اَلا جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.....! (غلام رباني)
سو انھن ڪکائن اجهن جي هيٺ ”ڇٽي خان“ جا رهاڪو پنھنجو سيارو سانوڻ ڪاٽيندا هئا. سندن ابا ڏاڏا ۽ تن جا ابا ڏاڏا بہ انھن ئي ڪکن ۾ پنھنجا ڏينھڙا گهاري ويا.
هونئن تہ قديم زماني کان وٺي، ڇُٽي خان جي رهاڪن جو گذر سفر مڇي مارڻ تي هوندو هو، پر جڏهانڪر ڀر ۾ نئون شھر اڏيو هو، تہ ڪي جوان شھر ۾وڃي محنت مزدوري ڪندا هئا. ڪن تہ بيل- گاڏيون ۽ گڏھہ – گاڏيون بہ خريد ڪيون هيون، جن تي هو بار ڍوئيندا هئا.
جوان مڙس پرھہ ڦٽيءَ سان پورهئي پٺيان ويندا هئا. باقي رهندا هئا ٻُڍا، ٻار ۽ زالون، پوڙها، صبح مرداني سان وڃي مسجد جو در وٺندا هئا. علُو ٻانگي جي عادت هئي تہ اسر ڏيئي اٿندو هو، ۽ اڃا اُڀ تان تارا مٽيائي نہ هوندا هئا تہ ٻانگ ڏيئي ڇڏيندو هو. هڪ هڪ ٿي، نمازي گڏ ٿيندا هئا ۽ نماز پڙهڻ ويل سڄو صحن ماڻھن سان ڀرجي ويندو هو. نماز پڄاڻان، دور ۽ ذڪر جي هونگار ڏيڍ پھر ڏينھن چڙهي اچڻ تائين جاري هوندي هئي - ۽ پوءِ پوڙهن جي محفل مچندي هئي، حاجيءَ جي هَٽ تي.
ٻارن لاءِ ڪا مشغولي مورڳو ئي ڪا نہ هئي – ڏيڍ پھر ڏينھن ننڊ مان اٿندا. اسڪول وغيرہ تہ ڳوٺ ۾ هو ئي ڪو نہ، ٻار سڄو ڏينھن گهٽين ۾ پيا ڦيريون پائيندا- ابتيون سبتيون، بي معنيٰ بي مطلب يا وري ڦريو گهريو اچي حاجيءَ جي هٽ تي پوڙهن جون رهاڻيون ٻڌندا. بس علو ٻانگو ڪانڀ ڪڍي حاجيءَ جي هٽ تي ويٺو، ٻارن جو مڪو متو – ڳاهٽ پيا ٿيندا. علو بہ کڻي گگ هڻندو هو، هڪڙيون لاهيندو ٻيون چاڙهيندو. چي: ”سائين، جوانيءَ ۾ اسان بہ ڪم ڪيا.... سانوڻيءَ جو درياھہ اڪيلي سر اڪريو اٿم! ميرل ماڇيءَ جي مينھن ٻڌجي وئي. خبر پيم، پگ جو ڀير ڏيئي، چورن جو پيرو کنيم. واٽ تي وڃي پُڳو مان. اڪيلي سر، ستن جوانن سان، سر جي سٽ ڏيئي مُننھن- مقابل ٿيس.... نيٺ مينھن موٽائي آڻي ڪلي سان ٻڌم!“
جوسو ڦل تہ وري علوءَ کان بہ اتر گهُرندو هو- چي: ”سائين، ڪا ڳالھہ آهي!.... هينئر پيري جهوري آهي، نہ تہ جوانيءَ ۾ گهٽ اسان بہ ڪو نہ هئاسين!“.....”سان اک اڙجي ويم. ست ڪوهيءَ تي گهر هوس. آڌي ڏيئي اٿندو هوس.... رات رات ست – ڪوهي اُڪري، وڃي ساڻس ملاقي ٿيندو هوس. روح- رهاڻ ڪري، کڻي جو کُڙي ڪندو هوس. تہ ڪڪڙن دس ئي نہ هنيا هوندا جو ڳوٺ اچي ٺھڪو ڪندو هوس!.... صبح سان اهو ئي همراهن سان گڏ، هر پاڃاري ڪلھي تي!...... چئہ تہ رات سڄيءَ ۾ اک ئي ڪين کلي هئم.....!“
ٻڍن جون اهي ٻٽاڪون ٻارن کي بہ نيٺ ٿڪائي وجهنديون هيون. ڪر موڙي اٿندا، هت هت نوس نوس ڪندا، ور وڪڙ هڻندا، وڃي وڏيءَ گهٽيءَ جو ڇيڙو ڪندا ۽ پوءِ اتان وري موٽ کائيندا، ۽ سڌو اچي حاجيءَ جي هٽ تي دم پٽيندا.
رات ٿيندي تہ گهران رکو سکو ٽڪر کائي، ٽوليون ڪري نڪرندا ۽ گهٽين ۾ واڪا ڪندا ويندا:
”اچو ٻارو! راند جو وارو......“
ڊوڙي اچي ڊڳڙ کائو! پني اچي پادر کائو....“
۽ پوءِ سندن سڏ تي ٻار، ڪُئن جيان ٻڙ مان نڪرندا، کسڪندا ايندا..... تان جو هو سڀ گڏ ٿي ويندا ۽ پوءِ ڳوٺ جي وڏي پڌر تي راند ڪندا... راند متي، تہ ڌوڙ اڏامندي، جنھن ۾ چنڊ جي چانڊوڪي ڍڪجي ويندي. ”هو ٻلھاڙو!“ جي هوڪان ۽ وانجهيءَ جي واڪن ۾ بازاري ڪتن جون ڀونڪون دٻجي وينديون هيون. چنڊ ڌيري وڌندو ايندو. رات – پَر پکيڙيندي رهندي... ۽ پوءِ جڏهن ڪَتيون ڪَر موڙينديون ۽ ٽيئي ٽيڙو اُڀا ٿي اڌ – آسمان تي ايندا، تڏهن سڀ ڪو سست ٿي پوندو ۽ ٿڪجي ٻرجي گهر ورندو، ڪن جي دل اڃا نہ ڍاپي هوندي، تہ اهي وري موڙ ٻڌي، ڪنھن گهٽيءَ جي موڙ تي ويھندا- ”سيد ديو ۽ حُسنا پري“ جا قصا ۽ ڪھاڻيون، کڻندا، پروليون ڏيندا ۽ ڳجهارتون پيا ڏيندا وٺندا. هڪڙو چوندو: ”شينھن کي نماز پڙهائي ڏي!“ .... ”نٿو اچيئي؟ چڱو ترار کي پاڻي پياري ڏي....!“ ۽ ائين واڪو ٿي ويندو.
”لَڪَڙُ ڀڄي لڪڙ کڄي: لڪڙ ۾ لارو، پي چڙهيو تارو، تاري هنيو مَنڊ، پي چڙهيو چنڊ، چنڊ ڪيئي چانڊاڻ، پي چڙهي ماڇاڻ، ماڇاڻ لاٿا آنا، پي چڙهيا ڪانا، ڪانن ڪئي هيرَ، پي چڙهيا پنج پير، پنجن پيرن ڪئي گُرڙي، پي چڙهي ڪاڻي ڪرڙي، ڪاڻيءَ ڪرڙيءَ ڏني پُٺ، پي چڙهي اُٺ، اُٺ کاڌي گوار، پي چڙهي ترار....!“
”ترار“ چوندو ۽ پڙاڏو پئجي ويندو: ”شابي! شابي گلڻ شابي! چڙهي چيلھہ ڀڳي اٿئيس!“
سو، ”ڇُٽي خان“ جي رهاڪن جي حياتي اجهو ائين موج ۽ مزي، سک ۽ سانت سان پئي گذري. بنھہ سک سانت سان اصل انھيءَ ڍنڍ جيان، جنھن ۾ ڪڏهن ڪا وير ڪا نہ چڙهي، سير ڪين اَڙهي! هميشہ وانگر، صبح سان ساڳيو سونو سج اوڀر کان اڀرندو هو ۽ لھڻ ويل چوڌاري سونن ڪرڻن جي ورکا ڪندي، هوريان هوريان جهيڻو ٿيندو، اکين اڳيان آڪاس جي نيري ساگر ۾ ٽٻي هڻندو ويندو هو.... ۽ پوءِ رات جي راڻي پنھنجا ڪارا وار ڇوڙيندي هئي.
اها ئي رات، اهو ئي ڏينھن، اهو ئي چنڊ، اهي ئي تارا، اهو ئي اڀ ۽ اها ئي ڌرتي... ۽ ائين سال لنگهي ويا.
ڀر ۾ ٻڌل نئون شھر هوريان هوريان وڌندو، ڇٽي خان جي ڳوٺ کي اوڏو پوندو آيو.... ۽ ائين ئي، ٻن – چئن سالن ۾ ڇٽي خان جو ڳوٺ نئين شھر جي گود ۾ اچي ويو.
وڏو شھر سڄي ٽڪريءَ تي پکڙجي ويو. ٽڪريءَ جي چپي چپي تي وڏا وڏا بنگلا- اصل محلات ٺھي ويا، جن جي سفيدي جڏهن اس ۾ چمڪندي هئي، تہ ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪو ڪنگن جو ولر، پَرَ پکيڙي، ٽڪريءَ تي ٽڙي پکڙي ويٺو آهي.... ۽ ”ڇٽي خان“ جون ُاسَ ۽ مينھن ۾ ڪاراٽيل ميرانجھڙيون جهوپڙيون، انھن ڪنگن مثل بنگلن جي جهرمٽ ۾ جهرڪين جي جهڳٽي جيان لڳنديون هيون.
پر پوءِ... ڪانگن جي ڪانگيري ۾ جهرڪين جو جهرمٽ ڪيستائين؟ جهوپڙيءَ وارو، بنگلي ڌڻيءَ جو پاڙيسري ڪو سونھي!
وڏن پيٽن ۾ وڪڙ پيو.... هلنديءَ وارن حرفت هلائي... ۽ هڪ ڏينھن هڪ وڏو ميونسپل عملدار، ”ڇُٽي خان“ جي رهاڪن کي چتاءُ ڏيئي ويو تہ ”اوهان کي لڏي وڃي ڪنھن ٻئي هنڌ ويھڻ گهرجي، ۽ ڳوٺ خالي ڪرڻ گهرجي، اوهان جون جهوپڙيون ”ڪالونيءَ“ جي زيب زينت تي داغ آهن...!“
ڳوٺ ۾ ٻائيتال پئجي ويو. ٻار ٻُڍا وائڙا ٿي ويا تہ هيءَ آپدا ڪٿان ۽ ڪيئن ڪڙڪي؟
”اسين صدين کان رهندا اچون، هي ڪالھہ آيا..... اڄ اسان کي ٿا لڏائين ھھڙو ڪو انڌير!“
”نہ بابا، اباڻا ڪک اسين ڪو نہ ڇڏينداسون!“
”.... پر ڇڏيون بہ ڇو....؟“
سڄو ڳوٺ اچي حاجيءَ جي هٽ تي گڏ ٿيو. آخر ڳالھہ جو اڳ پڇ جاچي، سڀني صلاح بيھاري تہ درخواست لکائي ميونسپلٽيءَ جي وڏي صاحب کي ڏجي، کيس سموري حقيقت کان واقف ڪجي.
”ميونسپلٽيءَ جي وڏي صاحب وٽ درخواست بہ پھتي. صاحب ڳوٺاڻن کي چيو تہ، ”بابا مان ميونسپل ميمبرن جي ميٽنگ ڪوٺايان ٿو پوءِ جيڪو فيصلو ٿيو.“ ڳوٺاڻن صاحب کي ٻڌائي ويا تہ ”فيصلو ٻيصلو ڪو نہ.... ڳالھہ پڌري پٽ پئي آهي، تہ اسان کان اباڻا ڪک ائين ڇڏيا ڪو نہ ٿيندا!“
ميونسپل جي ميٽنگ گڏ ٿي. صدر صاحب ميمبرن اڳيان درخواست پيش ڪندي چيو تہ ”ڇُٽي خان“ جي رهاڪن جو رخ مٽيل آهي. اهڙو ڪو طريقو ڳولھي لھجي، جو دنگو فساد بہ نہ ٿئي ۽ ڳالھہ بہ رهجي اچي.“
ميٽنگ ۾ خوب گرما گرم بحث ٿيو. ڪنھن ڪيئن ٿي ڳالھايو، ڪنھن ڪيئن ٿي ڳالھايو، پر سڀني جو رايو اهو ئي هو تہ ڳوٺاڻن کي لڏائجي- انھيءَ ايراضيءَ ۾ چار چڱيون جايون جڙي پونديون...... ماٺ ميٺ ۾ نہ مڃين تہ ڪم ڪجي پوليس حوالي.“
هڪڙي نوجوان ميمبر- جنھن کي اڃا اهو تجربو نہ هو تہ ميونسپل جو ڪم ڪيئن هلندو آهي ۽ ڪالونين جي زيب زينت ڪيئن وڌائبي آهي ۽ وڏي ماڻھوءَ مان تھائين وڏو ماڻھو ڪيئن ٿبو آهي. اها رٿ پيش ڪئي تہ ”جيئن تہ ڳوٺاڻن کي لڏائڻ اصل مقصد نہ آهي، پر اصل مقصد اهو آهي تہ ڪالونيءَ کي صاف ۽ سھڻو رکجي: تنھن ڪري منھنجي رٿ آهي تہ ”ميونسپل طرفان، انھن سڀني جهوپڙين کي هٽائي، ساڳيءَ ئي ايراضيءَ تي، نوان ننڍڙا ۽ خوبصورت هڪ- رنگا ڪوارٽر ٺھرايا وڃن ۽ انھن ۾ ڳوٺاڻن کي آباد ڪيو وڃي.“ نوجوان ڳالھہ پوري ئي مس ڪئي تہ سڀني کلي ڏنو ”ماٺ ڪري ويھہ، ماٺ ڪري ويھہ....“
”وڏو آيو آهي جهنگلين ۽ جاهلن جو همدرد!“
”بابا، تون اڃا ٻار آهين....!“
”سکي ويندو.... سکي ويندو....“
آخر متفق فيصلو اهو ٿيو تہ ڳوٺاڻن کي لڏائجي، هونئن نہ لڏين تہ ڪم پوليس حوالي ڪجي- آخر پوليس جو ڪم بالا عملدارن جا حڪم مڃڻ ئي تہ آهي!
ڇُٽي خان جي ڳوٺ وارن کي فيصلي جي خبر پئي، تہ وسامي ويا. ”ھھڙو ڪلور!“ هنن کي خواب خيال ۾ بہ ڪو نہ هو. مڙس پِڙ هڻي بيٺا تہ اباڻا ڪک اسين بہ ڪو نہ ڇڏينداسين!“
۽ پوءِ ..... هڪ ڏينھن صبح جو سويل، جڏهن اڃا حاجيءَ پنھنجي هٽ ۾ ٻھاري بہ نہ پاتي هئي ۽ اڃا ڇڻڪار بہ نہ ڪيو هو، جڏهن اڃا علو ٻانگي کي صبح جي ٻانگ ڏني جهٽ بہ نہ گذريو هو، تہ ڳوٺ جي چوطرف غلغلو ۽ گڙگاٽ پئجي ويو... ننڍو وڏو اکيون مھٽي جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪتو. گهٽين جي موڙ وٽ ٻارن ٻڍن ۽ زالن جا ميڙاڪا ٿي ويا. علو مسجد مان نماز پڙهي بنا تڪڙو ٻاهر نڪري آيو. حاجي هٽ جو در ٻيڪڙي هليو آيو. جوسو بہ اکيون مھٽيندو اچي بيٺو....
ڳوٺ جي چوطرف هٿياربند پوليس بيٺي هئي. ٿورو پرڀرو ”بلڊوزر“ ٽريڪٽر بيٺي دونھان ڪڍيا – سندس گڙ گڙ جي آواز پکين ۽ پرندن جي بہ ننڊ ڦٽائي ڇڏي هئي، ويچارا ڦرڙاٽ ڪندا آکيرن مان اڏامندا، ڀڄندا پئي ويا.
پوليس ڳوٺاڻن کي ميونسپل ميٽنگ جو متفق فيصلو پڙهي ٻڌايو - ۽ بالا عملدارن جا حڪم..... ۽ تنھن بعد ”بلڊوزر“ کي اشارو ٿيو. بلڊوزر جي مشين ۾ چرپر ٿي. سندس فولادي ڦيٿا ڦرڻ لڳا. جهوپڙيون ڏڪڻ لڳيون. ٻڍا ۽ ٻار هيسجي ويا. عورتن اوڇنگارون ڏنيون. ٻارن سڏڪا ڀريا، بلڊوزر اڳتي وڌيو – اڃا بہ اڳتي وڌيو.... ۽ پوءِ هڪ ڏڪندڙ جهوپڙيءَ سان ٽڪريو.... کڙ کڙ ڪندي، جهوپڙي اچي پٽ تي پيئي! انسان جو آباد آکيرو مٽيءَ ۽ پٿرن جو ڍير ٿي پيو ۽ جهوپڙيون ڪرنديون رهيون.... ۽ آخر بلڊوزر اچي آخرين جاءِ وٽ پھتو ..... سندس فولادي پيرن ۾ ڄڻ ڏانوڻ پئجي ويا. اڳيان مسجد هئي! ڪنھن جاهل جي جهوپڙي ڪا نہ هئي.... ڪنھن جهنگليءَ جو آکيرو ڪو نہ هو، جنھن ۾ مائن جي مُرڪ ۽ معصومن جا ٽھڪ هجن – اڳيان هڪ خالي جاءِ هئي..... پر بلڊوزر جا پير اڳتي وڌي ڪو نہ سگهيا....!
۽ ڳچ ڳچ ڏينھن کان پوءِ....... ڇُٽي خان جي ڳوٺ جي جاءِ تي، ميرانجهڙين جهوپڙين بجاءِ وڏا وڏا بنگلا، املھہ محلات ڪر کنيو بيٺا هئا. حاجيءَ جي هَٽَ واري هنڌ تي هاڻي سيٺ ”عبدالسلام“ جو بنگلو هو، جنھن جي ڀر ۾ بيٺل مسجد جا منارا چمڪي رهيا هئا. سيٺ عبدالسلام مسجد کي ٻہ – ماڙ ڪري، نئين سر ٺھرايو هو.
(مھراڻ: 4 – 1956ع)