ٽِڪري (بشير مورياڻي)
ٽِڪريءَ جو اڌ حصو کليل ميدان هو. ڪٿي ڪٿي پڪين سرن جا گُندڙا ٺھيل هئا، جن ۾ نم جون چڪيون لڳايون پيون هيون – هڪ ڪنڊيءَ جو وڻ هو ۽ ٻيو گدامڙي جو، جن هيٺان کٽون پيون ئي رهنديون هيون.
ٻئي اڌ حصي ۾ هڪ تہ وڏي در واري ڪوٺي هئي، جتي سياري جي راتين ۾ جوئا ٿيندي هئي. انھيءَ ڪوٺيءَ سان لڳ ٻي ننڍڙي ڪوٺي بہ هئي، جتي پاڻيءَ جو نل لڳل هو. هڪ ننڍو باغ بہ هو. هڪ – ٻہ کجيءَ جا ننڍا وڻ، هڪڙي نئين ٻير، ڪجهہ وليون ۽ ٿوري ڇبر – ڏينھن جو اتي جي ڇانوري ۾ جوئا لڳندي هئي. چوڌاري گنب جو لوڙهو ڏنل هو، جنھن جي مٿان ڪنڊا ۽ ٻوڙا ڄمائي رکيا ويا هئا. لوڙهي جي دڳ وارين ٻن ڪنڊن تي سدائين ٻہ پھريدار بيٺا هوندا هئا.
ڏتو ڇٻو کڻي ٽڪريءَ ۾ پھتو. ان وقت سج لھڻ جا سانباها ڪري رهيو هو، ۽ زرد نٻل اس شھر جي اوڀر واري حصي جي گهرن تي پويان پساھہ کڻي رهي هئي. ڏتي ڇٻو موڙي تي رکيو ۽ پنھنجي ويھڻ لاءِ سروٽا ڳولڻ لڳو.
”پر، هي سراٽا روز الائي ڪھڙو....... ٿو کڻي وڃي. روز ٿو ٻاهريون کڻي اچان، ٻئي ڏينھن ڏس تہ ٺهن ئي نہ!“ هو ڀڻ ڀڻ ڪندو رهيو. نيٺ ٻاهران هڪ پڪي سر کڻي آيو ۽ ان تي ويھي ”آ گل ڇڪا“ ۽ ”تري“ جا آواز ٻڌڻ لڳو. هو ڪن خيالن ۾ محو ويٺو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن جوئاريءَ وڏو داءُ پئي کٽيو، تہ واڪو پئي ڪيائين. ڏتي جو ڇرڪ نڪري ٿي ويو. هر داءُ کٽندڙ هن کي وڏي واڪي پئي سڏيو:
”چاچا ڏتا! آني جا ڇولا تہ کڻي آءٌ“
”چاچا ڏتا، ٻين آني کن جا ڇولا ۽ ٻہ ڍٻلان، رس مڙئي سرس آڻجانءِ!“
سج لھندي لھندي ڏتي جو مال کپي ويو. هن خالي ڇٻو اندرئين ڪوٺيءَ رکيو، ۽ سانجهيءَ جي نماز پڙهڻ لاءِ ڀرواريءَ مسجد ڏانھن هليو ويو. ڏتو روزانو نيراني بازار مان ڍٻلون، چڻا ۽ مند آهر پٽاٽا ۽ ڪچالو وٺي ايندو هو. اڌ ڏينھن تائين مال تيار ڪري، منجهند ٿيندي ئي ڇٻو کڻي نڪرندو هو. پھريائين هو ڪن گهٽين ۾ ويندو هو. يا غريب پاڙن ڏانھن. ٻارن ۽ زالن کي چھريون چيزون گهڻو ڪري وڻنديون آهن، تنھن ڪري هو گهر گهر اڳيان هوڪو ڏيندو ويندو هو:
”ڇولا ڍٻل...... گرم ڇولا ڍٻل!“
ٻار ”ڀائي! ڀائي!“ پڪاريندا، پئسا هٿڙن ۾ جهلي، گهرن مان نڪرندا ايندا هئا. ڪن گهرن جي درن کي ڏنل ٽپڙيون لڏڻ لڳنديون هيون ۽ انھن پٺيان چرپر پيدا ٿيندي هئي. ڪانچ جي ڪنگڻين سان جهنجهيل ڪرايون ۽ اڇا هٿ ٻاهر نڪرندا هئا ۽ ڇولا – ڍٻل وٺي جهت اندر ٿي ويندا هئا.
پوياڙيءَ مھل ڏتو تاجوءَ جي ٽِڪريءَ ڏانھن رخ رکندو هو. رهيل کهيل مال اتي نيڪال ڪري، سانجهيءَ جي نماز ڀرواريءَ مسجد ۾ پڙهي گهر ورندو هو. اهو ڏتي جي روزاني زندگيءَ جو معمول هو.
سرءُ جي مند هئي. شام اداس هئي. ڏتو مايوس پئي ڏٺو. ڇٻو ٿورو پريان رکيو هوس ۽ سندس ساڄي پاسي جوئاگرن جو ٽولو خاموش ويٺو هو. جوئا بند هئي. ٻڌڻ ۾ آيس تہ اهو سٽي پوليس انسپيڪٽر جنھن کي ٽڪريءَ طرفان مھيني سر ٻڌي رقم روڪڙ ملندي هئي، بدلي ٿي ويو هو، ۽ جيڪو نئون ماڻھو ان جي جاءِ تي آيو هو. سو سخت هو.
تاجو، ٽڪريءَ جو مالڪ رکي رکي هٿ مھٽي رهيو هو. اڄ نال جو نہ مليو هوس!
هڪڙو جوئاري چوڻ لڳس، ”چاچا تاجل! ڀلا ڇو نہ انھيءَ نئين آفيسر سان ملي ڏسجي.“
”سڀ اڦيسر هڪجھڙا ٿورو ئي هوندا آهن! ڏاڍو سخت ٿو ٻڌجي.“
”جهڪي ويھہ! پئسي اڳيان هر ڪو پاڻي ٿيو پوي. اڄ رات ئي دستي کڻي. الاهي توهار ڪر. ڏس تہ منٽن ۾ ڪم ٿو راس ٿئي نہ!“
ٻئي جوئاريءَ، ٻيانيءَ سان زمين ۾ سوراخ ڪندي، ڪنڌ لوڏ ڪري هن جي تائيد ڪئي.
”هيئن ڪاروبار بند رهي بہ ڪيستائين رهندو؟“
”اها ئي تہ ڳالھہ آهي،“ تاجوءَ چيو ”چڱو رکو مولا تي، رات وٽس وڃبو.“
ان بعد سڀني تيار ٿيل ”ڦل“ مان سوٽا هڻڻ شروع ڪيا.
ڏتو تہ ڪنھن دنيا ئي ٻيءَ ۾ هو. سوچي رهيو هو، ”ورندي سرءُ اچي سھڙي، پر ڀاڻم جو ناسور نہ لٿو!“
هن جو نوجوان ڀاءُ رمضو استگيري جو ڪم ڪندو هو. گذريل سال هڪ ماڙي ٺاهيندي گوءِ اچي هيٺ پئي. هڪ مزور اڦٽ مري ويو. ڪن استن کي ڌڪ لڳا. رمضو بہ انھن مان هڪڙو هو. هن کي سڄي پير ۾ پڪيءَ سر جي هڪ چٿري چڀي وئي. زخم ٿيو، جنھن پوءِ ناسور جي صورت ورتي. علاج ٿيا، شاديءَ لاءِ جيڪي پئسا ڪٺا ڪيا هئائين، خرچ ٿي ويا. ڏتي جي گهر واريءَ جا زيور ۽ نقدي ڊاڪٽرن، حڪيمن ۽ جراحن جي کيسن ۾ هلي وئي، پر رمضو کٽ داخل ئي رهيو. ڏتو پنھنجي مٿي تي ڇٻيءَ سان گڏ ڀاءُ جي بيماريءَ جو غم بہ کڻي، گهٽيءَ گهٽيءَ گهمندو رهيو.
ڏتو ائين ويچارن جي وهڪري ۾ وهي رهيو هو، تہ هن کي ڪجهہ بيزاريءَ جو احساس ٿيو. آخر هو لاچار، ڀاءُ لاءِ ڪري بہ تہ ڪري ڇا! دوائون دعائون سڀ بيڪار ثابت ٿيون هيون. هر هر نماز کان پوءِ ڀاءُ جي صحت لاءِ ٻاڏائي دعائون پنندو هو، پر انھن ڪو اثر نہ ڏيکاريو. ڀاءُ کي پڻ تلقين ڪندو هو تہ ڌڻيءَ در ٻاڏائي. ڀاڻس پھرين تہ هن جو چوڻ ورتو هو، پر جڏهن سچيءَ دل سان گهريل دعائن جو ڪو اثر نہ نڪتو، تہ هو مايوس ٿي پيو ۽ ائين ڪرڻ ڇڏي ڏنائين. هي ان تي ٽوڪيندو هوس، تہ تنگ ٿي چوندو هو: ”انھن دعائن مان نہ ڪجهہ وريو آهي، نہ ورندو. بس هن ايذائن ۽ عذابن ڀريءَ حياتيءَ کان هاڻي جند ڇٽي تہ چڱو!“
”ائين تہ نہ چئہ ......“ ڏتو هن جي ڪاراٽجي ويل چپن تي هٿ رکندو هو. اکين ۾ بي اختيار ڳوڙها اچي ويندا هئس. ڏتو رڳو انھيءَ ڪري غمگين ٿيو نہ ويٺو هو، جو ڀاءُ جي درد جو احساس ٿي رهيو هوس، بلڪہ ان کان بہ وڌيڪ هڪ اهم ڳالھہ هن کي جهوري رهي هئي.
صبح پاڙي مان ڏس مليو هوس تہ هڪڙو نئون ڊاڪٽر شھر ۾ آيو هو. ٻڌڻ ۾ آيس تہ ڦٽن ڦرڙين جي علاج ۾ ماهر هو. سندس هٿ – شفا جو هل بہ هو. ويچارو نيراني ئي وٽس ويو هو ۽ بگي ڀاڙي ڪرائي، ڊاڪٽر کي گهر وٺي ايو. ڊاڪٽر کي تپاسيندو ڏسي، ڏتي جي گهرواريءَ مڙس جي ڪن ۾ ڀڻڪو ڪيو:
”ڏاهو ٿو ڏسجي، منھنجي تہ دل ٿي ٻولي تہ ڀاڻھين کي اهو ڇٽائيندو!“
ڏتي هوريان ڪنڌ – لوڏ ڪئي. ڊاڪٽر، رمضوءَ جو ڦٽ چڪاسيو ۽ ان تان لاٿل شيھي جو ٽڪر پري ڦٽو ڪيائين ۽ پنھنجي بيگ مان ڪپھہ ۽ پٽيون ڪڍي ڦٽ تي ٻڌي ڇڏيائين، ۽ هدايت ڪيائين:
”ڦٽ سان هٿ – چراند نہ ڪئي وڃي.“
ڊاڪٽر اٿيو، تہ ڏتو بگيءَ تائين ساڻ ويس.
”سائين منھنجا .....“
”بابا، ڳالھہ ٻڌ.“ ڊاڪٽر وچ ۾ ڳالھہ ڪٽي چيس، ”ڦٽ ٺيڪ ٿي سگهي ٿو.“
”شل ٻچا جيئنو!“
”ڏوڪڙ خرچ ڪري سگهندين؟“
”سائين، غريب آهيان. پئسو پنجڙ گهر ۾ رکيل ناهي. ڇٻو کڻندو آهيان. مشڪل سان گذر پيو ٿئي.“
چڱو، تو کان ايترا پئسا ڪو نہ وٺبا: پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو رپين جو بندوبست ڪندين، تڏهن ئي اطمينان سان علاج ٿي سگهندو. ڦٽ ڏاڍو خراب ٿي چڪو آهي. ڄنگهہ جي مٿئين حصي تائين پونءِ آهي. پئسن جو انتظام ڪري، ڏينھن – ٻن اندر جواب ڏجانءِ.“
بگي هلي وئي، ۽ ڏتو جتي جو تتي بيٺو رهيو ۽ غم ۾ غوطا کائيندو رهيو – هڪ سئو رپيا تہ هن کي ٻارهين مھيني بہ نہ بچڻا هئا، سي ڏينھن – ٻن ۾ ڪٿان ٿي آڻي سگهيو! هوڏانھن نوجوان ڀاءُ هئس، جيڪو ڏينھون پوءِ ويو ٿي کاڄندو. ذري گهٽ قبر ڪنڌيءَ تي هو. پيءُ جي مئي پڄاڻا هن کيس پُٽڙو ڪري پاليو هو. اولاد بہ ڪو نہ هئس، تنھن ڪري هيڪاري سڄو پيار ڀاءُ تي پٽجي پيو هوس. هن جي جوانيءَ جي موت جي خيال کيس ڪنبائي ٿي ڇڏيو. هو ڀاءُ لاءِ سڀ ڪجهہ ڪرڻ لاءِ تيار هو.
هو انھن ئي ويچارن ۾ تاجوءَ واري ٽڪريءَ ۾ ويٺو هو، تہ سانجهيءَ جي نماز جي ٻانگ جو آواز ڪن تي پيس. اڄ پھريون ڀيرو هن محسوس ڪيو تہ ڄڻ اهو آواز هن کي سڏي ئي نہ رهيو هو. پر عادت کان مجبور، زبردستيءَ اٿي مسجد ڏانھن ويو. نماز ۾ بہ هو بيمار ڀاءُ بابت سوچيندو رهيو. زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو هن نماز پڙهڻ کان پوءِ دعا نہ گهري، ٽڪريءَ مان ڇٻو کڻي گهر جو رخ ڪيائين. در ۾ پير پائيندو ويو، تہ رمضوءَ جي چيچلائڻ جو آواز ڪن پيس. جوڻس ڏير کي ويٺي پکو لوڏيو.
”ڇو......؟“ سوال هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو، ڇٻو هڪ ڪنڊ ۾ رکيائين ۽ زال ڏانھن وڌيو.
”ڇو........؟“
انھيءَ مختصر سوال ۾ هن جي دل جو سمورو درد ۽ اضطراب سميٽجي آيو هو. جوڻس پوتيءَ جي پلوءَ سان اکيون اگهيون، تہ ڏتي پنھنجي سيني مان دل ٻاهر نڪرندي محسوس ڪئي. ڪجهہ ڪڇڻ پڇڻ بنا هو رمضوءَ ڏانھن وڌيو. هن جون اکيون بند هيون، پر سڄي بدن ۾ڏڪڻي هيس. لڱ لڱ ڦڙڪي رهيو هوس.
هن سندس پيشانيءَ تي هٿ رکيو، تہ رمضوءَ پنھنجي ڏڪندڙ هٿ سان ان کي سوگهو جهلڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
”ائين وهلور ڇو ٿو وڃين؟“
ڪو جواب نہ آيو.
”اڳيئي تڪليف اٿس، تون ڳالھرائينس تہ نہ!“
زال جي اها صلاح هن کي آئڙي. پوءِ چوڻ لڳو:
”سڀاڻي کان ڊاڪٽر تنھنجو علاج شروع ڪندو، اد!“
جوڻس ڏتي جي اکين ۾ ارادي جي چمڪ ڏٺي. سڄي رات هو سوچيندو رهيو.
اهو صبح هن جي زندگيءَ جو نئون موڙ هو. هو هڪ اهڙو فيصلو ڪري بستري تان اٿيو، جنھن جو ڪڏهن خواب بہ نہ لڌو هئائين.
”زندگيءَ جي ٽِڪريءَ ۾ منھنجو ڀاءُ جان جي بازي لڳائي چڪو آهي، مان بہ وڃي جوئا جي ٽِڪريءَ ۾ ٿو بخت آزمائي ڪريان!“
هن نھن صاف ڪيو، هڙ ۾ گذريل ڏينھن جي ڪمائي ٻڌي، ۽ هلڻ لڳو.
”اڄ بازار نہ ٿو وڃين ڇا؟“ جوڻس پڇيس.
هن تيز نظرن سان کيس ڏٺو. هوءَ اڳيئي حيران هئي، جو صبح جو نماز پڙهڻ لاءِ پئي اٿاريائينس تہ پاسو ورائي سمھي رهيو هو. هن جي روزاني زندگيءَ جي معمول ۾ ايڏو فرق ڏسي، مائيءَ کڻي ڏندين آڱريون ڏنيون، ماٺ کڻي ڪيائين.
ڏتي پھريائين تہ هاٿيدر جي هڪ سستي هوٽل تان چانھہ جو ڪوپ پيتو، ۽ پوءِ ٽِڪريءَ طرف هليو – جوئارين هن کي ڇٻي کان سواءِ ۽ ڪمھلو ڏسي، جهٽ لاءِ تہ حيراني ظاهر ڪئي، پر پوءِ پنھنجي ڪرت کي لڳي ويا.
تاجو کٽ تي ويٺو هڪڙي سنگيءَ کي ٻڌائي رهيو هو تہ ڪيئن ”اڳينءَ رات نئين صاحب کي خوش ڪري آيو هو. اهو بہ پئي ٻڌايائينس تہ انھيءَ کان ”نال“ رپئي تي آني بدران ڇھہ پئسا ڪيو ويو هو، ڇو تہ نئين صاحب کي ڳچ پئسا ڏيڻا پيا اٿس.
ڏتو هٻڪندي هٻڪندي وڃي جوئاگرن سان ويٺو راند ۾ڏاڍي دلچسپي وٺڻ لڳو. هن ڏڪندي ڏڪندي راند ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت گهري. نازوءَ کلي هڪڙي حريف کي چيو:
”اڙي ڇڏينس تہ ڀل هڪ اڌ داءُ لڳائي ڏسي. اڄ يا تہ هڙ ڪوسي اٿس يا کُٽيءَ کنيو اٿس، تڏهن ڇولن ڍٻلن وڪڻڻ بدران جوئاڪرن آيو آهي!“
ٻئي چيو: ”اسان جو ڇا ٿو وڃي – ڀل داءُ رکي.“
ڏتي پھريان ڪجهہ داوَ هارايا، پر پوءِ تہ سانده کٽندو رهيو. چوندا ڪين آهن تہ ”شل نہ ڪنھن اناڙيءَ کي ڀاڳ لڳي!“ ڏتي جو بخت بہ اچي کليو تاجوءَ وڏي نال ملڻ جي اميد تي هن جي پٺي اچي ٺپري. ڏتو جيتي رهيو هو. پنھنجي آسپاس جي سڌ بہ نہ هئس. هو پنھنجي نوجوانءَ ڀاءُ کي موت جي منھن مان بچائڻ لاءِ جيتي رهيو هو..... ۽ هڪڙو پاڙي وارو هن لاءِ اها خبر کڻي ٽِڪريءَ ڏانھن وڌي رهيو هو تہ رمضو زندگيءَ جي بازي هارائي چڪو هو!
(مھراڻ: 3 – 1956ع)