ملنگ جي تخليق جو معراج
اهڙيون شخصيتون پنهنجي ڳوٺ، شهر تر توڙي علائقي جي سونهن جي سڃاڻپ پنهنجي پونديون آهن. هونئن به ڏات جو پکيئڙو اميري توڙي غريبي کي نه ڏسندو آهي، ۽ فن جي ان وڻ جي ڏار تي اچي پنهنجي پيار جون ٻوليون ٻوليندو آهي، جتي کيس سرت، ساڃاهه ۽ سڪون ميسر ٿي سگهي. پوءِ پنهنجي فن جي خوبين سان خدا جي خلق جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي وٺندو آهي ته:
اڄ ٻڌي ڏس پوءِ نه ٻڌندين، هن پکيءَ جون ٻولڙيون،
لام تان بيٺو لنوي، لاهوت جون ڪي لولڙيون.
۽ پنهنجي سڪرنڊ جي قدمن ۾ قائم، قديم ڳوٺ مياڻ جو اهي “لاهوت جون ڪي لولڙيون،” ٻڌائيندڙ هڪڙو فقير تن فنڪارن ملنگ ملاح به آهي_ جيڪو ڀلي ته پنهنجي تندن ۽ تان سان ڪنهن رنگ محل جي راجا کي موهت ڪري ان کي سندس ئي هٿن سان سر لاهڻ لاءِ مجبور نه به ڪري سگهي پر ڀري محفل ۾ ڪنهن نامياري فنڪار جي سر، تال ۽ ردم تي هن جون آڱريون چٽيل خوبصورت گهڙي تي رقص ڪنديون آهن. ته ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن جي چپن مان خود بخود ”واهه واهه“ ضرور نڪري ويندي آهي،
ملنگ جيڪو قد جو ڊگهو، رنگ اڻڦيٽهڙ، مٿي تي اڌوراڻي ٽوپي، اونهاري توڙي سياري، اجرڪ ڪلهي تي، تن تي ڍڪيل اڌوراڻا ڪپڙا مختلف رنگن جي ڦڻنگين سان ائين چٽيل ڄڻ ته ڪنهن مصور جو ڪينواس.
پهرين ملاقات ۾ مونکي ٻڌايو هئائون ته هي آهي ملنگ ملاح پر يقين ڄاڻو ته هي پنهنجي سڀني وصيفين “ملنگ“ ٺپ نه لڳو هو، هن جو چهرو، حليو هٿ ۽ ڪپڙا ڏسي پهرين نظر ۾ اندازو ٿي ويو هو ته هيءَ شخص ملنگ ٿي ئي نٿو سگهي. هيءَ ته محنت ۾ عقيدي جي حد تائين ايمان رکندڙ ڪو پورهيت ئي ٿي سگهي ٿو.
پوءِ ملنگ ڇو ٿو سڏائي؟ ته اسٽيشن روڊ تي، بابو سينيٽري جي دوڪان تي ويٺل بابو جو پٽ سريش وضاحت ٿو ڪري ته اصل ۾ هي اسان جي رنگ جو ڪاريگر آهي، ۽ ڪاريگر به تمام ڀلو ڪاريگر آهي، نالو نظر محمد اٿس پر سڏائيندو ملنگ آهي.
هو ڪو صفا ڀريو ويٺو هو، ۽ ٿورڙو چورڻ تي صفا ڇلڪي پيو. ٻڌائي ٿو ته اصل نالو نظر محمد اٿم پر منهنجي اصل نالي جي خبر تمام گهٽ ماڻهن کي آهي، سڀ مونکي ملنگ جي نالي سان سڃاڻندا آهن. رازداريءَ واري انداز ۾ ٻڌائي ٿو ته ”ملنگ“ لفظ جي لڄ رکڻ خاطر ڪڏهن ڪڙا ۽ ڪنگڻ به ٻانهن ۾ پاتا هئم پرپوءِ سوچيم ته ملنگ ته آهيان ڪو نه پوءِ ٺڳي ڇو ڪيان!؟ پوءِ ڪڙا ڪنٺا ۽ ڪنگڻ سڀ لاهي ڇڏيم. پر پوءِ به هر ڪو ملنگ ملنگ ٿو سڏي پر ڀائو آئون ملنگ وغيره آهيان ڪونه.
ايئن ملنگ سان اها ڪچهري دوستيءَ ۾ تبديل ٿيو ٿي وڃي، ۽ پوءِ خبر پئي ته هيءَ فقير سراپا محبت آهي، جنهن سان ڪچهريءَ کان پوءِ ساري ڏينهن جا ٿڪ لهي ٿا وڃن.
سنڌي ٽي درجا پڙهيل هي يار مختلف موقعن تي پنهنجون ساروڻيون ساريندي ٻڌائيندو آهي ته ننڍڙي هوندي ٻڪريون چاريم ۽ پئي ٻيلي مان ڪاٺيون ڪري پنهنجي ڳوٺ ۽ سڪرنڊ شهر ۾ کپائيندو هوس.
ننڍپڻ جي وندر جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته ٻڪرين چارڻ دوران سڄو ڏينهن غليل کڻي ڳيرا ماريندو وتندو هوس. ننڍي هوندي ڳوٺ وارا به چوندا هئا ته ڇڏيو انهيءَ کي اهو چريو آهي، ۽ ڪير به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هوندو هو، اڄ هي ساڳيائي ڳوٺاڻا جيڪي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا هئا، سي فخر مان ٿا چون ته ”هيءَ اسان جي ڳوٺ جو ايوارڊ يافته ماڻهو آهي.“
۽ پاڻ ئي ٻڌائي ٿو ته هن وقت آئون ثقافت کاتي وٽ ڪيٽيگري AA رپيٽ AAآهيان ۽ ڪلچرل کاتي جا ننڍا وڏا 9 ايوارڊ ۽ پنج ڇهه سرٽيفيڪٽ به حاصل ڪري چڪو آهيان.
هيءَ ٻڌائي ٿو ته سائين! منهنجو ڏاڏو لطيف سائين جو فقير هو جنهن کي درگاهه پاران ڪارو ويس مليل هو_ جنهن کان پوءِ بابا ۽ هاڻ مان پاڻ ڀٽائي جو فقير آهيان. ۽ مون تي به ڏاڏي جو نالو رکيل آهي.
هي ٻڌائي ٿو ته هر خميس تي ڀٽ شاهه ريڊيو تي اپروءُ ٿيل آهيان ائين سمجهه ته لطيف سائين جو سرٽيفائيڊ فقير آهيان.
سڪرنڊ ۾ نواب شاهه موڙ تي قائم پٺاڻ جي هوٽل تي چانهه مان چسڪيون ڀريندي ٻڌائي ٿو ته منهنجوپنج منزلون آهن_
• جيئو جنگ: 2. حمل فقير، 3. قلندر شهباز، 4. سچل سائين ۽ 5. منزل لطيف سرڪار آهي_ ٻڌائي ٿو ته ساري زندگي درگاهن تي گذارڻ باوجود به موالي ڪو نه ٿيس_ ڪو به نشو ڪو نه ڪيم.
اهو ٻڌڻ سان ئي بيساخته منهن جي وات مان “واهه ملنگ واهه!” نڪري ٿي وڃي ۽ ذهن تي ترڻ ٿو لڳي لطيف سائين جو هي بيت.
مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
اڀا ائين چون ته مڇڻ پاند پسائين- “شاهه”
سوچيان ٿو ته جيئن لطيف سائينءَ پنهنجي من جي وارتا بيان ڪئي آهي، ته مونکي محبوبن هٿ پير ٻڌي تار پاڻيءَ ۾ اڇلايو پر اها به تاڪيد ڪيائون ته متان پاند به پسايو اٿئي! ۽ اڄ هن ملنگ تي به اهو ساڳيو امتحان آيل آهي ته درگاهن تي به رهه، چوڪيون به ڏي، حاضريون به ڀر پر مٿان موالي ٿيو آهين، مٿان ڪنهن نشي جي ويجهو ويو آهين ۽ اڃان تائين هي ملنگ ان امتحان مان پاس ٿيندو ٿو اچي. ۽ مون کي يقين ٿيڻ ٿو لڳي ته واقعي ئي لطيف سائينءَ جي هن تي نوري نگاهه آهي ۽ اهڙي نگاهه جهڙي وڳند فقير تي لطيف سرڪار جي هئي، تڏهن ته ڪٿي هيءَ ملنگ ميرن لٽن ۽ مٽي ۽ رنگ هاڻن هٿن وارو مزدور ڪٿي گل محمد رند صاحب جيڪو هن سان رهاڻ ٿو رچائي، واقعي ڀٽائيءَ هن کي پنهنجي رنگ ۾ رڱيو آهي ۽ اڄ جي رهاڻ محترم سائين گل محمد طرفان ڀٽ ڌڻيءَ جي انهيِءَ رنگ ۾ روحاني رمز کي ڀيٽا آهي. جنهن لاءِ گل صاحب جي اکين تي داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي، جنهن ڀٽائي صاحب جي ان رمز کي سڃاتو ۽ ڀٽائي سائين چيو هو ته :
اکيون اهي ڌار، جن سان ڏسين پرين کي،
ٻئي ڏي ڪين نهار، گهڻو ريسارا سپرين،
هڪ دفعي ملنگ کان پڇيم ته ”ملنگ! گهاگهر ۾ مٺا خان زرداري استاد اٿئي؟“ ٻڌائي ٿو ته سائين اکر اکر جو استاد هوندو آهي، استاد مٺا خان منهنجو هدايت جو استاد آهي، ان هڪ دفعي مونکي هدايت ڪئي هئي، ته پٽ! اهو شوق سنڌ جي ثقافت ۾ شامل اٿئي، انهيءَ کي ڪڏهن به نه ڇڏجاءِ، ان ڏينهن کان وٺي کيس هدايت جو استاد سمجهندو آهيان. باقي اصل منهنجي ڳوٺ ميان جو سعيد ملاح منهنجو شروعاتي استاد آهي، پوءِ مندر ۾ وڄائيندڙ گيهي مل واڻيو جنهن کي اڄ به آئون پيرن پئي ملندو آهيان. پوءِ ڪوٽڙي وارو آچر جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي محبوب فنڪار استاد محمد يوسف سان وڃائيندو هو. ۽ اڄ ڪلهه ممتاز لاشاري سان گهڙي تي سنگت ڪندو آهي، بس اهي ئي منهنجا استاد آهن.
بابُوءَ جي رنگ جي دوڪان تي ويٺي ان ڏينهن رئيسُ مريد جوکيو چويس ٿو، ته ملنگ! سلطان فقير جو ميلو شروع آهي اتي ڪو نه ويو آهين؟ چئيس ٿو سائين پاڻ فقط ٽي ميلا ڪندا آهيون، قلندر شهباز، لطيف سرڪار۽ سچل سائين باقي ڪنهن به ميلي تي ڪو نه وڃون_ فخريه انداز ۾ ٻڌائي ٿو ته هڪ لک کان وڌيڪ منهنجون CDs، تيار آهن. هيءَ ته منهنجو فن آهي، منهنجو پيشو ناهي، منهنجو شوق آهي، منهنجو عشق آهي_ ٻڌائي ٿو ته مون هن سان عشق ڪيو ته هن مون کي سڃاڻپ ڏني_ اڄ به ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا مونکي ڏسندا آهن. ته چوندا آهن، ته چاچا تون ٽي وي تي ايندو آهين نه؟ “ها پٽ!” چئي پوءِ مان هنن معصومن کي مٿي ته هٿ رکي دعائون ڪندو آهيان.
پنهنجي سڀاءَ ۾ ملنگ دلچسپ ماڻهو آهي، گهاگهر سان سندس عشق جنون جي حدن کي ڇهندو ٿو نظر اچي. عشق جي اها انتها جو پاڻ سيوهڻ جي ميلي تي هليو ويو ۽ پٺيان سندس والد صاحب گذاري ويو جنهن جو منهن ڏسڻ به نصيب نه ٿيس_
۽ مون کي ياد ٿو اچي ته هر سچي تخليقار کان ڏات هميشه اهڙي ئي قرباني گهرندي آهي، سرڪار لطيف جي والد صاحب جا جڏهن پڇاڙيءَ وارا ڏينهن شروع ٿيا هئا ته لطيف سائين به پنهنجي لازوال تخليق کي اوج جي سراڻ چاڙهڻ ڪيڏهان نڪري ويو هو، جو شاهه حبيب نياپو موڪليو هوس ته:
ڪنهن جنهن ڏينهن نڌاءِ، جون مون واجهائيندي ئي نه ورو
جيڪي مئي ڪنداءِ، سو جانب ڪريو جيئري،
ته لطيف سائين جواب ڏياري موڪليو هوس ته
متان ٿئين ملور، ڪين آڳاهون آهيان،
ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهي جي هيڪڙي.
پر ملنگ ويچاري کي ته پنهنجي والد جو ڪو نياپو به ڪو نه مليو. بحر حال هر سڄي فنڪار سان ائين ئي ٿيندو آهي ۽ فن قربانيءَ جا اعلى قدر گهرندو آهي.
۽ فن سان سچائيءَ جي حوالي سان ملنگ چيءَ ٿو: فن سان سچائي ائين هجڻ گهرجي جو ڳائڻ مهل توهان پنهنجو وجود وساري ويهو، سهڻي ٿي وسندي مينهن ۾ اوڻٽيهين اونداهيءَ ۾ سنڌو جي مست لهرن جي حوالي ٿي وڃو. مارئي ڳائڻ مهل پاڻ کي ڪوٽ ۾ قيد محسوس ڪيو. سسئي ڳائڻ مهل پاڻ کي سسئي سمجهو- جيسين پنهنجي سرير ۾ سسئيءَ وارو ٿڪ محسوس نه ڪندئو، جيسين پاڻ کي تتي ڏينهن ۾ لڪن تان لهندي چڙهندي پنهنجا پير رت ٿيندي نه محسوس ڪندئو. يقينن توهان سسئيءَ کي ڳائيندي، سسئي سان انصاف نه ڪري سگهندئو.
هڪ دفعي هن فخر سان ٻڌايو هو ته حڪومت پاڪستان پاران مونکي هر ماهه \=1000 روپيا وظيفو ملندو آهي، هو کلندي خوش ٿيندي ٻڌائي ٿو ته انور وسطڙي ۽ ٻين کي به صوبي طرفان \=500 روپيا ملندا آهن.
آخوند صاحب کي ياد ڪندي، ٿڌو شوڪارو ڀريندي چئي ٿو ته ”هئه .... هئه.... آخوند صاحب هوندو هو ته وظيفو ڇهين ڇهين مهيني ملي ويندو هو. ۽ هاڻ 22 مهينا ٿيا آهن ته وظيفو ڪو نه ٿو ملي. هڪ دفعي عاجز جمالي چيو ته ملنگ توکي وظيفو نٿو ملي ڀلا اخبار ۾ خبر ڏيون؟ چئي ٿو ته چيو مانس ته ٻيلي خدا جي واسطي اهڙي خبر نه ڏجانءِ متان ڪاوڙ جي مرڳو وظيفي ئي بند ڪري ڇڏين. نيٺ ڪڏهن نه ڪڏهن ڏيندا. ڀلي پيو گڏ ٿئي.“
ملنگ ڀلا ڪهڙن ڪهڙن فنڪارن سان سنگت ڪئي اٿئي؟ ٻڌائي ٿو ته: ”استاد منظور علي خان جو ڀاءُ استاد وزير علي خان، عابده پروين، گلزار دايو، استاد گلزار سانگهڙائي، فيروز گُل، شفيع فقير، شفيع محمد جمن، وحيد علي، سنيگار علي سليم، علڻ فقير، جپجي زرينا بلوچ، دين محمد شيخ، فتح علي جيڪو حسن بخش ڍانڍيءَ جو شاگرد آهي، سجاد يوسف، برڪت علي، منظور سخيراڻي، جلال چانڊيو، شازيه خشڪ، شمن ميرالي، سهراب فقير، همت ميرالي، موٽڻ شاهه، شير شاهه، ڀورو فقير، ڦوٽو رزداري. الهداد زرداري، استاد امير علي... ”بس بس فقير مڃيوسين ته سڀني ناليوارن راڳين کي ساٿ ڏنو اٿئي.... “چئي ٿو ته ڇو بس.... بس ....! اڃان ٻڌ بلڪه اڃان لِک“ ۽ وري لسٽ ٿو لکائي” تاج مستاني، گل شير تيوڻو، عرس چانڊيو، انور وسطڙو، امداد وسطڙو، صنم مارئي، سرور سخيراڻي، ديبا سحر، امبر مهڪ، ممتاز لاشاري، شهنيلا علي، صائمه منظور، طفيل سنجراڻي، مولابخش مري، غوث بخش بروهي، الهبچايو کوسو، الهڏنو خاصخيلي، فوزيا سومرو، صادق فقير، عثمان فقير، ثمينه ڪنول، اختيار خشڪ، اها لسٽ اٺ جي آنڊي جيان جئين پوءِ تيئن وڌندي ٿي وڃي ۽ آئون نالا لکڻ بند ڪريٿو ڇڏيان ته چئي ٿو ته منظور سخيراڻي ديبا سحر، ثمينه ڪنول ۽ شازيه خشڪ اهي سخي فنڪار اٿئي. بلڪه انهن جي سيني ۾ درويشاڻي دل اٿئي.
بحر حال هيءَ ملنگ نه رڳو فن سان سچو پر سچ چئي ڏيڻ وارو انتهائي کرو ماڻهو به آهي، پنهنجون ساروڻيون ساريندي ٻڌائي ٿو ته هڪ دفعي استاد وحيد علي کي چيم ته تون استاد گهراڻي جو گائڪ آهين. محمد جمن منهنجو ملڪ ملير ڪئين ڳائي آهي! ۽ تو ان کان پوءِ وري اها وائي جمن جيان ته نه ڳائي پر وري (ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائي ٿو ٻڌائيس.) ائين ته ڳائين ها، وحيد علي چيئس ٿو ته استاد جمن جي پنهنجي ڌن آهي، مون پنهنجي ڌن ٺاهي آهي ته هي ارڏو ملنگ اتي ئي ٿو ٽوڪيس؛ “ته واهه جي پنهنجي ڌن ٺاهي اٿئي! اها ته فوزيه جي ڌن آهي الي الي منهنجا ماروئڙا_ تو ڪهڙي محنت ڪئي اٿس! تو سمجهو ته ان ڌن تي ڳائيندس ته ماڻهو نچندا....! ته وحيد عليءَ جو موڊ ئي خراب ٿي ويو.
ملنگ ٻڌائي ٿو ته سچ چوڻ جي عادت اٿم انڪري فنڪار لفٽ ئي ڪو نه ڪرائين، ٻاهرين دوري تي به منهنجي نمبر تي ٻئي ڪنهن کي وٺيو وڃن.
هن کي شڪايت آهي بلڪ جائز شڪايت آهي ته اڳي ماڻهو فن کي ڏسندا هئا، هاڻ ماکيءَ جي شيشن وارا اڳيان اڳيان آهن. چيو مانس ته فقير اها بدعت هر جاءِ تي جاري اٿئي. رڳو فنڪار ئي نه هر جاءِ تي هر فيلڊ ۾ اهي گيهه ۽ ماکيءَ وارا اڳيان اٿئي.
پوءِ ملنگ ڳائي به ٻڌائي ٿو ۽ فل آواز ۾ ٿو ڳائي. ڪچهري جي ڌم متل آهي، جو اوچتو مونکي سريش جو ٿو خيال اچي، ته ڪٿي دوڪان ۾ ڳائڻ ۽ ڪچهريءَ جي ڪري ڪٿي هن کي خراب ته نٿو لڳي ته هيءَ واندا ڌنڌي جي ٽائيم تي دوڪان ۾ ڪچهري مچايو ويٺا آهن_ آئون سريش ڏانهن ٿو ڏسان_ دوستي جي دائري ۾ جڪڙيل هن يار جي چهري تي بيزاريءَ جو ڪو به پاڇو ڪو نه ٿو ڏسان.
مونکي پاڻ ڏانهن ڏسندي چئي ٿو ته چانهه به پيئو ۽ ڪچهري به ڪريو. ٿڌي پاڻيءَ جي گلاس کان پوءِ هو اسان کي شهمير خاصخيلي جي هوٽل جا ننڍڙا ڪوپ چانهه سان ڀري ٿو ڏئي، محسوس ٿو ٿئي ته هن کي به اسان جي ڪچهري جي خمار جا کيپ چڙهندا ٿا وڃن- آئون دل ئي دل ۾ چوان ٿو ته اسان جهڙن برهه جي بدنام بيوقوفن کي ائين ئي برداشت ڪيئي ته پٽ تو به ڪمايو؟ ۽ چوانس ٿو ته سريش اٿون اسان؟ چئي ٿو ته ڇو .. ؟ڇا لاءِ....؟ ويهو ته آئون به ٻڌان ملنگ اسانجو به يار آهي، ۽ پوءِ کلي ٿو ڏئي سندس ٽهڪ ائين ٿو لڳي ڄڻ ته ڪنور رام جي پيرن جا گهنگهرو ڄڻڪي ويا_
ملنگ پنهنجي ڪچهريءَ کي وڌائيندي ڏاڍا مزيدار ۽ عجيب غريب تبصرا ڪندو ٿو هلي. چئي ٿو ته استاد شفيع فقير وٽ وڏو علم آ،
وڏي ڏات اٿس پر آواز اهڙو اٿس جو ڳائي پيو ته جهڙو جهار پيو هڪلي..... آئون ٻانهون ٻڌي چوانس ٿو ته ايئن نه چيو يار...! استاد منهنجي پسند جو فنڪار آهي.
عابده پروين جي حوالي سان ٻڌائي ته هڪ دفعي مائي ويهه پنجويهه دوهيڙا ڏئي وئي ته پٺيان چيو مانس ته امڙ! هاڻ ڳاءِ به سهي رڳو دوهيڙا ٻڌي ٻڌي اسان کي ته ننڊ پئي اچي... ته عابده به مرڪي پئي هئي،_
ممتاز لاشاري جي نالي چئي ٿو ته لئه ٿو ڪري! مڙئي چندر جوکٽيو پيو کائي.
راڳ رهاڻ جي ڪچهري هلندي ملنگ ٻڌائي ٿو ته هڪ دفعي استاد وحيد علي کي باجو کڻايو پئي آيس ته ڪنهن ٽوڪ ڪئي ته فقير تون پاڻ فنڪار آهين پوءِ پراوا باجا ڇا لاءِ پيو ڍوئين؛ چيائين ته چيومانس ته منهنجي مرشد لطيف سائين چيو آهي ته ”گولا جي گولن جا تن جو ٿي ”غلام“. ان هوندي به مهمان جي عزت ڪرڻ ۽ ان جو آڌر ڀاءَ ڪرڻ اسانجو وڙ آهي، باجي کڻڻ سان ڪو آئون لهي ڪونه ويندس.
اهو ٻڌڻ سان رئيس مريد جوکيو ٻڌائي ٿو ته هڪ دفعي رسول بخش پليجي ٻڌايو ته آزاد بنگلاديش ۾ سنڌ مان هڪڙو وفد ويو هو. جنهن ۾ پليجو صاحب به شامل هئو، ماني کائڻ کان اڳ شيخ مجيب الرحمان پاڻ سڀني کي هٿ ڌورائيندو رهيو_ اسان چيس ته شيخ صاحب! گناهگار نه ڪر اسان پاڻ ٿا هٿ ڌوئون ته شيخ صاحب فرمايو ته؛ بابا اها مهمان نوازي آئون توهان سنڌين کان سکي آيو آهيان. اها ته توهان جي ثقافت آهي. گهٽ ۾ گهٽ توهان ته اعتراض نه ڪيو. مطلب ته مهمان نوازي ۽ مهمان جو آڌر ڀاءَ ڪرڻ اسان جي ثقافت آهي مُريد ملنگ کي چئي ٿو ته فقير! سٺو ڪيئي باجي کڻڻ سان ڪير لهي ڪو نه ٿو وڃي.
آئون هِن جي زندگي جي کول ٿو ڪريان ۽ ڪچهري هلندي هيءَ کرو انسان اچي ٿو رنگ تي. چئي ٿو ته مان رنگ جو به ڪاريگر آهيان. ٻن ٽن رنگن ملائڻ سان نئون رنگ جڙي پوندو آهي، جو بابُو چوندو آهي، ته ملنگ رنگ کڻي وئين هڪڙا ۽ لڳا وري ٻيا پيا آهن!
کلندي ٻڌائي ٿو ته هڪ دفعي پروفيسر عثمان ڪيريي جي جڳهه کي رنگ پئي ڪيم ته هو هدايتون ڏئڻ لڳو ته هئين نه ڪر....! هئين ڪر...!
چيو مانس تون لنڊن مان ٿي آيو آهين، پروفيسر آهين ته پنهنجي علم جو هوندين لنڊن مان ڪو رنگ ڪرڻ ڪو نه سکي آيو آهين. جو ايتريون هدايتون پيو ڪرين...! ته پروفيسر صاحب مسڪرائي ماٺ ٿي ويو هو.
ملنگ مذاق جي موڊ ۾ آيو ته چيائين ته هڪ دفعي سائين امداد محمد شاهه مذاق ڪرائيندي چيو ته ملنگ مون واري بورچيءَ جو مرض ڄاڻين ٿو؟
ته هٿ ٻڌي کلندي چيو مانس ”سيد! تنهنجا فيصلا ڏکيا آهن، نه ته تنهنجي بورچيءَ جو مرض ته ڪو مسئلو ئي ناهي.“
چيو مانس ته ڇڏ انهن ڳالهين کي، ٻڌاءِ ته اولاد گهڻو اٿئي؟
شرمائيندي چئي ٿو ته شادي ئي دير سان ڪئي اٿم 40 سالن جي عمر ۾،
”ڪڏهن؟“ چئي ٿو ”چار پنج سال ٿي ويا آهن. پر اڃان اولاد ڪو نهي ٿيو.“
پوءِ مون کي ياد ٿو اچي ته هي ملنگ هر جمعي رات ڀٽ شاهه يا ڪنهن نه ڪنهن درگاهه تي پوءِ اولاد وري ڪئين ٿيئس. ....!
هڪ دفعي ملنگ کان پڇيم ته ڪا وڏي خوشي؟
چيائين ته لطيف سائين جي اسٽيج تي پهچڻ مهل جيڏي خوشي ٿي هئم ان کي هن وقت به محسوس ڪري رهيو آهيان.
”ڀلا شرمساريءَ وارو ڪو لمحو جيڪو توکي اڃان تائين ياد ايندو هجي؟ “
ٻڌايائين ته هڪ دفعي هڪ فنڪار باغ علي بالادي منٿون ڪري مونکي وٺي ويو؟ ته مون سان هلي گهاگهر وڄاءِ. صبح جو چيائين ته ملنگ تون آهين دوست ماڻهو اچي وٽ هي \= 25 روپيا وڃي ٺٺ ڪر_
۽ ٻيو واقعو گل محمد صاحب وٽ سائين ظهور آيو هو_ جنهن مونکي اسٽيج تان ان ڪري لاهي ڇڏيو ته چيائين ته توکي سنڌي ٽوپي پاتل آهي، اسان جي C.D خراب ٿي ويندي.
مون پڇيس ته ملنگ سنڌي ٽوپي تي سائين ظهور پاڻ اعتراض ڪيو؟ چيائين سائين ظهور پاڻ اعتراض ڪيو هو ۽ مونکي اسٽيج تان لاهي ڇڏيائين. مون کي وڌيڪ شرمساري ان ڪري به ٿي جو مون سوچيو ته ماڻهو سمجهندا هوندا ته ملنگ کي گهاگهر وڃائڻ ڪا نه ٿي اچي. انڪري اسٽيج تان ئي اٿاري ڇڏيائونس. حالانڪه گل صاحب جي P.A ڪولاچي صاحب انهن کي سمجهايو ته هي ”اسان جي ثقافت کاتي جو فنڪار آهي مگر هنن P.A کي به ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، پوءِ مون به لطيف سائين کي ياد ڪيو ته ڀٽائي صاحب! تنهنجو فقير آهيان، اڄ منهنجي توهين پئي ٿئي....!
۽ پوءِ محفل ۾ حاضر ماڻهن ڏٺو ته سائين ظهور جي پٽ پهريون ڪلام به ختم نه ڪيو هو جو ٺڪاءُ ڏئي ايڪو سائونڊ ئي پورو ٿي ويو.
مون ڏک مان لطيف سائين کي دانهن ڏئي بس ئي مس ڪئي جو ٺڪاءَ سان لائوڊ ڦاٽو هئو.
پوءِ گل محمد صاحب P.Aکي سڏ ڪيو ته ڳولي ملنگ کي وٺي اچ.
پوءِ سائين ظهور به معذرت ڪئي هئي.
بحر حال ان مان خبر پئي ته رنجيت سنگهه جي ڌرتي جو دانشور هجي يا سياستدان. T.V اينڪر هجي يا صوفي فنڪار سنڌي ٽوپي اجرڪ يا سنڌي ثقافت جو ڪو سمبال انهن کي الاءِ ڇو اک جو ڪنڊو ٿو لڳي.....!؟ ان مان ثابت ٿيو ته خواجه فريد جي ڌرتيءَ جا نقلي صوفي به اسان کي پنهنجو ڀاءُ تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. انهن کي اڄ به اسان جي ثقافت کان نفرت ئي آهي جئين هنن کي ڪلهه بنگال جي ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت کان نفرت هئي،
اهڙو ٻيو واقعو ياد ڪندي ملنگ ٻڌائي ٿو ته رڪوجا انڙن ۾ فوزيا سومرو آئي هئي، اتي مونکي به دعوت هئي پر فوزيه جي مڙس مصري سٺيو چيو ته اسان وٽ پنهنجا سازندا آهن. اهي ئي وڄائيندا. ۽ پوءِ خبر تڏهن پئي جو دهل ئي ڦاٽي پيو....! پوءِ معذرت ڪري مونکي وڄائڻ ڏنائون.
ملنگ کان آخري سوال ڪيم؛ مون هن کان سوال نه پڇيو پر محسوس ڪيم ته ڄڻ هن کي لوڻي واري لپاٽ وهائي ڪڍيم جڏهن پڇيو مانس ته ذاتي عشق جي باري ۾ ڪجهه ٻڌاءِ ملنگ!
گهڙي پل صفا خاموش ٿي ويو. محسوس ڪيم ته درد جو ٻاٻرو ٽانڊو سرير کي ساڙيندو هن جي روح جي پاتال ۾ پيهي ويو هو. چپ چوريندي بس ايترو چيائين:
ته ”يار...! اهو عشق ئي ته آهي جنهن گهاگهر کڻائي ڇڏي آهي...“ وڌيڪ ڪجهه به ٻڌائي نه سگهيو_ جو منهنجي من تي منهنجي غزل جا هيءَ لفظ تري آيا ته:
اسان جو نانءُ شل پرينءَ چپن تي، اداس موسم جو گيت بنجي،
صدا گذاريل سندر گهڙين جي، سُرن سندو ڪو سنگيت بنجي.
برهه جو ويراڳ گهاريندڙ هر سچو فنڪار اهو ئي ته چاهيندو آهي ته هن جي تخليق پوءِ اها سُر ۾ هجي يا ساز ۾، هن جي پرينءَ جي سماعتن تائين ضرور پهچي، تخليقڪار جي نظر ۾ اهو ئي پنهنجي تخليق جو معراج هوندو آهي. بيشڪ ملنگ به پنهنجن تخليق جو معراج ماڻي چڪو آهي.
**
(گل محمد رند فائونڊيشن پاران، ملنگ ملاح سان رچايل رهاڻ ۾ پڙهيل پيپر.)