شخصيتون ۽ خاڪا

من من مورَ ٽھوڪا

علي نواز ڏاهريءَ جي لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي، هن  ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھريون ڀاڱو "جن جون جايون جيءَ ۾" جي عنوان تحت 12 مضمونن، ٻيو حصو "هر دل ڪيئي ڪتاب" جي عنوان هيٺ 8 مضمونن ۽ ٽيون ڀاڱو "سور پريان جا ساڻ مون" جي عنوان تحت 10 مضمونن تي مشتمل آهي. علي نواز ڏاهريءَ جا لکيل هي مضمون احساسن جو اهڙو جامع ڀنڊار آهي جنھن مان لفظ رقص ڪندي ڀائنجن ٿا. هن وٽ اظھار لاءِ انيڪ لفظن جو خزانو آهي. سندس نثر مان خوشبو ڦھلجي رهي آهي.

Title Cover of book من من مورَ ٽھوڪا

اُداسي اڻي ٿي ڪا ڪينجهر ڪهاڻي

اُداسي اڻي ٿي ڪا ڪينجهر ڪهاڻي
(سائل پيرزادو جو ڪتاب ”اکين ۾ منڊ مينهوڳي“ تي هڪ نظر)

شاعرَ ماضي جي ماضي ۽ مستقبل جي مستقبل کي ڏور ڏسڻ جا اهڙا ته ريڍارَ هوندا آهن، جيڪي قومن جي عروج ۽ زوال جا عڪس پنهنجي اکين ۾ سانڍي گهمندا آهن. جن جي تخليقن مان سوين هزارين سالن پڄاڻا به تهذيبن جي عظمتن جا عڪس اولڙا چٽا پٽا ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
هيءُ سائل پيرزادو به ڪنهن رولاڪ روح جو جنم وٺي پيدا ٿيو آهي. جيڪو ڇهه ست هزار سال اڳ چيٽ جي چانڊوڪين ۾، ڪڏهن ڪنهن ڪميت تي سوار ٿي، ته ڪڏهن اسُوءَ جي اداس ڏينهن ۾ گيڙو رتڙي گودڙي ڪلهي ڪيو، سامين ۽ سيلانين جي سنگ سان گڏجي موهن جي من موهيندڙ ماڳ کان وٺي چوڙيلين جي سون ورني ۽ تنهن وقت جي وڻجارن جي چاهه_ چت کي چريو ڪندڙ شهر چانهونءَ تائين ۽ اتان کان ڪارونجهر جي ڪک واري مورن جي محبوب نگري تائين پنڌ ڪندي، پنهنجي پيار جي تڪميل کي ساڀيان جي صورت ڏيڻ لاءِ سدائين سرگردان پئي رهيو آهي.
۽ اڄ 21 صدي ۾، هن جي روح جون رولاڪيون اڃان ختم نه ٿيون آهن. اڄ به ڪاسٻي جي مندر کان ڪيٽي بندر تائين ۽ ڪينجهر کان وٺي ڪراڙ جي ڪنارن تان ٿيندو، موهن- دڙي جي اسٽوپا تائين پنهنجي قدمن جا نشان ڇڏيندو، سدا سهاڳڻ سنڌ جي سينڌ تي اوڍيل ثقافتي چادر تي پنهنجي شاعريءَ جا ستارا ٽاڪي رهيو آهي، جن کي آثار قديم جي عالمي شهريت يافته عالمه فرانس ڄائي ڊاڪٽر اروڙا ديديئر جي اکين ۽ ذهن سان پڙهي پروڙڻ جي ضرورت آهي- هو پنهنجي ڪنهن به جنم جي ڪنهن به سفر جي سانگ ۾ هوندو هو ته سندس جيجل جون نگاهون اوسيئڙي جا ڏيئا بنجي، سندس راهن جي دز کي پنهنجي سينگار جو سرمو سمجهنديون هيون ۽ هوءَ پنهنجي اندر جي الڪي جي زنده تصوير بنجي پوندي هئي.
ويو آهي جوڳن سان رڻ جي سفر تي،
بڻي انتظاري سندس ماءُ آهي.

۽ جيجل جي اکين- انتظارن کي هئين ٿو پنهنجي شعر ۾ سمائي ته:
اکين ۾ سور اوجاڳو،
پرين جو پور، او جاڳو.

۽ هو اڄ به پنهنجن انهن سارن سفرن جي حاصلات جي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته:
زندگي چتيون ۽ گودڙيءَ ۾ گل هيا،
پير پنهنجا ريت تي ڄڻ عاشقي جي ڀل هيا.

يا
يادگيريون سيڻ آهن گودڙيءَ ۾،
يا ته ڪنهن جا نيڻ آهن گودڙيءَ ۾.

۽ پنهنجي ڳالهه چٽو ڪرڻ لاءِ ڄڻ ته ڪنهن کي ياد ٿو ڏياري ته:
اسان يادون سمايون ٿا، سٽن ۾ ٿڪ لاهيون ٿا،
ڀلي اي يار! وٺيو تون، وزن ۽ بحر کي ڏسجان.

ڊاڪٽر اروڙا جي حوالي سان پنهنجي انهيءَ مٿين راءِ جي روشنيءَ ۾ مثال لاءِ مون وٽ سائل جي غزلن جا ڪجهه خوبصورت بند آهن، جن کي پيش ڪرڻ کان اڳ الاءِ ڇو دل ٿي چئي ته توهان کي ٻڌايان ته قديم آثارن جي جڳ مشهور آمريڪي عالم والٽر اي فيئر سروس Walter .A. Fair Service پنهنجي ڪتاب (Harappen Civilization and its written) ۾ لکيو آهي ته ”ريڊ انڊين سنڌي آهن. جيڪي موهن جي دڙي عروج واري زماني ۾ سنڌؤ تهذيب وارن علائقن مان هجرت ڪري يورپ کان ٿيندا الاسڪا اسٽيٽ کان ڦري ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا (آمري- ڪا) ۾ پکڙجي ويا هئا.“_ هتي منهنجي ٻڌائڻ جو مطلب آهي ته قديم سنڌو ديس تي آرين جي اوچتن ۽ لڳا تار حملن وقت يا ان کان به گهڻو گهڻو اڳي مختلف سببن جي ڪري مختلف وقتن تي وڏي پيماني جي ٿيندڙ لڏ پلاڻن وقت سنڌي ماڻهو يورپ به پهتا هئا- تڏهن ته يورپين جي نالن ۽ قبيلن جي سڃاڻپ ۾، سنڌ ۽ سنڌو تهذيب جي مختلف اهڃائن جا لفظ ٻولين ۽ لهجن جي مٽ سٽ جي ڪري اڄ به هڪجڙا ملن ٿا_ فرانس به يورپ ۾ آهي ۽ اتان جڏهن ڊاڪٽر اروڙا پهريون ڀيرو هتان جي وساريل ماڳ” چانهونءَ جي دڙي” تي تحقيق لاءِ آئي هئي، ته ان وقت مان، ماڻڪ ملاح ۽ منهنجو دوست شاهنواز انڙ ان ٽيم سان گڏ هئاسين، اتي پهچي مونکي محسوس ٿيو ته هوءَ سوچي رهي هئي، ته هزارين سالن کان هن مان واري مٽيءَ جي دڙن جي تهن هيٺان ڪيڏي نه عظيم ۽ ڪيڏي نه قديم تهذيب ستي پئي آهي، جنهن کي هڪ دفعو ٻيهار جاڳائڻ سندس ڀاڳ جي ڀاڱي ۾ آيو هو، اهو سوچيندي ان وقت هن جي منهن تي مسڪراهٽ سان گڏ ڄڻ ته ڪا روحاني آسودگي اچي وئي هئي،_ ۽ هن کي ڄڻ ته اُتي پنهنجي ڪنهن جنم جي يادين جي وڻ ويڙهي وڪوڙي وئي هئي- هن ڄڻ ته اوچتو تصور جي اکين سان هن ماڳ تي به اوچتا آرين جا حملا ڏسي ورتا هئا، جتي وڏي مار ڌاڙ ۽ لڏ پلاڻ ۾ ڪيئي پنهنجن پيارن کان هميشه لاءِ وڇڙي ويا هئا. هن کي ڄڻ ته ڪنهن جنم ۾ پنهنجو پراڻو پيار ياد اچي ويو هو_ ۽ سائل جي لفظن ۾ ڄڻ ته ائين سوچي رهي هئي ته:
ملياسين، کلياسين ۽ وڇڙي وياسين،
اها ئي اسان جي ڪهاڻي هئي.

وري جڏهن ٻيو دفعو سال پڄاڻا ساڳي ماڳ تي پهتي هئي ته سندس تحقيق دوران کيس ڏاڍا زبردست ۽ سندس توقع کان به وڌيڪ نتيجا حاصل ٿيا هئا. اتي کانئس سوال پڇيو ويو هو ته ”ڇا توهان جي نالي سان اروڙا لفظ سنڌ جي تاريخي راڄڌانيءَ ”اروڙ“ سان نٿو ملي؟ ڊاڪٽر اروڙا ٺهه پهه وراڻيو هو ته ”ٿي سگهي ٿو ته منهنجو روح سنڌ جو هجي يا سنڌ جي ڀٽڪيل روح سان منهنجو ڪو رشتو هجي.“ ان موقعي تي، ان سڀ ڳالهه ٻولهه مهل سائل توڙي جو اتي موجود نه هو پر پوءِ به سندس تخيل مان اهي سارا پل ۽ ان محترمه جي ساري محسوسات جهلندي نظر اچي ٿي.
مون لڌو ماضيءَ جي کوٽائيءَ مان هڪڙو ڳوٺ هو،
جنهن ۾ ڪکن مان ٺهيل منهنجو به هڪڙو گهر هيو.

ان وقت سنڌ جي شاندار تهذيب جا اهي دور ظاهر ٿي رهيا هئا، جيڪي هيستائين سڄي جڳ جهان جي اکين کان اوجهل رهيا هئا. هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي مٽي مهڪي، فخر مان پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري، دنيا کي پنهنجي عظمت جا گيت ٻڌائي رهي هئي ۽ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي ساک جي ڄڻ باک ڦٽي پئي هئي، ان وقت ان مائيءَ کي اجرڪ اوڍيل هئي. ۽ سائل جي غزلن جو بند آهي ته:
سنڌؤَ جل تي باک هئي ڄڻ،
تنهنجي لوئي لاک هئي ڄڻ.

پوءِ سائل ڄڻ ته انهي تحقيق ڪندڙ سڄي ٽيم کي ٻڌائي ٿو ته اي آرٽيفيشل خوشبوئن جي ديس جا رهواسيو! منهنجي ديس جي ڌرتيءَ تي پهتا آهيو، ته مهرباني ڪري هن ڌرتيءَ جي چپي چپي جي هر منظر جي فطري سونهن جا جلو به پسيو وڃجو- ڇو ته هن ديس جو جيڪو به حصو آهي، لاڙ، اتر، ڪچو، ڪوهستان يا ڪاڇو آهي، ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو آهي- ان جي سونهن چُڪي کي نيڻن سان چکڻ ۾ جيڪو خمار آهي، اهڙو فطري خمار شايد دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ توهان کي مشڪل نظر اچي.
مسافر! سنڌ جي سهڻي وڃي منظر کي ڏسجان،
گڍي جي ڀٽ تان بيهي مٺيءَ جي شهر کي ڏسجان.

وڃي ڪي ڪاسبي پيارا، ڏسي آ مور مستيءَ ۾
وڃائي پاڻ تون ايندين، انوکي سحر کي ڏسجان.

۽ پوءِ سائل ڄڻ ته انهن کي آگاهه ڪندي چئي ٿو ته او مسافرو! توهان جنهن قوم جي ماضيءَ جي سونهن جا ساکي آهيو، ان قوم کي مسلسل غلاميءَ اڄ 21 صديءَ ۾ ڪٿي پهچايو آهي...!
هر شخص ٽٽل آهي، هر شخص لٽيل آهي،
هر شخص جي اندر ڄڻ، ماتام متل آهي.
پوءِ هنن سان مخاطب ٿي چئي ٿو ته :

ڪو وقت پرين گڏجي، ڪيڏو نه کليا هياسين،
هاڻي ته اسان کان ڄڻ سا کل رٺل آهي.

هو انهن آڏو ڄڻ ته وڌيڪ وضاحت ڪندي، انهن کي اڃان به چٽو ٿي ٻڌائي ٿو ته
ملي ڇانوَ ڪانهي حياتيءَ ۾ ڪڏهين.
مليو تاوَ تي رڳو تاءُ آهي،
۽
اسان کي مليو دور اهڙو آ سائل!
رڳو بم ڌماڪا ۽ ڏهڪاءُ آهي_

۽ هو انهن کي اڃان به وڌيڪ وضاحت سان ٻڌائي ٿو ته:

ديس منهنجي جو پڇين ٿو حال ڪهڙو اي پرين!
بک ۽ افلاس ساڳيو آ جهڙو پر هيو.

پنهنجي پهرين ڪتاب ”چانهوءَ مٿان چنڊ“ ۾ پنهنجي پاران ۾ مون لکيو آهي ته ”دلين جي ديس تي غمن جي آرين جون ڪي اوچتيون ۽ لڳاتار حلائون ۽ حملا ٿيندا آهن ته ڪي ئي من موهن دڙا ۽ ڪي ئي نگريون چانهوءَ دڙن ۾ تبديل ٿي وينديون آهن.“ ۽ موهن جو دڙو سائل جي سارن وڏڙن جي ضمير ۽ خمير جي روح جي روشني ٿي رهيو آهي_ پر سائل لکي ٿو ته:
هڪڙو ته پرين سنڌ ۾، موهن جو دڙو ناهي
هر روز پيا دل ۾، ٿا آس. دڙا ٺاهيون.

آمريڪي ليکڪه اوميل پنهنجي ڪتاب “Dancing Shadows” ۾ لکي ٿي ته: ”موهن جي دڙي جي کوٽائي ۽ کوجنا دوران انگريز سرڪار جا قديم آثارن جا انگريز عالم دريافت ٿيل شيون ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي ويا هئا“ ۽ سنڌ جو ناميارو رائيٽر انور پيرزادو لکي ٿو ته: ”اسان وٽ هن تهذيبي ماڳ جو قدر ڪونهي، هڪ آمريڪي صحافي ڪجهه وقت اڳ مهين جي دڙي تي پنهنجي رپورٽ جي ابتدا هنن لفظن سان ڪئي هئي ته ”کنڊرن کي بچائڻ لاءِ ڪاريگر هڪ قديم سِرَ کي ڌڪُ هنيو، ان سان تاريخ جا ذرڙا هوا ۾ اڏامي ويا“ (ترجمو)
سو متان وساريو ته اسان ان تاريخ کي بچائڻ لاءِ يونيسڪو کان ملندڙ پئسا کائي ويندا آهيون، قديم ۽ نازڪ کنڊرن تي بوٽ پائي گهمندا آهيون ۽ ان جي ڀتين تي پنهنجي پسند واري سياسي پارٽين جي حق ۾ نعرا لکندا آهيون.“
انور سائين پنهنجي ٻئي مضمون ”اسان کي مهين جي دڙو دفن ڪري ڏيو“ ۾ لکي ٿو ته ”مون کي ياد ٿو اچي ته ڪجهه وقت اڳ يونيسڪو جا ماهر مهين جو دڙو گهمڻ آيا- هتان جي ڪامورن جرمن ماهر مائيڪل جانسين کي گذارش ڪئي ته اهو يونيسڪو جي ماهرن کي موهن جو دڙو گهمائي_ ماهر جڏهن گهمي ڦري اسٽوپا کان هيٺ لهي رهيا هئا، ته انهن مان هڪ اسان جي ڪامورن کان پڇيو ته مهين جي دڙي کي بچائڻ ۾ آخر ڪهڙو مسئلو آهي؟ ان تي هڪ اعلى آفيسر چيو ”اسان وٽ ان وڏي ڪم لاءِ پئسا ناهن.“ اهو جواب ٻڌي مائيڪل جانسين چيو ته ”پوءِ ڀلا مهين جي دڙي جو سودو ڪريو_ اسان هڪ سر لاءِ هڪ ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.“ (ون برڪ _ون ڊالر)
سو مهين جي دڙي جا انڌا اونڌا ويڄ ان کي بچائي نه سگهيا آهن. ۽ نه اڳتي ڪجهه ڪري سگهندا- جيڪو سج اڀرندي نٿو تاءُ ڪري سولهندي ڇا ڪندو؟ ان ڪري اسان پاڪستان جي قديم آثارن واري وفاقي کاتي جي مذهبي جنونين کان به خطرناڪ ڪامورن عرف مهين جي دڙي وارن انڌن اونڌن ويڄن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان کي مهين جو دڙو پنهنجي اصل صورت ۾ موٽائي ڏيو. جيڪو ڪجهه کوٽيو اٿو، ان کي وري مٽيءَ سان ڍڪي دفن ڪري ڏيو اسان کي اوهان انڌن اونڌن ويڄن جي علاج جي ڪابه ضرورت ناهي.“
۽ سائل موهن جي دڙي جي انهيءَ درد کي پنهنجي قلم جي اداسيءَ سان هيئن ٿو بيان ڪري.
نچڻي چنڊ ۽ آءُ اداس،
موهن دڙو ڏس ٿئي پيو ناس.

مون مٿي ٻين لفظن ۾ ان راءِ جو اظهار ڪيو آهي ته سائل جي هردي ۾ ڪو اهڙو جيءَ جا جاکوڙا ڪندڙ، ڀٽائي جي رامڪليءَ جي ڪردارن جهڙو ڪو جهونڙو جوڳي رهندو آهي، جيڪو کيس هر دور ۾ هڪ جاءِ تي ويهڻ ئي نه ڏيندو آهي. جنهن ڪري هن جي عشق جون آوارگيون. اڄ به ختم نه ٿيون آهن. اڄ به هو جڏهن مڪليءَ ۾ پنهنجا پيرا ڳوليندو، واپسيءَ ۾ سنڌ جي سمي حاڪم ڄام تمام جهڙي دل کڻي، ان جي عشق جي آما جگاهه ڪينجهر تي پهچي ٿو ته هن کي محسوس ٿو ٿئي، ته هيءَ ڄڻ ته ڪنهن وڃايل جنم جي ڪهاڻي هئي. جنهن جو اڄ ڪو نانءَ نشان ئي ناهي ۽ هي اتاولو ٿي اداسين جي واچوڙن ۾ وڪوڙ جي ٿو وڃي، هيءُ ان ڪيفيت ۾ اچي ٿو وڃي جنهن ۾ ڪڏهن شيخ اياز پهچي چيو هو ته:
آسارا آسارا ڪينجهر جا ڪنارا،
نه تڙتي تماچي، نه گذريءَ گذارا.

۽ پوءِ ڪينجهر تي ڀڙڪو کائي اڏامندڙ آڙين ۽ نيرڳن جيان هن جي ڏات سندس جيءُ جي جاڳ بنجي لڇي ٿو پوي ته:
نڪو آ تماچي، نه نوري مهاڻي،
اداسي اڻي ٿي ڪا ڪينجهر ڪهاڻي.

۽ پوءِ اوچتو ڪنهن سپني مان سجاڳ ٿي ٿو پئي، ۽ عشق جي انهيءَ خمار مان پنهنجي دورِ حاضر جي سجنيءَ کي يقين ٿو ڏياري ته:
نه ڪو مان تماچي نه نوري آن تون،
سواءِ منهنجي پوءِ ڀي اڌوري آن تون.

۽ پوءِ هن جي نگاهه مٿان چنڊ تي ٿي پوي، هيٺ جر مٿي مڃر ۽ پاسي ۾ وڻراهه آهي، اتر جي واءُ ۾ ٻيڙيون ۽ لانچون ڪينجهر جي لهرن تي هندورو بنجي پيون آهن ته هي سجنيءَ جي سونهن ۾ کوئجي سراپا نغمو بنجي ٿو وڃي ته:
اسان جو عشق ٿي ويندو، ڪٿا تنهنجي جوانيءَ جي،
چڙهي پوءِ چنڊ ڀي ڏسندو، ڪلا تنهنجي جوانيءَ جي.

۽ پوءِ جڏهن ڏسي ٿو ته ٻيڙيءَ ۾ ته هيءُ پاڻ اڪيلو ئي آهي ۽ ٻيون سندس يادون آهن ۽ پوءِ اڪيلائي جي ان اداسيءَ مان ڏسي ٿو چنڊ ڏي، ته هن کي چنڊ به پنهنجي دل جيان اداس اداس ٿو نظر اچي.
لڳي آ چنڊ کي گرهڻ، سمو اونداهه ٿي ويو آ،
کڻي هو نيڻ امبر ڏي، ڏسڻ ڀلجي وئي آهي.

هن کي پنهنجي دل جي اداسي به ڪينجهر جي ڪهاڻي ٿي لڳي.
**