمد صديق منگيو جي صحافتي پهلوءَ تي هڪ نظر)
رگ ويد کان وٺي قرآن پاڪ تائين سمورا مقدس ڪتاب، انسان ذات لاءِ حڪمت ۽ روحاني ترقيءَ جا صحيفا هجڻ سان گڏو گڏ شاعريءَ جا بهترين فن پارا پڻ آهن. شايد ان ڪري ئي شاعريءَ کي پيغمبريءَ جو جز سڏيو ويو آهي. بلڪل ايئن صحافت به فرشتانه پيشو آهي. اقتدار جي پُر پيچ ڪاڪ محل جهڙن اعليٰ ايوانن ۾ ٿيندڙ سازشن جا انيڪ انڪشاف هجن يا رياستي دهشتگرديءَ جا هانوَ ڏاريندڙ ڀيانڪ روپ- انساني حقن جي پائماليءَ جون کلمکلا مذمتون هجن يا عالمي، بين الاقوامي توڙي ملڪي عدالتن پاران انسانيت ۽ انصاف جا قتل، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گوليءَ جي ٻوليءَ ڳالهائيندڙ ڊڪٽيٽرشپ جي قهر ڀري ڪاري رات هجي يا انجنيئرڊ الڪيشني ڌانڌليون، سچ پچ ته صحافي ئي ان سڄي ميڊيا جي ڪائنات جا جبراِئيل امين آهن.
صحافت رڳو پريمي جوڙن جون رنگين تصويرون ۽ ڌيان طلب جا اشتهار به ناهي. صحافت رڳو ٽريفڪ حادثي ۾ رئيس ڪانڊيري خان جي ميلي تي ويندڙ گهوڙن جي زخمي ٿيڻ جون خبرون به ناهي.
صحافت رڳو سيد ڪرڙ شاهه جي ڳوٺان گلو دايي جي گڏهن چوري ٿيڻ جون ٻه ڪالمي سرخيون به ناهي. صحافت رڳو سردار آڦٽ مار خان جي ڪتن پاران “ايٽم بم” سوئر مارڻ جون خبرون به ناهي.
صحافت رڳو ڪنهن ڊونر ايجنسي جي پگهار تي پاڻمرادو بڻيل سماجي ڪارڪن جا ٻٽاڪن ڀريا دونهيندار بيان به ناهي،
صحافت رڳو روينيو، پوليس ايڪسائيز، ايريگيشن، واپڊا، گيس، فون ۽ تعليم جهڙن فيل مست، کاتن جي ڪرپٽ ڪامورن ۽ جسم فروشي جي اڏن ۽ منشيات جي ڪاروبار ڪندڙ خلاف ڪجهه لکي ڇپائڻ کان اڳ انهن کي بيلڪ ميل ڪري کانئن ناجائز مراعتون، رعايتون ۽ کيسن کي حرارت بخشيندڙ لفافا وٺي صاحبن جي ساراهه ڪرڻ به ناهي.
هت ذهنن ۽ ضميرن جي خريد و فروخت جو سلسلو هاڻ پراڻو ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ سياستدان کان سماجي ورڪر تائين مذهبي عالمن کان وٺي ادبي ڪرتائن ڌرتائن تائين هر جنس جي وڪري جا پنهنجا پنهنجا اگهه مقرر ٿيل آهن. اتي نه وِڪيو آهي ته صرف چند صحافين جو ذهن، ضمير ۽ قلم نه وڪيو آهي.
”هيڏي وڪري جو نه وڪاڻو. سوئي ماڻهو موتيءَ داڻو“
سنڌي سماج جي گذريل ڏيڍ سو سالن جي غلاميءَ جي ناسور وارن ڦٽن تي پها رکندڙ اهڙن مسيحا صفت صحافين تي سنڌ صدين تائين فخر ڪندي رهندي، سنڌ سنڍ ناهي ٿي.
”اڃان رُڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي، متان ائين سمجهين مئا مور سارا.
اهڙن ڳاڻ ڳڻين زنده ضمير صحافين جي سٿ ۾ اسان جو دوست محمد صديق منگيو پڻ شريڪ- سفر آهي. سقراط کان وٺي اڄ تائين اهو به ثابت ٿيل آهي ته سچ وڏو ڏوهاري آهي، پر اها به سج جهڙي روشن حقيقت آهي ته اهو سچ، جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو تنهن جو سارو چين کڻي ٿو. هن ٻاٽ اونده سماج ۾ پنهنجي سچ جي سگهه ۽ قلم جي قط سان جڏهن به ڪنهن جگنو جهڙي جوت انڌيرن سان اٽڪڻ جي جرئت ڪئي آهي ته اڳ ۾ ته ان کي خريدڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ ڪاري رات جي رکوالن، چمڙن، چورن ۽ چٻرن جي ساٿارين انهن تي ڀرپور حملا پئي ڪيا آهن. سڄي سنڌ سان گڏ سڪرنڊ ۾ به صحافت تي اهڙا ڪاري وارَ ٿيندا پئي رهيا آهن. جن جو هڪڙو نشانو محمد صديق منگيو پڻ رهيو آهي، پهاڙيءَ جي پيرن کي ڏنگيندڙ وڇون هميشه پنهنجو ئي ڏنگ پئي زخمي ڪيو آهي. پر حق جا هوڪا خاموش ناهن ٿيڻا.
”جان جان دعوا دم، تان تان پرت پنهوار سين.“
هر تخليق تخليقڪار جو آئينو هوندي آهي، جيئن ”واٽ ويندي“ ۾ مرحوم نور عباسي جي شخصيت جا پرتوا پسڻ ۾ ايندا آهن، شمشيرالحيدري کي توهان سندس ايم. آر. ڊي جي جمهوري جدوجهد دوران روزانه مهراڻ ۾ لکيل ايڊيٽوريلن ۽ ڪالم ”ڀير تي ڏونڪو“ ۾ ڏسو سراج کي ”رتيءَ جي رهاڻ“ ۾ انور پيرزادي کي سندس مختلف ڪالمن ۾ ڏسو مرحوم فقير محمد لاشاري کي توهان روزانه عوامي آواز ۽ روزانه جاڳو جي اناالحق جهڙن ايڊيٽوريلن ۾ ڏسو. اهڙي طرح جيڪڏهن توهان کي محمد صديق منگيو جي ذهني ائپروچ ڏسڻي هجي ته توهان سندس روزانه جاڳو ۾ ڇپيل ڪالمن ”چڙهه چکيائي چوٽئين“ ۾ ڏسو. پاڻ جڏهن صحافت جي رٿ تي سوار ٿي قلم هٿ ۾ کڻي هيٺ نگاهه ٿو ڌري ته هن ڌرتي تي ٿيندڙ سڀ اوڻايون، سڀ سازشون، سموريون حرامپايون ۽ حرڪتون، بديون ۽ بڇڙايون کيس چِٽي طرح ڏسڻ ۾ ٿيون اچن جن کي پني تي لاهيندي هو دوست گهٽ ۽ دشمن وڌيڪ ٺاهيندو آهي. پاڻ پنهنجي هڪ ڪالم کي لکي ٿو ته: ”هن سماج ۾ رهندڙ بظاهر ماڻهن جهڙا ماڻهو پر اندر ۾ ڪيترا وحشي ۽ ڏانئڻ ٿيندا پيا وڃن قرب پيار ميٺ، محبت جي جذبن جي اڻاٺ ٿيندي پئي وڃي وحشت ۽ درندگي ماڻهن جي واڇن مان ائين پئي ڳڙي جيئن سياري جي مند ۾ مست اٺ جي واڇن مان ڳَڦَ ڳڙندي آهي،“ اڃا اڳتي هلي ساڳئي ڪالم ۾ لکي ٿو ته ”اهڙا ماڻهو جيڪي دولت جي بک، جنسي بک، ريتن رسمن جي بک هٿان ڇتا ٿي پوندا آهن. تڏهن سندن اکين مان سڃاڻپ ۽ ساڃاهه واري ديد موڪلائي ويندي آهي ۽ اهي بک جا چڪ هڻي پنهنجا ئي ٻچا کائي ويندا آهن ۽ پوءِ پنهنجن ٻچن جون آخري هڏيون چٻاڙي اوڳرايون ڏئي شهپرن تي هٿ ڦيرائيندا آهن. سنڌي سماج جي ان گدڙ ڀڀڪين جي مقابلي جي ڪن ماڻهن تازو سڪرنڊ جي مهراڻ ڪالونيءَ ۾ هڪ غريب پرائمري استاد سليم سومري جي هڪ معصوم نياڻي تسليم کي پنهنجي شيطاني ۽ حيواني جبلت جي ٽياس تي لٽڪائي ڇڏيو.“
اهڙن انسان دشمن وحشي ۽ واهيات ڪردارن کان سندس معصوم دل ۾ نفرت ۽ ڌڪار ٿيڻ هڪ فطري جذبو آهي، هو لکي ٿو ته؛ ”اهي ته سماج جا اهڙا لعنتي ڪردار آهن جن جو دين ڌرم مذهب ۽ قوميت نه آهي، انهن جو مثال ته انهن لوسي ۽ لڌن ڪتن وارو آهي، جيڪي پنهنجي ذات پڌري ڪرڻ لاءِ ٺڪرن جي ٿانون سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن سون جي ٿالهي جهڙو قيمتي ٿانوءُ به ڀڃي وجهندا آهن. اهڙا ماڻهو پنهنجي فطرت ۾ ان ڪوئلي وانگر ٿيندا آهن جيڪو ٻرندڙ هوندو آهي ته هٿ ساڙيندو آهي ۽ اجهاڻل هوندو آهي ته هٿ ڪارا ڪندو آهي.“
جنهن ملڪ ۾ اهڙي حڪومت هجي جهڙو پنهنجي هڪ ڪالم ۾ محمد صديق لطيفو لکيو آهي ته پوءِ ظالم کي سزا کان ڪهڙو ڊپ؟ پاڻ لکي ٿو ته هڪ همراهه گهوڙي تي چڙهيو پئي ويو ته سندس گهوڙي ٿوري ٿوري پنڌ تي کيٽو ٿئي ڪيو. نيٺ همراهه گهوڙي تان لهي جئين گهوڙي کي واڳ کان وٺي بيهارڻ لڳو تيئن گهوڙي همراهه تي الرون ٿي شروع ڪيون. همراهه جو پٽڪو لهي ويو ۽ ڌوڙ ۾ ڀڀوت ٿي ويو. هڪ واٽهڙو جنهن اهو سمورو لقاءُ پئي ڏٺو تنهن گهوڙي سوار کان پڇيو ”ادا! تو وارو گهوڙو ڪهڙي نسل جو آهي“ ان تي همراهه ٿڌو ساهُه کنيو ۽ وراڻيو ته: ”ڀائو هي گهوڙو ان نسل مان آهي جنهن تي جيڪو چڙهيو سو اڙيو، جيڪو لٿو سو ڦاٿو.“ڀلا جتي حڪمران اقتدار ۾ هوندي به پريشان ۽ لهڻ کان پوءِ ڪاٺ ۾، اتي اهڙن وحشي ۽ ظالم ڪردارن کي سنگين سزائون ڏيارڻ لاءِ ڪير ڪئين ۽ ڪيڏي مهل سوچي؟ هڪ ٻئي ڪالم ۾ عقل جي وضاحت ڏاڍن پيارن لفظن ۾ هڪ مثال طور ٿو ڪري، لکي ٿو ته “عقل ئي اهڙو دروازو آهي جنهن مان ترقي ۽ آسودگيءَ جا سڀ رستا ڦٽي نڪرن ٿا. “
ساڳئي ئي ڪالم ۾ هو مثال پيش ٿو ڪري ته؛ جاپان جو مثال اسان جي اکين آڏو آهي، هيرو شيما ۽ ناگاساڪي جي تباهيءَ کان پوءِ عقل جي امامت هيٺ ٿوري وقت ۾ اقتصادي، صنعتي، سماجي، سياسي ۽ ادبي ميدانن ۾ جيڪي سوڀون ماڻيون آهن. اهي حيرت ۾ وجهندڙ آهن، اڄ جاپان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جن تي هڪ ڊالر به پرڏيهي قرض نه آهي، جڏهن ته سپر پاور آمريڪا به ارپين اکريبن ڊالرن جو قرضي آهي.“ جاپان جي ترقي جا انگ اکر ڏيندي محمد صديق ٻڌائي ٿو ته ”ساڍا ٻارهن ڪروڙ آبادي واري هن ملڪ جاپان ۾ معاشي خوشحالي جي صورتحال اها آهي جو 1.4 ماڻهن لاءِ ٽي وي هر ايڪيهن ماڻهن لاءِ هڪ ڊاڪٽر آهي. تعليم جي شرح سؤ سيڪڙو آهي، لڳ ڀڳ هر ماڻهوءَ وٽ ٽيليفون جي سهوليت موجود آهي.“
محمد صديق جي ڪالمن جو جيڪڏهن تفصيلي طرح تقابلي جائزو وٺجي، انهن تي تبصرو ڪندو هلجي ته ڪئين ڪاغذ ڪارا ٿي ويندا. سندس هر ڪالم جي چڱي طرح ڇنڊڇاڻ ڪجي، سياسي ۽ سماجي پهلوءَ کان انهن تي ڀرپور راءِ ڏجي ته نه رڳو مقالو طويل تي ويندو پر پڙهندڙ به اوٻاسيون ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندا، انڪري مان سندس ڪالمن جي ادبي پهلوئن تي هلڪي ڦلڪي راءِ ڏيندس،
محمد صديق توڙي جو بيشڪ هڪ سبيتو صحافي ته آهي ئي آهي، مگر هُو بنيادي طور اديب ۽ شاعر آهي، سندس ٻولي ۾ شاعراڻو حسن، خوبصورت محاورا ۽ رنگ ترنگ تشبيهن جو ڀرپور استعمال ٿيل آهي، سندس شاعريءَ سان دلي لڳاءُ اتي به پڌرو ٿئي ٿو ته پاڻ هڪ ڪالم ۾ لکي ٿو ته؛ 1972ع ۾ شام جي حلب شهرجي ڏکڻ ۾ ننڍڙي شهر ۾ جنم وٺندڙ اکين کان نابين برک عالم ۽ دانشور ابوالعلى عبدالله المعري جيڪو عربي گرامر شعت سميت ٻين علمن تي وڏي پهچ رکندو هو. سندس علمي لياقت ۽ ڄاڻ جو اندازو ان مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته شام جي مشهور شهر حلب، انطاقيه سميت ٻين شهرن جي ڪتب خانن ۾ جيڪي قلمي ڪتاب هئا سي سڀ کيس برزبان ياد هئا. سندس شاعري جي جڳ مشهور بينظير ديوان ”لزوميات“ جو هڪ شعر آهي ته:
”ماڻهو امام برحق جي اوسيئڙي ۾ آهن،
جو اچي سندن aڳواڻي ڪندو،
ڪيڏا نه سادا آهن هي ماڻهو،
سچو امام ته صرف عقل آهي،
جو هر وقت انسان کي صحيح مشورو ڏئي ٿو،
۽ صحيح رهنمائي ڪري ٿو.
جڏهن تون ان جي تعبيداري ڪندين
تڏهن هو ڏيهه توڙي پر ڏيهه ۾
تولاءِ خدائي رحمت جو ڪارڻ بڻيو.
آئون جڏهن هن دنيا مان مَرندس
تڏهن منهنجو عقل کانسواءِ
ڪو به امام نه هُوندو! “
اهو آهي محمد صديق جو شاعريءَ سان لڳاءُ، جنهن الائجي ڪٿان ڳولي سولهي اهڙو قيمتي، معنى خيز ۽ مذهبي مفروضن کي رد ڪندڙ نظم چونڊي اسانکي پڙهائي ورتو، جنهن مان سندس روحاني ۽ وجداني طور شاعري سان پختو پيچ پڌرو ٿئي ٿو. هن جي ڪالم جي هنن سٽن کي ٿورو هيٺ مٿي ڪري نظم جي ترتيب ڏئي بيهارجي ته ڪيڏو نه سهڻو آزاد نظم جڙي بيهندو. ڪيڏو نه خوبصورت خيال آهي، اچو ته انهن سٽن کي نظم وانگر لکي هڪ نظم جو لطف وٺون.
”ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي،
خوبصورت پڃري ۾ بند
ان پنڇي وانگر محسوس ڪندو آهيان
جنهن جي جياپي جي سمورين آزادين کي،
گهٽا ڏيئي،
سندس کنڀ ڪتري،
رڳو انڪري عمر قيد جي سزا ڏني وئي هجي،
ته هو پنهنجي فطرتي آزاد جيون جي سمورين خوشين کي،
چند ماڻهن جي وقتي ورونهن ۽ وندر تان گهوري ڇڏي.“
سندس ساڳئي ئي ڪالم جي هنن ٻن جملن ۾ ڪجهه تجريديت ۽ ڪجهه آرٽ پيو جهلڪي، ڇا هيءُ به هڪ ننڍڙو خوبصورت نثري نظم نٿو ٿي سگهي؟
”اسان جي اکين جو پاڻي.
تيزي سان مري پيو.
اندر جو انسان
هيروئن جي موالين وانگر،
پنڪين ۾ آهي“
سندس تشبيهن جو ڪمال ته ڏسو، ڪيڏو ڪڙو سچ! ڪيڏي ڪساري طنز- تشبيهه نه آهي ڄڻ ته چهبڪ آهي، جيڪو اهڙي بيضمير جي وجود تي ضرور وسڪار ڪندو هوندو، جڏهن ان پاڻ ئي محمد صديق جو ڪالم پڙهيو هوندو، پر ٻڏي مرڻ لاءِ به نڪ جي ضرورت هوندي آهي. محمد صديق لکي ٿو؛ ”سندس چهرو ائين پئي ٻهڪيو، ڄڻ ته امڙ جي مرتئي بدران ڪنهن سرڪاري دوري تان موٽي رهيو هجي،“ لعنت آهي اهڙي ذهنيت تي، اهڙي پئسي تي.
اهڙي اسٽينڊرڊ تي، اڳتي هلي ساڳئي ئي ڪالم ۾ ساڳئي ڪردار متعلق لکي ٿو ته: ”هو پنهنجي ماءُ پيءُ جي ڏکن ڏوجهرن کان ائين لاتعلق ٿي ويو ڄڻ تاڃي پيٽي شهري بابو هو.“
سندس ڪالمن ۾ نه رڳو شاعري جا چشما ڦٽي نڪتا آهن، پر تخليقي ۽ افسانوي ادب جا پڻ واهڙ وهائي ويو آهي، انهيءَ جو سبب اهو آهي ته سندس والد کان ورثي ۾ مليل زبردست لائبريري ۾ جيترا افسانوي ادب جا ڪتاب پيل هوندا اوترا شايد صحافت جا به نه هجن. هن جو ننڍپڻ ادبي ڪلاسن، ادبي ڪچهرين ۾ گذريو آهي. هن جي ذهني اوسر به شعر، ڪهاڻي، ناول ۽ افساني جي تنقيدي ڪچهرين ۽ اسٽڊي سرڪلن ۾ ٿي آهي.
اهو ئي سبب آهي جو افسانوي رنگ سندس هر تخليق تي ائين سوار آهي، جئين پولار جي رٿ تي چنڊ، اچو ته سندس اهڙو مثال ڏسون. ڄڻ ته سندس ننڍڙو افسانو پڙهون. هو لکي ٿو ته ”مون چانهه جو آخري ڍڪ ڀري ڪوپ ٽيبل تي رکندي کيس گهوري ڏٺو. پڇيم ته يار خميسا! مون به ڪراچي ۾ ست سال ڌڪا کاڌا آهن. مون ته ڪڏهن تنهنجي مرشد جي باري ۾ نه ٻڌو. ڇا تنهنجو مرشد مونکان پوءِ ڪراچي ۾ آيو آهي؟“
”اڙي موڳا! ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين؟ هو ته ورهاڱي کان وٺي ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. اڃارو کوهه کي ڳوليندو آهي. کوهه اُڃارن کي ڪو نه ڳوليندو آهي.“ هن بيزاريءَ مان وراڻيو.
”ڀلا تنهنجو مرشد آمريڪا فرانس، جرمني ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ ڪهڙي ٻوليءَ ۾ روحاني فيض ورهائيندو آهي؟“ مون ٻيو سوال ڪيو.
”اڙي ڳوڀَ ڪو اهڙو ماڻهو سمجهيو اٿئي ڇا؟ انگريزي، جرمني. فرانسيسي سميت کيس اٺن ٻولين تي وڏي هٿ پهچ آهي،“ هن فخر واري انداز ۾ وراڻيو.
”ڀلا اهي سڀ ٻوليون هن ڪئين سکيون؟“ مون ٽيون سوال ڪيو.
اها به ڳالهه آهي؟
اڙي بابا!
ڪا به ٻولي سکڻ به اڄڪلهه ڪو مسئلو آهي ڇا؟ هن ڪوشش ڪري اسلام جي اشاعت ۽ تبليغ جي مقصد لاءِ انهن ٻولين کي سکي مهارت ماڻي آهي. “ هن وراڻيو، مونکي ڏاڍي حيرت ٿي. کانئس پڇيم ”پوءِ ته کيس پڪ ئي پڪ سنڌي ٻولي به ضرور ايندي هوندي!“ همراهه کي ڄڻ ته نانگ سنگهي ويو هجي، اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت، واڳون وانگر ڇاڙ هڻي اکيون ٽمڪائي ڪي ساعتون مونکي گهوريندو رهيو. نيٺ هن منجهي وراڻيو ته يار!..... سنڌي ته کيس ڪانه ٿي اچي ...... ڀلا ڏس نه، ڪو ٻار ته ڪونهي 55 ورهين جي ڄمار ۾ آهي، هينئر سنڌي سکڻ لاءِ سندس زبان ئي ڪانه ورندي.....“
جتي محمد صديق منگئي جا ڪالم ڀرپور ادبي ۽ صحافتي ٻولي جا سنگم بڻيل آهن، اتي ڪڏهن ڪڏهن ”آرسيون ۽ اولڙا“ ۾ مخصوص تبصرا ڪري پنهنجي ئي شهر جي ٻن دوستن بلڪه صحافي ڀائرن ماڻڪ ملاح ۽ اسحاق سومرو کي تبصرن جي تيرن سان گهايل ڪري ڇڏيندو آهي. گهٽ ۾ گهٽ محمد صديق جهڙي ماڻهو کي دوستيءَ جو دامن صاف رکڻ گهرجي اها منهنجي کيس دوستاڻي صلاح آهي.
**
(1 نومبر 2000 تي لطيف آرٽ سرڪل سڪرنڊ پاران محمد صديق منگيو سان رچايل رهاڻ ۾ پڙهيل مقالو).
هي مقالو روزاني ”هلال پاڪستان“ ڪراچيءَ جي ادبي صفحي ”ساهت سڀيتا“ ۽ 07 ڊسمبر 2000ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو.