شخصيتون ۽ خاڪا

من من مورَ ٽھوڪا

علي نواز ڏاهريءَ جي لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي، هن  ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھريون ڀاڱو "جن جون جايون جيءَ ۾" جي عنوان تحت 12 مضمونن، ٻيو حصو "هر دل ڪيئي ڪتاب" جي عنوان هيٺ 8 مضمونن ۽ ٽيون ڀاڱو "سور پريان جا ساڻ مون" جي عنوان تحت 10 مضمونن تي مشتمل آهي. علي نواز ڏاهريءَ جا لکيل هي مضمون احساسن جو اهڙو جامع ڀنڊار آهي جنھن مان لفظ رقص ڪندي ڀائنجن ٿا. هن وٽ اظھار لاءِ انيڪ لفظن جو خزانو آهي. سندس نثر مان خوشبو ڦھلجي رهي آهي.

Title Cover of book من من مورَ ٽھوڪا

خواب ئي رُلي ويا (سرواڻ سنڌي جي شاعري جو اڀياس)

طبي طور شاعري ڀلي ڪنهن جسماني ناسور جو مرهم نه به هجي پر شاعري عشق لاحاصل جي رڃ ۽ سڃ ۾ ڀٽڪندڙ ڪنهن ويران من مسافر جي اڃ اجهائڻ جو ادراڪ ته ٿي سگهي ٿي. لاحد ۾ لڇڻ کانپوءِ به حد نه لهڻ جي ڪرڀ جو نڪورو نانءَ شاعري آهي۔ شاعري شام جي پهر ڪنهن اڪيلي زخمي ڪونج جي ڪرلاءِ جو پڙلاءُ به آهي ته ڪن نوخيز نيڻن جي گهور جو گهاءُ به آهي. شاعري پرهه ويل پپر تي ڪنهن ڪوئل جي ڪوڪ به آهي ته اڌ رات جو اڌ ٿيل اندر مان ڪنهن لاسيءَ جي نڙ کي ڦوڪ به آهي.
اهڙي ئي شاعري، جو هڪڙو تخليقڪار سرواڻ به آهي. سرواڻ جنهن جي من ۾ محبتن جي ڪينجهر هر وقت ڇوليون هڻندي ٿي رهي. ڇوليون جيڪي ٻوليون آهن فطرت جون، فطرت جيڪا تخليقڪار جي من جي مئخاني تي جڏهن ساروڻين جي سڳنڌ واسيل ماڪ بڻجي وسندي آهي، تڏهن سارو نينهن نغما بڻجي فضائن ۾ ڦهلجي ويندو آهي. اهي نغما جيڪي اندر جا اڌما به هوندا آهن.
دل کان ڌڙڪن ڌار ٿيندي پئي وڃي.
زندگي بيڪار ٿيندي پئي وڃي.

هي ويرُن جا واڪا، هي پرشور لهرون ۽ سنجها ويل هيڏو وسيع هيءَ سمنڊ، جنهن جي پيٽ ۾ سورج به ڄڻ گم ٿي ٿو وڃي. جنهن جي روح پرور ۽ پرلطف منظرن کي به پنهنجون وسعتون آهن. انهي هوندي به ڪنهن شاعر لاءِ سمنڊ ۾ دلڪشي نٿي رهي، ڇو ته ويرانين ۾ ڪي به گلاب نه ٽڙندا آهن.

سج پوڙهي ڪئي خودڪشي سمنڊ ۾،
هاڻ ڪهڙي رهي دلڪشي سمنڊ ۾.

شام ٻوٽي اکيون رات اوڍي ستي،
چنڊ ڳولي لڌي زندگي سمنڊ ۾.

جڏهن ڪنهن شهنشاهه جي من جي ڪائنات اجڙندي آهي تڏهن تاج محل تعمير ٿيندا آهن. جڏهن ڪنهن شاعر جو من ڀنڀور يا موهن جو دڙو بڻجي ويندو آهي، تڏهن ڀٽائيءَ کان وٺي اياز تائين ۽ اياز کان سرواڻ تائين شاعرن جا گيت لوڪ جي چپن جا ترانا بڻجي پوندا آهن، ميارن جي ماڪ ۾ ڀنل سرواڻ جي هن غزل جا بند:
اوهان نگاهه ڇا مَٽي خواب ئي رُلي ويا،
ڪٿي به آجيان نه ٿي گلاب ئي رلي ويا.

دڳن جي ڌوڙ ٿي ويا سجود دل حسين جا.
عبادتون چپن سنديون ثواب ئي رلي ويا،

اسان تي تهمتن سنديون وسايون شهر بارشون
گناهه گيت ٿي ويا، عذاب ئي رلي ويا.

۽ پوءِ مجاز جا مرحلا طئي ڪندي، عشق جي ارتقا جو سفر جز کان ڪل تائين پهچندي پهچندي قوم ۽ وطن جي درد جي دانهن بنجي پوندو آهي. تڏهن قوم هڪڙو ڪٽنب ۽ فرد ان ڪٽنب جو ڀاتي بنجي پوندو آهي، تڏهن وطن جي چپي چپي سان چاهه ايمان بنجي پوندو آهي، ڪنهن فرد جي تڪليف ڪٽنب جي ڪاڪ جو هر مينڌرو پنهنجي من تي محسوس ڪندو آهي.
هو هليو هو پيار کي ماڻڻ چريو
پر ڪٿي ڪنهن راهه ۾ گم ٿي ويو

ڪا مري وئي ڪالهه نينگر ڪيمپ ۾.
ڪو نه هن کي ڪا ملي اُن جي ڪڻي،

مفلسي گهرڙا اڏي ويهي رهي نرڌن اڳيان،
زندگي جي وٿ ڪو فنڪار لوڙهي آ ويو،

اڄ جڏهن سنڌ سياسي، سماجي، اقتصادي توڙي ڌاري آباد ڪاري جي ڪري ڀٽائي جي سير ۾ ٻڌندڙ سهڻي بڻجي پئي آهي.

بيحد باگو بحر ۾، هيبتناڪ هزار
يا
ڄنگهه ڄرڪي وات ۾، سسي کي سيسار،
چوڙا پيڙا چڪ ۾، لڙ ۾ لڙهيس وار،
لکين چهٽيس لوهڻيون ٿيليون ٿرنئون ڌار،
مڙيا مچ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.

اهڙي ماحول ۾ مايوسيءَ جي مم سان مڙس ٿي مهاڏو اٽڪائيندڙ اسان جو هيءُ دوست سرواڻ زندگي جي پر بهار رونقن جو شاعر آهي، جستجو ۽ جدوجهد جو سڏ سندس ڪلا جي ڪوئل جي ڪوڪ آهي اميدن جي نيري امبر تي انڊلٺ ٿي اڀرندڙ هن دوست جو سڏ ته ورنايو،
شڪاري دنيا ۾ رهي دوستو!
عقابن اڳيان ڪين آڙي ٿيو،

تڏهن اڌ رات جو دوستن جا هٿ دعا لاءِ کڄن ٿا، ته سندس من جي ڪاڪ ڪنڌي تي ”شاعري“ جا تازا ڪنول شال سدا ٽڙندا رهن ترندا رهن.
**

(هي مضمون روزاني ”سنڌ ايڪسپريس“ حيدرآباد جي 15 آڪٽومبر 2014ع تي شايع ٿيو.)
تيسين سندس ٻئي ڪتاب ”هنجهه نه آيا هيل“ ۽ رت ڀنا رابيل“ شايع نه ٿيا هئا.