ڪونج (مقبول صديقي)
ماءُ جي اتنقال کانپوءِ اصغر جا لاتعداد مٽ مائٽ پيدا ٿي ويا. هڪ مٿان ٻيو وارد ٿيڻ لڳو. هر هڪ جي هيءَ دعوا تہ هو ئي اصغر جو وارث ۽ سنڀاليندڙ بڻجي سگهي ٿو. اهي مائٽ ننڍڙي اصغر کي ائين چنبڙي ويا، جيئن مصريءَ کي ماڪوڙا. اصغر ٻار هو، منجهي پيو تہ ڇا ڪري ۽ ڇا نہ ڪري ڀلو ٿئي سندس استاد عبدﷲ جو، جنھن دورانديشيءَ کان ڪم وٺي سندس رهنمائي ڪئي، ۽ کيس سڌيءَ راھہ تي هلڻ سيکاريو.
اصغر کي پڙهڻ سان ڏاڍو شوق هو. ائين کڻي چئجي تہ پڙهڻ کانسواءِ کيس ٻي ڪنھن ڳالھہ جو شوق نہ هو. هر وقت پڙهندو رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو جڏهن هر سال امتحان ۾ هو اول نمبر ايندو هو، تہ اسان کي ان تي ڪو بہ تعجب نہ ٿيندو هو.
اسڪول ۽ ان کانپوءِ ڪاليج جي زندگيءَ ۾ شروع کان اسين هڪ ٻئي جا ساٿي رهاسين. مون کي اصغر جي دوستيءَ تي ناز هو، ڇو تہ هو سڀني کان وڌيڪ هوشيار ۽ ذهين شاگرد هو. جڏهن مان اصغر سان ساڻس پنھنجي دوستيءَ تي فخر جو اظھار ڪندو هوس، تہ هو بہ ورنديءَ ۾ اهڙو اظھار ڪندو هو.
اوچتو ايئرپورٽ جي عمارت ۾ جابجا لڳل لائوڊ اسپيڪرن ڳالھائڻ شروع ڪيو. منھنجو هٿ چانھہ جو ڪوپ کڻندي رڪجي ويو. ڪن لائي ٻڌم. لائوڊ اسپيڪرن اعلان ڪيو تہ اهو هوائي جھاز ڏهين بجي پھچندو. مون واچ ڏٺي، اڃا سوا نوَ ٿيا هئا. ڪوپ کڻي هڪ سرڪي ڀريم، پوءِ سگريٽ دکائي، وري اصغر جي ياد ۾ گم ٿي ويس. اهو اصغر، جو هر وقت مسڪرائيندو رهندو هو. معمولي لطيفو بہ ٻڌندو هو تہ کلي کلي کيرو ٿي پوندو هو. هو مون کان ايتري ئي کلڻ جي توقع رکندو هو، ۽ جيڪڏهن ڪنھن وقت مان سندس اها توقع پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهندو هوس تہ هڪ گهڙي سوچڻ کان پوءِ نئين سر ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪندو هو. وڏا وڏا ٽھڪ، شايد اها کل منھنجي پاران هوندي هئي! سندس کلڻ بہ ڪھڙو نہ وڻندڙ هوندو هو. جڏهن ٽھڪ ڏيندو هو تہ مون کي اهو محسوس ٿيندو هو، ڄڻ دماغ ۾ جلترنگ وڄي رهيا هجن.
مون کي اها ويل بہ ياد آئي، جڏهن اصغر قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ ”بارائٽ لا“ ڪرڻ لاءِ انگليند جو سانباهو ڪيو. ان وقت بہ مان اڪيلو ئي کيس ايئرپورٽ تي رخصت ڪرڻ آيو هوس. مون کي ياد آهي تہ اسان ٻنھي هن ساڳئي ريسٽورانٽ ۾ ويھي ڪافي پيتي هئي. ان وقت اصغر ڏکويل پئي ڏٺو. سندس منھن مان مايوسي بکي رهي هئي. سندس جدائي منھنجيءَ دل کي بہ ڏکوئي رهي هئي. پر مون پنھنجو اهو ڏک ظاهر نہ ڪيو هو. مان اصغر سان کل چرچا ڪري، وقت ٽاري رهيو هوس. مون کي ياد آيو تہ ان وقت مون اصغر کي کلندي چيو هو: ”يار، تون ڇا بہ چئين، پر مون کي پڪ آهي تہ تون پاڻ سان ضرور ڪا ولايتي گڏي وٺي ايندين- ڀوري رنگ ۽ سونھري وارن واري گڏي!“
”بيوقوفيءَ جون ڳالھيون ڇڏ“ اصغر ٿورو چڙندي وراڻيو هو.
”مون کي پڪ آهي. پر ائين نہ سمجهہ تہ ڪو مان ولايتي گُڏيءَ آڻڻ تي ناراض ٿي ويندس. بس، فقط اها خوبصورت هئڻ گهرجي، جھڙو تون پاڻ آهين. مون کي ڪونج جھڙي ڀاڄائي کپي، ٻڌي ڇڏي!“ - ۽ جواب ۾ اصغر وڏا وڏا ٽھڪ ڏيڻ لڳو هو.
اصغر ولايت روانو ٿي ويو. واعدي مطابق، مون کي هن وٽان هر هفتي خط پھچندو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن تہ هفتي ۾ ٻہ – ٻہ ٽي – ٽي خط بہ ملندا رهيا. ولايت پھچڻ کان اٽڪل ڇھہ مھينا پوءِ اصغر پنھنجي هڪ خط ۾ لکيو: ”توکي ڪونج وڻندي آهي،مون کي بہ وڻندي آهي. اهڙي ئي هڪ ڪونج مون کي هتي ملي ويئي آهي! ملي تہ آهي، پر سوچيان ٿو تہ ان کي تنھنجي ڀاڄائي بہ بڻائي سگهندس يا نہ...... دعا ڪر تہ منھنجي خواهش پوري ٿئي!“
مون جڏهن اصغر کي ان ڪونج جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌائڻ جو چيو، تہ لکيائين: ”هيءَ ولايتي گُڏي نہ آهي – اسان جي ئي وطن جي آهي. نالو اٿس.... نالو ڪو خاص سٺو نہ اٿس. بھتر آهي تہ اسين ان کي ”ڪونج“ ئي سڏيون. تمام وڏي گهراڻي جي ڇوڪري آهي، هتي ڊاڪٽري پيئي پڙهي.“ ٿوري عرصي بعد اصغر لکيو:
”اسان جا تعلقات تمام گھرا ٿي ويا آهن. کليل نموني ۾ بہ نہ، پر اشارن ئي اشارن ۾ عهد- پيمان بہ ٿي ويا آهن. ”ڪونج“ هاڻي منھنجي زندگي بڻجي چڪي آهي. توکي هن جو فوٽو ضرور موڪليان ها. پر کانئس گهرڻ نہ ٿو پڄي. ملي ويو تہ ضرور موڪلي ڏيندوسانءِ.“
ڇھہ مھينا ٻيا بہ گذري ويا. اصغر وٽان خط بدستور پھچي رهيا هئا. هر خط ۾ ”ڪونج“ جو ئي ذڪر هوندو هو. هڪ خط ۾ اصغر لکيو: ”ڪونج“ امتحان ۾ ڪامياب ٿي آهي، ۽ هوءَ جلد ئي اتان واپس وطن رواني ٿيندي. هفتي کان پوءِ ٻئي خط ذريعي معلوم ٿيو تہ هوءَ اتان واپس وطن رواني ٿي وئي آهي. مون کي ”ڪونج“ سان ملڻ جو بيحد اشتياق هو. اصغر ان جو فوٽو بہ ڪو نہ موڪليو هو. سو، مون اصغر کي ”ڪونج“ جي پتي لکي موڪلڻ لاءِ چيو تہ جيئن ان کي ڏسي سگهان. پر اصغر لکيو تہ هو خود اچي مون کي ڏيکاريندو. شايد، کيس ڊپ هو تہ مان ڪٿي ”ڪونج“ کي نظري نہ وجهان! مان بہ هانءَ تي پٿر رکي خاموش ٿي ويس.
هاڻي اصغر کي واپس ٿيڻ ۾ 3 مھينا وڃي رهيا هئا. هن ٻڌايو تہ ”ڪونج“ سان سندس خط – ڪتابت ڪجهہ عرصو تہ باقاعدہ جاري رهي. پر پوءِ خبر نہ آهي تہ ڇو هن سندس خطن جا جواب ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا. ”ڪونج“ جي ان لاپرواهيءَ اصغر کي سخت صدمو رسايو. ان صدمي جي سڪ کي منھنجي دل بہ محسوس ڪيو. پر مان ڪري بہ ڇا ٿي سگهيس؟ اهو سڀ ڪجهہ هوندي بہ، اصغر مايوس نہ هو، کيس يقين هو تہ ”ڪونج“ پنھنجي واعدي تي پوري رهندي. هوءَ سندس منتظر رهندي.
ايئرپورٽ جا لائوڊ اسپيڪر وري گونجڻ لڳا. هوائي جھاز پھچڻ ۾ باقي 5 منٽ هئا. مان بل ادا ڪري اٿيس، ۽ ايئرپورٽ جي کليل ميدان اڳيان پويلين ۾ وڃي بيٺس.
جھاز مان مسافرن لھڻ شروع ڪيو، ۽ منھنجيون اکيون هر مسافر جي چھري ۾ اصغر کي تلاش ڪرڻ لڳيون. ڪجهہ ساعتن کان پوءِ، اصغر منھنجي ڀاڪر ۾ هو. گلي ملڻ کان پوءِ مون اصغر کي ڏٺو، پر اصغر جون اکيون ڪنھن ٻيءَ شيءَ کي ڳولي رهيون هيون. ائين محسوس ٿيو، ڄڻ سندس وساڻل اکيون ڪنھن روشنيءَ جي ڳولا ۾ هيون. مون کي تعجب ٿيو، پر کانئس ڪو نہ پڇيم تہ کيس ڪنھن جي تلاش آهي. اوچتو سندس اکين ۾ روشني پيدا ٿي وئي. ڳلن جي مٿاڇري تي خون سيمو ڪري آيس. هو سامھون ڏسي رهيو هو. مون ڏٺو، سامھون ڪجهہ مفاصلي تي هڪ خوبصورت ڇوڪري ساڙهيءَ ۾ ملبوس نظر آئي. قد ڊگهو، رنگ ڳورو، سندس وار هوا ۾ اڏامي رهيا هئا. ساڻس هڪ گڏ نوجوان بہ بيٺل هو، جنھن سان گڏ هوءَ ڳالھائڻ ۾ مصروف هئي. اصغر ڇوڪريءَ کي اڃا تائين گهوري رهيو هو.
”ڪير آهي؟“ مون پڇيو.
”ڪونج!“ اصغر پنھنجيءَ مسڪراهٽ کي وڌيڪ جواني بخشيندي چيو.
”اڇا!“
”هون! مون کيس پنھنجي واپسيءَ جو اطلاع ڏنو هو. منھنجو استقبال ڪرڻ آئي آهي!
”پوءِ تو مون کي تہ ٻڌايو ئي ڪو نہ هو!“
”ضرورت ڪھڙي هئي“ هاڻي چڱيءَ طرح ڏسينس. نظر نہ هڻجانس!“
”پر هن تہ توکي اڃا تائين ڪو نہ ڏٺو آهي. خبر نہ آهي، ڪنھن سان بيٺي ڳالھائي.“
”خبر ناهي، شايد ڀاءُ هجيس. هن ٻڌايو هو تہ سندس هڪ وڏو ڀاءُ بہ آهي. اهو بہ ڊاڪٽر آهي. هل تہ هلون. هل.“
ڪونج اصغر کي ڏٺو تہ هڪي ٻڪي ٿي وئي. منھن جو پنو لھي ويس. سندس اها حالت ڏسي، اصغر ساڻس منھنجو تعارف ڪرايو. ”ڪونج“ مسڪراهٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، مون سان هٿ ملايو – ڦڪي ۽ بي رنگ مسڪراهٽ. ساعت لاءِ خاموش رهي. آخر ”ڪونج“ زبان کولي. هن پاڻ سان گڏ بيٺل نوجوان ڏانھن اشارو ڪندي چيو: ”هن سان ملو...... منھنجو شوهر، ڊاڪٽر ياسين! اسان جي تازو شادي ٿي آهي. اسين ”هني مون“ لاءِ سئيٽزرلينڊ وڃي رهيا آهيون. هڪ مھيني کان پوءِ واپس ٿينداسين.... چڱو، اصغر، توسان وري ملي بيحد خوشي ٿي...... ۽ توهان سان بہ. چڱو، اسان جو هوائي جھاز پھچي ويو آهي، زندگي رهي تہ وري ملنداسين.“
ڪونج ۽ سندس مڙس، اسان سان هٿ ملائي، روانا ٿي ويا، پر اسان جي قدمن جي اڳتي وڌڻ جي قوت بہ ڄڻ کسي کڻي ويا. گهڙيءَ کن لاءِ اسين بيئي اتي ئي ساڪت ٿيا بيٺا رهياسين. منھنجو ڪنڌ هيٺ هو. اها همت نہ ٿي ٿئي تہ اصغر کي ڏسان. نيٺ، دل جهلي، اصغر جو هٿ پنھنجي هٿ ۾ ورتم، ۽ ان کي ڇڪي اڳتي وڌڻ لڳس. بلڪل خاموشيءَ سان، ايئرپورٽ جي عمارت مان ٻاهر نڪري، اصغر، ڪار – پارڪ ۾ بيٺل سڀني کان پھرينءَ ڪار جو دروازو کولي ان ۾ اندر گهڙڻ لڳو. هو بي خياليءَ جي عالم ۾ هو. مون زور سان چيو، ”هي ڇا پيو ڪرين؟ هيءَ ڪار پنھنجي نہ آهي!“
”هون! تہ تنھنجي ڪار ڪھڙي آهي؟“ هو ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿيو هو.
”مون پنھنجي ڪار نہ آندي آهي. ٽيڪسيءَ ۾ٿا هلون.“
مون هڪ ٽيڪسيءَ کي اشارو ڪندي چيو.
”ڇو؟ ڇو ڪو نہ آندءِ؟“
”بيڪار ٿي وئي آهي، صفا کٽارو، هر وقت خطرو هوندو آهي تہ ڪٿي دوکو نہ ڏئي.“
”اها ساڳئي ڪار اٿئي نہ؟ اها.....“
”ها ها، اها ساڳئي آهي – ”ڪونج“!“
اصغر هڪ گهڙيءَ لاءِ مون کي گهوريو، ۽ پوءِ وڏا وڏا ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳو. بي پايان ۽ مسلسل ٽھڪ. هو ايترو تہ کليو، جو سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. مون کيس کلڻ کان نہ روڪيو ۽ سامان ٽيڪسيءَ ۾ رکائڻ لڳس.
(مھراڻ، 2/ 3 – 1964ع)