واچوڙن ۾ لاٽ (حميد سنڌي)
ماءُ جي اٿارڻ تي هو ٽپ ڏئي اٿي ويھي رهيو. کيس ياد آيو تہ اڄ کيس بٽئين تي وڃڻو آهي. هن گهڻن ڏينھن کان پئي نٽايو پر پوءِ خيال ڪيائين تہ سڀ ڪجهہ آخر کيس تي نہ ڪرڻو آهي. رات جو ئي ڪمدار کي چئي ڇڏيو هئائين تہ فجر جو سويل ئي هلبو، جيئن ڏينھن نہ تپي وڃي. تنھن ڪري هو بہ فجر جو ئي در تي گهڙو جهلي بيھي رهيو.
هو جلدي جلدي تيار ٿيو، ماءُ کان چانھہ جو ڪوپ ورتائين، گرھہ ڀڃي وات ۾ وڌائين، مٿان جلدي جلدي چانھہ جو ڪوپ ورتائين. ماڻس کيس ”في امان ﷲ“ چئي ڪم ڪار لڳي وئي. پاڻ حويليءَ جي ڏيڍي ٽپي ٻاهر آيو.
”ڪمدار، سويل ئي اچي وئين-!“
”ڀوتار، سوير وري ڪھڙي آهي، ڪم بہ تہ سنڀاليو، پنج ديرا آهن، پنج ديرا. وري ٻي ترائي واري زمين جي چڪاس بہ تہ هلي ڪيو، ڏسو تہ هيل ڇا ڪرايونس-!“
”چڱو، چڱو هاڻي چڙھہ تہ هلون، وڌيڪ ڳالھيون اتي-“
اختر ۽ ڪمدار وڌي گهوڙي تائين آيا. نوڪر گهوڙا جهلي بيٺو هو. اختر ٽپ ڏئي گهوڙي تي چڙهيو. شھر ۾ گهڻو عرصو رهندي بہ هيءَ سواري ڪا سندس لاءِ نئين ڪا نہ هئي. ها، ايترو سو هو جو گهڻي عرصي کان پوءِ هو گهوڙي جي سواري ڪري رهيو هو. ٻئي ڄڻا آهستي آهستي گهوڙن کي ڇڪيندا ڳوٺ جي ٻاهران آيا ۽ پوءِ کڻي گهوڙن کي ڪچي دڳ تي ڇڏيائون.
اختر، تر جي وڏي زميندار دين محمد جو اڪيلو پٽ هو. پڻس کيس هميشہ شھر ۾ رکيو – وچ، وچ ۾ هو ڳوٺ ايندو هو ۽ زمينون گهمندو هو. پر الاجي ڇو، هو جڏهن بہ ڳوٺن ۾ گهمڻ يا بٽئي تي ويندو هو تہ سندس هانءُ منجهڻ لڳندو هو. پڻس سندس بيزاري ڏسي کيس چرچي وچان چوندو هو، ”منھنجو پٽ زنانو آهي، رڳو گهر ۾ ويھي مکيون ماري ڄاڻي..... بس چووويھہ ڪلاڪ ڪتاب هجنس، ٻيو ڪُل خير-!“
واقعي هو بہ ائين، اختر پنھنجي زندگيءَ کي خشڪ ساٿين يعني ڪتابن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. ڏوڪڙ پئسي جي گهڻائي هئڻ ڪري، چاپلوسي ڪرڻ ۽ کارائڻ وارا ماڻھو، ڪڍ تہ گهڻا هئس پر هو ڪنھن سان ڪو نہ ٺھيو، ٺھيو تہ ڪتابن سان. علم سندس طبيعت ۾ ماٺائي پيدا ڪئي سندس طبيعت نھايت ئي ماٺي ۽ ٿڌي قسم جي هوندي هئي – هو هر ڪنھن ڳالھہ تي ويچارڻ جو اهڙو تہ عادي ٿي ويو جو جيڪا بہ شيءَ ڏسندو هو، ان تي ويچارڻ کان سواءِ رهي نہ سگهندو هو. انھيءَ ڪري هو جڏهن بہ ڳوٺ ايندو هو ۽ ٻنيءَ تي ويندو هو تہ اتي جون حالتون ڏسي، هارين جي ڪسمپرسي، زندگيءَ جون اوڻايون پسي هو مايوس ٿي ويندو هو. ڪي گهڙيون تہ سندس آڏو، هاريءَ جو پٺي لڳل پيٽ، پٺا اگهاڙا، اکين ۾ ويراني، اگهاڙا ٻار ڦاٽل ڪپڙن ۽ مٽي ۾ ڀريل وارن سان، اداس اداس زالون، بک جا جڪ، جهيڙا خون ۽ صدين کان هلندڙ عدالتون، اهي سڀ ڳالھيون ڦرڻ لڳنديون هيون ۽ پاڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انھيءَ ۾ گم هوندو هو.
پڻس بيمار ٿيو، پاڻ يڪدم ڳوٺ هليو آيو. اچڻ سان ڏاڍي ڪوشش ورتائين. ڊاڪٽر سڀ گهرايائين. پر کيس اچ سجهيو ٿي تہ هاڻي سندس يتيمي جا ڏينھن اچي ويا آهن. هو اداس پر خاموش رهيو. پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ڪي ڏينھن هن جي ماءُ جي اداسائي کي ونديو ۽ هو غم ۽ ڏک جي ونڊ ورڇ ڪندو رهيو. جڏهن ڏٺائين تہ وقت سندس ساٿ ڏنو آهي، ونڊڻ لاءِ ڪي يادون باقي آهن، تڏهن هن زمينن ڏانھن ڌيان ڏنو.
کيس ڪڏهن خيال ايندو هو تہ هو انھن اکين جي حسرت ۽ آس ڏسي ڪيئن سگهندو جيڪي کتل هونديون انھن داڻن مٿان، جيڪي هو ميڙي چونڊي پنھنجي حصي ۾ ڪندو ويندو – هو اهي فيصلا ڪيئن ڪندو، جنھن ۾ هڪ هاري ٻئي هاري کي لٺ هڻي ڪڍي هوندي ڇاڪاڻ تہ هن سندس پاڻي جو وارو ڀڳو هوندو، صرف ان ڪري تہ من هو ڪي داڻا وڌيڪ کڻي.
هو سوچيندو هو تہ ائين نہ ٿو ٿي سگهي تہ پاڻ بٽئين تي نہ وڃي. هارين کي جيڪي وڻي سو هو کڻن. باقي منھنجي ضرورت جيترو اَنُ مون کي ڏئي وڃن. ائين نہ ٿو ٿي سگهي تہ هو اوطاق تي ويھي فيصلا نبيري، سڀ ٺھي وڃن، پراڻيون عداوتون ۽ ويڇا سڀ ختم ٿي وڃن- ذري پرزي جي ڳالھہ تان ٿيل جهيڙا، خون اهي سڀ هو هڪٻئي کي معاف ڪري ڇڏين، ڪو ڪنھن کي نہ اهنجائي، بس خاموشي، سانتگي ۽ امن.
اختر هميشہ ائين گهڻو ڪجهہ سوچيندو رهندو هو، زندگي جي هلڻ جا انيڪ ڍنگ، طور ۽ طريقا.
اڄ جڏهن هو گهوڙي تي تيز وڃي رهيو هو، تہ سندس خيال بہ ان کان تيز ڊوڙي رهيا هئا– هو ماٺ ميٺ ۾ زندگي جي مختلف پھلوئن تي ويچاريندو رهيو. هن پھلوئن کي ايترو تہ پروڙيو جو شام ٿي وئي تہ بہ هو ويچارن تي ويچاريندو رهيو. انھن ويچارن جي نتيجي ڪمدار کي حيران ڪري ڇڏيو.
هن بٽئيون نھايت ئي انوکي طريقي سان ڪيون. زمينداري لاپو معاف، ڪمدار کي ٽويو زميندار جي حصي مان نڪري، هاري کي ان جو اڌ پلئہ پئي، ان مان ڪا بہ ڪاٽ نہ ٿئي. صدين جو هارين تي قرض سڀ معاف. ڪمدار نہ ٿي چاهيو تہ صدين جي روايتن کي هو هڪڙي اڇل سان ٽوڙي ڇڏي. هن جي ڀڻڪڻ تي اختر صرف ايترو چيو، ”چاچا، ورهيہ ٿيا، اسان بٽئيون پنھنجي مرضي تي پئي ڪيون آهن، هاڻي ڇڏ تہ ڪي ورهيہ هاري بہ پنھنجي مرضي مان بٽيون ڪن، هو بہ تہ نيٺ انسان آهن...... پورهيت انسان-!“
هن آخر ۾ هڪ وڏو ٿڌو ساھہ ڀريو. ڪمدار کي ائين لڳو تہ هن جو هاڻي ڪڇڻ بيڪار آهي. هاڻي روايتون ئي نيون جنم وٺنديون. ڪمدار شام تائين حيرانگي جي حد تائين پھچي ويو. هن اهڙا فيصلا نہ ڏٺا نہ ٻڌا. جو ٻن ٻولن سان ٻئي ڌريون ٺھي وڃن.
”ابا، ڇا تي جهيڙو آهي-؟“ اختر پڇيو.
”سائين، خيروءَ سعيو ڪري پنھنجو مال منھنجي ٻنيءَ ۾ ڇڏيو. مون کيس چيو، جنھن تان مون کي گاريون ڏنائين. مون ورائي گار ڏني مانس، تہ مون تي ڪھاڙي کڻي آيو، جي چار چڱا وچ ۾ نہ پون ها تہ مون کي جيڪر ماري وجهي“ هڪ هاريءَ چيو.
”خيرو تون چئہ بابا-!“
”سائين، نسورو ڪوڙ-!“
”ڏس، تون تہ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھائين-!“
”سائين، نہ – هن مون کي گهڻيون گاريون ڏنيون -!“
”مان رڳو پڇان ٿو تہ تو ڪھاڙي کنئي يا نہ -!“
”ها سائين، پر هن سائين مون کي گهڻيون گاريون.....“
”ٻئي چٽ آهيو. گارين تي ٿا ڪھاڙيون کڻو. چڱو ٻيلي خيرو، تون ڏي مون کي گار، ڏس مان ڪھاڙي کڻان ٿو – ڏي جيڪا وڻئي – گهڻيون گاريون ئي ڏي – ڏي نہ -!“
خيرو ماٺ ڪري ڪنڌ جهڪائي بيٺو رهيو. ٿوري دير کان پوءِ وڌي آيو – ”بابو آهين خطا ٿي وئي، بخش ڪر-“
”چڱو ٻئي پرچي وڃو – ڏسان جيئن منھنجا هاري وري نہ وڙهن-!“
ڪمدار اهڙا ٻہ ٽي فيصلا ٻڌا، جن ۾ پرچاءُ سڪ، محبت ۽ پيار کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ هو. نڪي هيون زمينداري گاريون، فرياديءَ کي بہ تہ ڏوهاريءَ کي بہ. نڪي هئا زمينداري مار موچڙا، هو بنھہ ويچار ۾ پئجي ويو. هاري حيران، ڄڻ کين يقين نہ ٿي آيو. ڪمدار ويتر حيران ٿي ويو، جڏهن ڏٺائين تہ هڪ ڍيري تي اختر هارين سان گڏجي ويھي مان کاڌي، ڏڌ جي هڪ وٽي مان سڀني ٿي ڍڪ ڀريا. هاري ڍڳا پئي، پر اختر جي قربائتي ڪچھري کين نھال ڪري ڇڏيو. شام تائين هن پنجن ئي ديرن جي بٽئي ڪري ورتي. هارين جا ٻہ – ٽي فيصلا ڪيا. باقي رهيل هئس ترائيءَ واري زمين، سو سج لھڻ ۾ اڃا ڪلاڪ ڏيڍ هو تہ هو اتان بہ چڪر هڻي آيو. هاڻي سندس رخ سڌو ڳوٺ ڏي ويندڙ رستي ڏانھن هو. زمين جي ٻنن تان، پيچر ۽ گسن تان هو گهوڙي کي تيز ڊوڙائي رهيو هو. ڪمدار پٺيان هئس. رکي رکي ٿي رستي جو اهڃاڻ ڏنائينس. اڄ سڄي ڏينھن جي مصروفيت اختر کي بجاءِ ٿڪ جي فرحت ڏني هئي. هو خوش خوش، ڀٽائيءَ جي بيتن کي جهونگاريندي ٿي هليو.
ڄانڪ ڪمدار گهوڙو ڊوڙائي آڏو آيس.
”سائين، ايڏانھن نہ هيڏانھن-!“
”ايڏانھن وري ڪاڏي، هو رستو ڏسين نہ ٿو تہ سامھون آهي، هيءَ زمين لتاڙي انھن سامھون وارن گهرڙن وٽان لنگهي سڌا رستي تي هلي پونداسين-“
”پر، سائين – اهي زمينون پرايون آهن-!“
هينئر وري ڪھڙين پنھنجين زمينن ۾ بيٺا آهيون – پر هن زمين ڪو فصل بہ تہ ڪونھي جو زيان ٿيندو، ماٺ ڪري هلي آ –“
”سائين، گستاخي معاف، ايڏانھن بنھہ ناهي هلڻو، انھن سان اسان جي پراڻي دشمني آهي – اسان سان وڙهندي دير ئي نہ ڪندا. هو ڏسو، ٻہ ٽي هاري گهرن ڏي ڊڪ پيا وڃن، شايد ٻين کي اطلاع ڏين. اسين بنھہ سندن ٻنيءَ تي بيٺا آهيون، اچو، هيڏانھن ڦري......“
ڪمدار اسان هلنداسون تہ هيڏانھن-“
ائين چئي هن گهوڙي کي اڙي هنئي، گهوڙو ٻنو ٽپي زمين لتاڙڻ لڳو. ڪمدار رڙيون ڪندو رهيو. پر اختر ڪافي اڳتي وڌي چڪو هو. لاچار ڪمدار بہ گهوڙو وڌايو ۽ اچي اختر سان مليو. اختر بي پرواھہ ٿي وڌي رهيو هو، پر ڪمدار جورنگ ويو ٿي ڦرندو، تان جو هو انھن گهرن وٽا پھتا. مَنھن ۽ اوڏڪي ڀتين جا ٺھيل گهرڙا، اختر جون الاجي ڇو نگاهون گهرڙن ۾ کتل هيون. هو گهرن وٽان ڦيرو ڏئي لنگهيائي مس تہ سامھون ڇھہ – ست جانٺا جوان دڳ جهلي بيھي رهيا.
”اڄ نہ ويندين ڪمدار-!“
تون بہ نہ ويندين رئيس -!“
اختر پھريائين تہ وائڙو ٿي ويو، پر پوءِ پاڻ سنڀالي هيٺ لھي پيو. ڪمدار جو منھن لٿل هو، هر هر هن خشڪ چپن تي زبان پئي ڦيري.
”ڇا ڳالھہ آهي-؟“ اختر آهستگي سان پڇيو.
”ڳالھہ کي پڇي ڇا ڪندين رئيس- بس ايتري سو ڄاڻ هجئي تہ، خونن جا بدلا آهن- پر پھريائين ڪمدار سان صفائي ڪجي-!“ هڪ نوجوان اڳتي وڌندي چيو.
”ها، ڪمدار، ڏي خبر، ڪيئن واٽ ڀلجي پئين. اسان جا ماڻھو تہ ڄاڻ ڏئي ٿي زمين مان لنگهيا، تہ بنھہ خون ٿي ويا. اڄ جو تون بنا ڄاڻ جي لنگهيو آهين.... هاڻي، تو سان ڇا ڪجي-؟“
”بخ ....... ش ........ ڻ ..... رئيس...... ضد ڪيو....... نہ تہ ............ توکي خبر آ ...... جڏهن کان اسان مڙساڻو وعدو ڪيو تہ، نہ توهان اسان جي ٻنيءَ مان لنگهدئو، نہ وري....... اسين....... تہ پوءِ تون پاڻ امين ٿي. ورهيہ ٿي ويو آهي...... اسين ڪو لنگهيا آهيون........ اڄ، رئيس......!“
”اڄ رئيس ضد ڪيو. ادي غلام محمد ۽ ٻين کي اڦٽ، مارائي ڇڏيئہ، چئہ تہ اهو بہ رئيس جو ضد هو – ما کي خبر آ تہ، تو ڇو ادي غلام محمد کي مارايو، صرف انھيءَ ڪري جو هن توهان جو هاري ٿيڻ پسند نہ ڪيو. ڇاڪاڻ تہ سندس ڄاڻ هئي تہ ڪمدار ۽ رئيس جي نيت سندس مڱ اڳ ئي خراب هئي-!“
”بخشا، ڪھڙا زنانا ڏوراپا ويٺو ڏين، هڻ ڌڪ، لاھہ سري، تہ ڪو اندر ٺري .....!“ ٻئي ڳڀروءَ بخشڻ کي هڪل ڏيندي چيو.
”اچيئي ٿو، ڪمدار...... سنڀالجانءِ!“
بخشڻ ڪھاڙي اڀي ڪئي ۽ ڪمدار مٿان اولر ڪئي، اختر يڪدم وڌي آيو، ”متان، جوان، متان -!“
”رئيس، متان متان، ٻين کي ڪر، اسين توکي بہ ڪونہ ڇڏينداسين. متان ڪو ٻيو خيال ڀانئين. جي تنھنجي مرضي ڪمدار کان اڳ مرڻ جي آهي تہ پوءِ جيءُ بسم ﷲ -!“ ائين چئي بخشڻ، اختر مٿان ڪھاڙي اڀي ڪئي. ڪمدار اچي پيرن ۾ چنبڙيس.
”اڙي بخشا، هن معصوم تنھنجو ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آهي، جنھن اڃا ونيءَ جو بہ منھن نہ ڏٺو آهي.... تنھنجو ڏوھہ مون ڪيو آهي، - مون کي مار. ...... مون کي مار، بخشا ..... مون کي .......رئيس کي ڇڏ تہ هو وڃي -!“
ڪمدار جي ليلائڻ، روئڻ ۽ ڳالھين کي ٻڌي بخشڻ ڪي گهڙيون تہ ڍرو ٿي ويو. اچانڪ ڀر واري لوڙهي مان هڪ ننڍي نيٽي نينگر، نھايت ئي تيزيءَ مان نڪري، ڪمدار مٿان اچي بيھي رهي.
”ڪمدار، زالن، وانگر روئڻ هينئر ياد آيو اٿئي. انھيءَ مھل ڳوڙها ڪٿي هيئيه، جنھن مھل منھنجو گهوٽ، ڪونڌر، تنھنجي سامھون هو ۽ تنھنجي ڪھاڙي مٿس اڀي هئي. انھيءَ ونيءَ جو خيال ئي نہ آيئہ، هن جي معصوميت ئي ڪا نہ ڏٺئہ، هينئر ٿي رئيس ننڍي جي ونيءَ ۽ معصوميت ياد پويئي- ادا، بخشڻ .... ويچار ڪھڙي ۾ آهين. – اهڙين ڳالھين تي ويچار ڪبا..... حالي تہ بدلا ٿين، پوءِ پيا ڳن ڏينداسين.!“
نينگري تيز نگاهن سان بخشڻ ڏانھن نھاريو. اچانڪ اختر وڌي ڏانھنس آيو ”مان ..... مان .... سمجهي نہ سگهيو آهيان.... آخر ڳالھہ ڇا آهي.... ماريو تہ ٿا پر ٻڌايو تہ سھي قصور ڪھڙو، ڪو ڏوھہ، ڪو گناھہ..... آخر ڳالھہ جو ڪو منڍ ڪا پڇاڙي. ..... ڪجهہ مان بہ تہ سمجهان.....“
”رئيس، تنھنجي بابي، رئيس وڏي ئي ڪڏهن ڪنھن کي، ڪنھن جو ڏوھہ يا گناھہ، ڪنھن ڳالھہ جو منڍ يا پڇاڙي نہ ڏسي، سو تون پڇي ڇا ڪندين..... پر بيھہ، ڀلي تون راضي ٿي.... ڪمدار، رئيس کي ٻڌاءِ تہ قصو ڇا هو..... سڄي سربستي ڳالھہ ٻڌائينس..... ٻڌاءِ.....!“
نينگري ڏاڍي تيز پئي ڏٺي. سندس منھن ڳاڙهو هو. وار منھن ۾ پي پيس، جن کي هر هر هٿ سان مٿي ڪري پئي ڳالھايائين. ڪمدار ماٺ بيٺو رهيو.
”رئيس، ڏوهي ڪيئن ٻڌايندو تہ مون ڏوھہ ڪيو آهي – مان ٿي هن جو ڏوھہ ٻڌايانءِ“
”زينا، تون ڇڏ ڊيگهہ کي، هل گهر، پاڻھي ملائڪ کين ڏوھہ ثواب ٻڌائيندا.“ هڪ پوڙهي ڇوڪريءَ کي پڪاريندي چيو.
”نہ بابا، مان گهر نہ وينديس...... ظلم مون سان ٿيو آهي..... گهوٽ منھنجو ڪٺو آهي..... مان کين مرندو بہ نہ ڏسان..... اندر جو سور بہ نہ سليان.....“ ڇوڪريءَ جي شوخي ۽ تيزي گهٽجڻ لڳي. پر وري هوءَ ڪجهہ هوش ۾ اچي ساڳئي وقار ۽ رعب سان ڳالھائڻ لڳي.
”رئيس اهو منھنجو بابو اٿيئي، هيءُ چار سندس ڀائر آهن. هيءَ زمين جو ٽڪر مڙني ڀائرن جي موروثي ملڪيت آهي. اسان نہ رئيس کي ڏٺو، نہ ورتو پر ڪمدار جي ڪا نظر مون تي پئجي وئي. آيو بابي وٽ، رئيس، سوچ تہ سھين ڪاڏي ڪمدار، ڪاڏي مان، بابي انڪار ڪيس. تنھن تي ويو رئيس وڏي ڏي، ان کي آڻي مون مٿان بيھاريائين. مان ٻنيءَ ۾ گاھہ پئي لڻيو. مون تي نظر وجهي تنھنجو بابو رئيس وڏو، آيو منھنجي بابي وٽ، چيائينس ڪمدار کي سڱ ڏي. بابي پھريائين انڪار ڪيس پر پوءِ اهڙو تہ زور وڌائينس، ڪي ڌمڪيون ڪا لالچ، نيٺ بابي مڃيو.... اڃا شاديءَ ۾ ڪي ڏينھن هئا تہ منھنجو گهوٽ جو رئيس جو هاري هو......!“
اختر، جو ڌيان سان ڳالھہ ٻڌي رهيو هو، منجهي پيو.
”تنھنجو گهوٽ......؟“
ڇوڪري ڪجهہ ڇڪجي وئي. ان سان گڏ ڪي ڏک جون ريکائون سندس وڻندڙ چھري تي ڦھلجي ويون..... بخشڻ جو ڪھاڙي جي ٽيڪ تي بيٺو هو، تنھن وراڻيس:
”ادي غلام محمد جي هيءَ گهرواري آهي.“
”هون.......“ اختر ساڻ وراڻيس.
ٿوري دير سانت کانپوءِ ڇوڪريءَ آهستي چوڻ شروع ڪيو.
”انھي کي جو خبر پئي تہ رئيس جي نيت بري آهي. مان ٿيان سان ڪمدار جي زال ها پر......“ هوءَ ڪجهہ هٽڪي بيھي رهي.
”رئيس، ڳالھين هڻي جوش ڍرا ڪري وڌا آهن، خير ..... مان ٿو توکي سربستي ڳالھہ ٻڌايان......“ ڇوڪريءَ جي پيءُ اڳتي وڌي چيو.
”غلامون آيو مون وٽ مون کي رئيس ۽ ڪمدار جي دغا کان واقف ڪيائين. مون يڪدم ڪمدار کي انڪار ڪيو.... ڪمدار کي بہ خبر پئجي وئي.... اچي لڳا غلامو جي ڪڍ. غلامو سر بچائي آيو اسان وٽ، اسان کيس پناھہ ڏني – ڳالھين کي ڪجهہ ڏينھن ٿيا، ڳالھہ لئہ مٽي ٿي وئي. غلامو اسان سان گڏ ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ لڳو. رئيس کيس هڪ ٻہ دفعا گهرايو ۽ کيس واپس اچڻ لاءِ چيو. منھن تي نالي خاطر ڪمدار کي بہ دٻايو.
غلامو جي سٺي هلت چلت مون کي موهيو..... سندس گهر تي زينا کيس ڏيڻي ڪئي....... شادي تي ڪمدار بہ آيو هو، ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادي ٿي. شاديءَ جي ٻئي ڏينھن جي ڳالھہ آهي: ڪجهہ سامان پيو کٽي، سو غلامو ڀرواري ڳوٺ ڦليجن مان سامان ويو وٺڻ. موٽندي رئيس وڏي جي زمينن مان ئي لنگهيو تہ چار جوان ڦري آيس، کڻي ٻڌايائونس. چي ڦٽيون ٿي چورايائين.- سائين توهان ئي انصاف ڪيو، ڏينھن ڏٺي جي ديري ۾ پنجن ڇھن ماڻھن جي حاضريءَ ۾ ڪھڙي مائي جي لال کي همت ٿيندي جو چوري ڪري – پر سائين، ڏاڍي جي لٺ کي ٻہ مٿا. وٺ ٿي وئي. غلامو ويچاري کي في الحال تہ اڌ مئو ڪري ڇڏيائون – غلامو جي پٺيان بہ همراھہ اسان جي ڳوٺ جا جيڪي اسان جا عزيز هئا، پئي آيا. جڏهن انھن وٺ وٺان ڏٺي تہ ڊڪي اچي ڀر جهليائون. انھن ماڻھن کي چيائون جن ورنديءَ ۾ کين ٿڦون هنيون، تنھن تي هو بہ مڇرجي پيا. هڻي ٻن ٽن کي في الحال تہ لٺين مڪن سان دسي وڌائون، پر هو تہ تمام گهڻا هئا. بس سڏ تي پنج ڇھہ ڄڻا ٻيا اچي لٿا، جن ۾ ڪمدار بہ شامل هو.
اختر ڪمدار ڏي نھاريو. هن جو ڪنڌ هيٺ هو.
”سائين پوءِ تہ لٺ جي ڌڪ ڌڪان هئي، همراھہ ڌڪجي پيا. پيو جو غلامو، اهو بہ پاڻ ڇڏائي اچي وچ ۾ پيو، تنھن تي ڪمدار تڪي وٺي جو ڪھاڙي اڇلي تہ غلامو جو ساھہ، تو ڏٺو نہ مون ڏٺو..... اهي ٻہ همراھہ تہ پوءِ بچي پيا – اڙي پيرا، جانو ۽ ولو آهن اتي؟“
”نہ چاچا، شھر ويل آهن!“ هڪ نوجوان وراڻيو.
”سائين، اهي جوان ڪونھن، نہ تہ سڄي حقيقت تو سان ڪن ها. هاڻي ٻڌاءِ ڀوتار، اسين بدلو وٺڻ ۾ صحيح آهيون يا غلط – وري ظلم تہ اهو جو همراھہ اسان جا مارجن ۽ پوليس بہ اسان تي چڙهي آئي. چي، توهان ئي همراھہ هنن جي ديري تي موڪلي، ڦٽيون ٿي کڻايون- ڏيو سائين منھن...... بس سائين پوءِ تہ ڪيس ڀوڳياسين، مسين مسين جان ڇٽي. ڪونڌر بہ ڪسايوسين، عزت ۽ مان بہ وڃايوسين، باقي اسان وٽ رهيو ڇا؟ سائين، بس ..... هن نينگر کي ڏسندو آهيان، غلاموءَ جي شڪل اکين اڳيان ڦري ايندي اٿم ۽ پوءِ روئي ويھندو آهيان – باھہ آ، جنھن ۾ پچان پيو.....“ پوڙهي جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، هو وڌيڪ ڳالھائي نہ سگهيو. غلامو جي مرڻ جي واقعي دهرائڻ ڪري سڀ اداس ٿي ويا هئا.
نينگر جي ڳلن تي بوندون ٿي چمڪيون. هن جون اکڙيون هيٺ هيون. اداس چھري تي هن الاجي ڇا وڇائي ڇڏيو هو، جو اختر جي اکين ان کي اهڙو سمجهي ورتو، جو هو ڏڪي اٿيو ۽ هن پٺي ورائي ڇڏي.
”چاچا، هاڻي ڳالھيون ٿي ويون، اسين بدلو وٺنداسين، ائين کيس ڪو نہ ڇڏينداسين!“ هڪ نوجوان آواز کي اڀاريندي چيو.
اتي سڀ همراھہ سجاڳ ٿي ويا، هڪ نوجوان وٺندي ئي ڪمدار کي زمين تي سٽيو، ٻيو اختر ڏانھن وڌيو.
”ترسو -!“ اختر جو آواز جهڪو هو.
”مان توهان کي بدلي وٺڻ کان ڪو نہ ٿو روڪيان، توهان ڀلي بدلو وٺو، پر اهڙو بدلو وٺو، جو توهان جو ڳاٽ اوچو رهي، توهان اسان کي ماريندئو، اسان جا ماڻھو اوهان کي ڇڏي ڪونہ ڏيندا، - وري توهان انھن جا همراھہ ماريندئو. انھن جو تعداد وڌندو رهندو، يتيم ٻارن جو تعداد وڌندو رهندو. بس ٻيو تہ ڪجهہ ڪو نہ ٿيندو، اهي يتيم معصوم ٻار، اهي بيواھہ زالون، ائين چڙي چڙي روئندي روئندي هنن سان وڃي ملندا، اهو بہ ڪو جيئڻ چئبو؟“
”رئيس اها تقرير ٻئي جھان ۾ ڪجانءِ.“ هڪ نوجوان خار مان چيو.
”مون وٽ هڪ اهڙو رستو آهي، جنھن سان توهان بدلو وٺي سگهو ٿا، جي قبول ڪيو تہ مان چوان -!“
سڀني جي چھرن تي ڪنھن بہ قسم جي دلچسپي جي لھر نہ ڊوڙي، بس هو بدلي لاءِ آتا هئا.
جيئن تہ هينئر غلام محمد موٽي نہ ٿو سگهي، نہ وري اسان کي مارڻ مان ئي هو جيئرو ٿي سگهي ٿو، مان چاهيان ٿو تہ اسين کير کنڊ ٿي وڃون!“
”اها اڻٿيڻي آهي!“ ڪيئي آواز آيا.
”مان ان لاءِ قرباني ڪريان ٿو، مان غلام محمد ٿيڻ لاءِ تيار آهيان..... نئون غلام محمد، هن ونيءَ جو گهوٽ!“ چوڌاري سانت ڇانئجي وئي. نينگر جو منھن ڳاڙهو ٿي ويو. هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري ميڙ مان نڪري وئي.
”رئيس...... تون اها اسان کي گار تہ نہ ٿو ڏين!“ بخشڻ جو آواز گونجيو.
”بخشڻ، مان اهڙو نيچ نہ آهيان“
”اهو دولاب آهي، پاڻ کي رئيس بچائڻ ٿو چاهي.“
”پر بہ اسين نينگر جو هٿ، نينگر جي مڙس جي خوني جي پٽ جي هٿ ڏيون، اها اڻٿيڻي.“ هڪ پوڙهي ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.
”مان چاچا، نينگر جي پيءُ کي چوندس تہ هو سوچي. توهان سڀ گهرن ۾ خوش ويٺا آهيو، ڌيءَ جا ڳوڙها تہ هو ٿو ڏسي، بار تہ هن مٿان آهي. مان صرف ان ڪري انھيءَ ڳالھہ تي ٿو زور ڏيان تہ من منھنجي ابي جي ڪيل ظلمن کان پوءِ، وڌيڪ خوشيون ملڻ تي توهان جا زخم ڀرجي وڃن ۽ پوءِ اهي سڀ ويڇا ختم ٿي وڃن، جيڪي جيڪر صدين تائين هلندا رهندا. ٻيو تہ چاچا، هيءُ بدلو ئي تہ آهي، چماٽ ئي تہ آهي اسان جي وڏن لاءِ.“ اختر ائين چوندي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.
”رئيس- تو اهڙي ڳالھہ ڪئي آهي- جو بس دکيل رڳ تي هٿ رکيو اٿئي.... تو ڳالھہ اهڙي نموني ڪئي آهي جو اسان کي ويچار ۾ وجهي ڇڏيو اٿئي– نہ تہ ايمان سئون اها ڳالھہ ڪري ڪير هتان بچي وڃي نہ ٿو سگهي.“ ڇوڪريءَ جي پيءُ جو لھجو تيز ٿي ويو ۽ سندس ڳاڙهين اکين کي ڏسي ڪمدار ڇرڪي ويو. هو وڌي اختر ڏانھن آيو ۽ آهستي چوڻ لڳس:
”رئيس، ٻاراڻي نہ ڪر – اها ڳالھہ نڀائڻ ڏاڍي ڏکي ڳالھہ آهي – ماٺ ميٺ ۾ معافي وٺي هل، هو تو کي ڪجهہ –“
تون ماٺ ڪر ڪمدار – تنھنجي انھن ڳالھين تہ هيءُ جهيڙا وڌايا آهن-“ اختر ڪمدار کي چنڀيندي چيو.
”چاچا، سوچڻ مھل ياد رک تہ هيءُ بہ تنھنجو بدلو آهي منھنجي بابي کان، منھنجي خاندان کان – هن ۾ رڳو اهو فرق آهي تہ هن بدلي ۾ رت جي ڳاڙهاڻ آهي ۽ هن بدلي ۾ ..... مينديءَ جي ڳاڙهاڻ“ اختر مشڪي ويٺو.
هن مجموعي ڏانھن ڏٺو، ات بہ هڪ قسم جي سوچ ۽ مشڪ ڇايا ڪيو بيٺي هئي. اختر آهستي سان وڌيو، بخشڻ جي ويجهو اچي کانئس آهستي سان ڪھاڙي ڇڏائي، زمين تي ڦٽي ڪري، کيس وڏو ڀاڪر پاتائين.
ان ۾ الائجي ڇا ڪجهہ نہ سمايل هو. پوءِ هن سڀني جون ڪھاڙيون ڦٽي ڪيون ۽ سڀني کان ڀاڪر پائيندو ويو. هن سڀني جي چھرن کي ڏٺو، ات ڳاڙهاڻ بجاءِ هڪ ٿڌي مٺي روشني ڇانيل هئي. هن آسمان ڏانھن نھاريو، ات لھندڙ سج جي ڳاڙهاڻ ختم ٿي چڪي هئي. اڇاڻ واري هلڪي روشني ڇانيل هئي، هن کي ائين لڳو ڄڻ صبح ڪاذب آهي.
هو ونيءَ کي انھيءَ رات ئي نڪاح کان پوءِ وٺي ويو- گهوڙي تي کيس ڀاڪر ۾ ڀري چاڙهڻ مھل هو هڪ قسم جي خوشبوءَ ۾ ويڙهجي ويو. هن سڃاتي تہ اها مينديءَ جي خوشبوءِ هئي، صدين کان انساني ميلاپ جي شاهد – جنھن جي لالي، قرب، مٺ ۽ محبت جو پيام ڏيندي آهي.
(مھراڻ، 3 – 1962ع)