ڍونگ (رشيد آخوند)
صحن ۾ اچي هن قميص کي سڪائن لاءِ رسيءَ تي ٽنگيو، ۽ نحيف آواز سان جمالي کي سڏ ڪيو. جمالي اڃا ماني نہ کاڌي هئي، پر هو گهر ۾ ڪو نہ هو. ماڻس پڪ ڄاتو تہ گهٽيءَ ۾ راند ڪرڻ ويو هوندو. جمالي جو گهٽيءَ ۾ وڃي ٻين ڇوڪرن سان راند ڪرڻ، هن جي پريشانين جي ويتر وڌڻ جو باعث ٿي بڻيو. جمالو اڃا ڇھن سالن جو ٻار هو، جنھن کي وڏا ڇوڪرا، جڏهن بہ منھن سامھون پيا، ستائيندا رهندا هئا. ڪڏهن چھنڊڙين پائڻ ۽ ڪڏهن ڪا شيءِ ڦري وٺڻ ۾ هنن کي رونشو ٿي لڳندو هو. جڏهن هو روئي ماءُ کي اچي دانھون ڏيندو هو، تہ هوءَ ويچاري ڪجهہ ڪري نہ سگهندي هئي. هن جي پاڙي وارن کي پرواھہ نہ هئي - رن زال جا هئي، جنھن جو ٻيو ڪو والي وارث جو نہ هو. جمالي جي وهيءَ جا ٻار کيس ماريندا هئا، ۽ جيڪڏهن هن بہ ڪنھن کي ورائي ڌڪ هنيو، تہ پوءِ هنن جون مائون نہ فقط جمالي جا ڳل چماٽن سان ڳاڙها ڪنديون هيون، پر ماڻس کي بہ مھڻا ۽ ڇڙٻون ڏينديون هيون. انھن ڇڙٻن ۽ مھڻن جي جواب ۾ جمالي جي ماءُ وٽ هڪڙي خاموشي هئي..... ۽ لاچار سور سھيو مڙيو ئي وقت پئي ٽاريندي هئي.
جمالي کي گهر ۾ نہ ڏسي، هوءَ دروازي وٽ آئي. ٻاهر گهٽي سڄي گپ سان ڀري پئي هئي. گهرن جي اڳيان جيڪي گندي پاڻي جا حوض هئا، تن مان پاڻي اٿل کائي رستي تي وهڻ لڳو هو. ڇوڪرن اهڙي ڪني ماحول ۾ راند ڪئي پئي. انھن ۾ جمالو بہ هو. جڏهن ماڻس در تي اچي هن کي ڪوٺيو، تڏهن هن راند نہ ٿي ڪئي، پر هڪڙي ڇوڪري سان جنگ جوٽڻ جي تياري پئي ڪيائين. ڇوڪري چيس پئي:
”هل هل ...... آءٌ توکي راند نہ ڪرائيندس، اٽي ڏڪر تہ منھنجو آهي....!،
”پوءِ تون هن خميسي کي ڇو ٿو راند ڪرائين؟“
”منھنجي مرضي...... خميسو مون کي کٽمٺڙا کارائيندو آهي“،
”تو کان اڌ بسڪوٽ گهريو. تو ڪو مون کي ڏنو! پوءِ آءٌ تو کي راند ڇو ڪرايان؟“
”۽ ٻَچوُ، اڄ اسين هڪڙي هنڌ شربت پيئڻ وينداسين. توکي نہ وٺي هلنداسين... ڪيئن حميد؟“ خميسي خوش ٿيندي اِٽي ڏڪر جي مالڪ ڏانھن نھاريو. هن خميسي جي حامي ڀري. پوءِ ٻئي شرير نظرن سان جمالي کي ڏسڻ لڳا.
”هونھہ ...... نہ وٺي هلو تہ نہ وٺي هلو. مون کي جھڙي خبر نہ آهي. امان ٻڌايو هو تہ اڄ سيٺ هاشم امامن جو شربت ڪيو آهي!“ جمالي مُرڪيو ۽ هو ٻئي شرمائجي ويا. پر جمالي جي مرڪ گهڻيءَ دير تائين قائم رهي نہ سگهي. هڪڙي وڏي ڇوڪري جمالي کي ٻڌي چيو:
”ها ڙي ڇورا، ماڻھين ڪيئن نہ ٻڌائيندي توکي. هن کي سڄي جھان جون خبرون آهن. سڄو ڏينھن ماڻھن جي گهرن کي لوسيندي آهي.....!“ جمالي کي خار تہ گهڻي آئي، پر مخالف کانئس عمر ۾ گهڻو وڏو هو، تنھن ڪري دل ٺارڻ ڪاڻ هن چپن ئي چپن ۾ هڪڙي ڳري گار وڏي ڇوڪري کي ڏيئي ڪڍي.
”جمالا، آءٌ تو کي چوان ٿو..... اسان جي راند مان هٽي وڃ!“ حميد کي ڪاوڙ اچڻ لڳي.
”نٿو هٽان..... تون ڇا ڪندين؟“ جمالو ضد تي هو. حميد ڏڪر کنيو. جمالو بہ سنڀري بيٺو. پر ان وچ ۾ جمالي کي ماڻس اچي سڏ ڪيو ۽ معاملو اتي ئي رهجي ويو. جمالو، ٻرندڙ نگاهن سان حميد کي ڏسندو، گهر ۾ گهڙي ويو.
گهٽيءَ ۾ ميونسپالٽيءَ جي بتين ٻرڻ ۾ اڃا ڪجهہ دير هئي. هوءَ ٻنپھرن کان جيئن جمالي کي امامن جا مور کارائي ليٽي هئي، تيئن شام تائين پئي رهي. سخت تپ اچي وڪوڙيو هئس ۽ کنگهہ بہ زور وٺي وئي هيس. هن ۾ ايتري طاقت نہ هئي، جو ڪنبل پاسيرو ڪري جمالي کي اٿي ڏسي، جيڪو وري خبر نہ ڪيڏانھن گم ٿي ويو هو. تنھن کان سواءِ اڄ سندس ستا سور بہ جاڳي اٿيا هئا. هن گهڻي ڪوشش ڪئي ٿي تہ نااميدين ۽ حسرتن جي هيٺ دٻيل، خشڪ ۽ ويران زندگيءَ مان چند سڪون جا لمحا، چند خوشيءَ جا بھانا يا ڪي خود فريب ڳالھيون سوچي، پر هر نئين ڪوشش هن جي ذهن جي آڏو تصوير جو فقط هڪ رخ آندو ٿي، جنھن ۾ ساڳين ئي نااميدين، حسرت ۽ غمن جي جهلڪ هئي. خوشيءَ جو رڳو هڪ اڻ لکو احساس وڃي سندس طبعيت کي غم – پسند بڻائي ڇڏيو هو.
هن کي شاديءَ جي پھرين رات ياد آئي، جڏهن هن جي نس نس مان خوشيءَ جو رس ڦٽيو ٿي. ان خوشيءَ ۾ هڪ عجيب بيچيني هئي – هڪ دٻيل دٻيل خوف هو. پر هاڻي ان خوشيءَ جي يادگيري بہ غم ۾ ٻڏي چڪي هئي.
۽ هن کي اهو ڏينھن بہ ياد آيو، جڏهن هن جمالي جي پيءُ جو ڪفن مان نڪتل بيجان چھرو ڏٺو هو. ڪافور جي بوءِ چوطرف ڦھليل هئي. ان ڏينھن هن، ڪيترو نہ رنو هو! ڏئي جي لاٽ تہ وسامي چڪي هئي، پر ڏيئي جي منھن مان نڪرندڙ ميري دونھين کيس رئاريو پئي – جيڪو آخر خلا ۾ جذب ٿي وڃڻو هو.
پر اڄ هن کي ان دل- ڏاريندڙ منظر رئاريو نہ ٿي. هوءَ غم سان هري ويئي هئي ۽ جڏهن ماڻھو غم سان هري ويندو آهي تہ غم جي شدت بہ گهٽ ٿي ويندي آهي. هن گويا جمالي کان بہ وڌيڪ، غم کي پنھنجي حيات جو سرمايو سمجهيو هو. هن کي پڪ هئي تہ هوءَ جمالي جون خوشيون ڏسي نہ سگهندي. ان کان اڳ مري ويندي. اهو احساس سندس دل ۾ گهر ڪري چڪو هو. هوءَ هاڻي اڪثر ڪري تصوراتي داغ؟ ڏسندي هئي، ۽ هن جي زندگي خود هڪ داغ بڻجي ويئي هئي – ڏرا ڏيئي ويل اکين جو، ڏٻري جسم جو ۽ زرد چھري جو داغ: زندگيءَ جو سَت ڀري پيو هو. انھيءَ هوندي بہ هوءَ مرندي جهرندي رپئي ڏيڍ خاطر پاڙي وارن جا ڪپڙا ڌوئيندي هئي. آخر هن کي پيٽ پالڻو هو. مڙس جي مرڻ کانپوءِ ٻيو ڪو آسرو نہ هوس. کيس اڪيلي سر پاڻ لاءِ ۽ جمالي لاءِ گذران پيدا ڪرڻو هو. پھرين هوءَ پاڙي وارن جي گهرن ۾ وڃي ٻھاري ڪڍندي هئي، باسڻ مليندي هئي، بازار جو ننڍو وڏو ڪم ڪري آڻي ڏيندي هئي، پر پوءِ هوءَ بيمار ٿي پئي ۽ هن کان گهڻي محنت پڄي نہ سگهي. خيراتي اسپتال جي ڊاڪٽر هڪڙي ڏينھن ٻڌايس تہ هن کي سلھہ جي بيماري هئي ۽ هاڻي هوءَ رڳو پاڙي وارن جا ڪپڙا آڻي گهر ۾ ڌوئيندي هئي. اڄ هوءَ جمالي جي هڪڙي قميص کان سواءِ پاڙي وارن جا ڪپڙا ڌوئي نہ سگهي. سخت بخار اچي ورايو هوس. سڄو ڏينھن کٽ تي کنگهندي گذاريو هئائين ۽ آخر اٿي ان مھل، جڏهن گهٽيءَ ۾ جمالي جون رڙيون ٻڌائين. هوءَ بخار جي شدت کان سھڪندي در تائين ويئي. پوءِ هڪدم در کولي ٻاهر نڪري آئي. هن جمالي کي گندي پاڻيءَ جي حوض ۾ ڪريل ڏٺو هو. جمالو ماءُ کي ڏسي ويتر زور سان اوڇنگارون ڏيڻ لڳو. ماڻس اچي هن کي حوض مان ڪڍيو.
”امان، حميد مون کي حوض ۾ ڪيرايو آهي“، جمالي سُڏڪا ڀريندي چيو،
”مون ڪٿي ڪيرايو؟“ حميد پنھنجي ماءُ جي ڀر ۾ بيھندي چيو.
”ها ها، حميد ڪو نہ ڪيرايو، هي ويچارو تہ بنھہ منھنجي اکين سامھون هينئر گهر مان نڪتو آهي!“ حميد جي ماءُ صاف ڪوڙ ڳالھائي ويئي.
”ڏس حميد جي ماءُ! هڪڙي پاڙي ۾ رهي، توکي اهي ڳالھيون سونھن نہ ٿيون. پنھنجي پٽ کي جهلين تہ نہ ٿي، مرڳو پاسو پئي کڻين.......“
”اي لئي ٻڙي، مون کي نہ ڌمڪاءِ..... هي پنھنجيون ڦوٽن جيڏيون اکيون ٻين کي ڏيکارج. تو جھڙيون گهڻي فقيرياڻيون منھنجي در تي اچيو پن جو ٽڪر وٺيو وڃن- مُئي رن زال، هلي آهي مون کي چوڻ..... ڏيڻ ڪٿي جي ....!“
غصي کان هن جي ڪنن جون ٻويٽيون ٻرڻ لڳيون، هوءَ فقيرياڻي نہ هئي. ڪنھن جي در تي وڃي ٽڪر ڪين گهرندي هئي. اڳي هوءَ صبر سان هنن جا مھڻا ٻڌندي هئي، پر هاڻي جيئن پوءِ تيئن پاڙي وارا سر تي چڙهندا پئي ويا. هوءَ غريب هئي تہ ڇا ٿيو؟ ..... عزت هن کي بہ هئي. هوءَ ڪجهہ چوڻ تي هئي تہ هڪڙيءَ ٻيءَ مائيءَ حميد جي ماءُ جي ڳالھہ کي ٽيڪر ڏني:
”ها امان، تون سچي آهين- هيءَ ڇنال ڏيڻ آهي ڏيڻ! اچڻ سان مڙس کي ماريائين. جي ٿورا سال ان پاڙي ۾ رهي، تہ الاجي ڪھڙو قهر ڪندي – آءٌ پنھنجن ٻارن کي هن ڪامڻ – ڪٽيءَ جي منھن تي اچڻ بہ نہ ڏيندي آهيان.... مُٺي اکين ۾ کايو وڃي....!“ هوءَ وڌيڪ سھي نہ سگهي. پر اڃا ٻہ لفظ چيائين مس، تہ کنگهہ اچي ورتس. جمالي هن جي ٻانھن جهلي رُنو پئي، ۽ هن گهٽيل آواز سان کنگهيو پئي، کنگهہ زور وٺندي ويئي ۽ حميد جي ماءُ وڏي واڪي سان ٻنھي ماءُ پٽن کي پٽيندي ويئي. هن مشڪل سان، ”ڪگال“، ”ڇال“ ۽ ”ڪار ڄڀي“ جا ٻہ – ٽي لفظ ٻڌا ۽ جڏهن هن ٿورو ساھہ کنيو، تہ اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس ۽ جمالي کي رڳو ايترو چئي سگهي:
”مئا نپٽا ..... هل گهر .... تو منھنجي جان جلائي ڇڏي آهي.“
رات جو هڪ ٿيو هو، گهٽي سڄي ويران پيئي هئي. ايتري وقت گذري ويندي بہ هن جي کنگهہ بند نہ ٿي. ڪڏهن اٿندي ۽ ڪڏهن پاسا ورائيندي، هن درد ۽ ڪَرب جي حالت ۾ کنگهيو پئي. کنگهڻ جو آواز فضا جي مڪمل سڪوت کي چيريندو ويو پئي. سندس ان لاڳيتي شور پاڙي وارن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. پھرين تہ هو صبر سان اکيون کولي ڇتين کي گهوريندا رهيا، تہ من ڪا ماٺ ٿئي، پر جمالي جي ماءُ جي کنگهہ بند نہ ٿي سگهي. تنھن کان سواءِ هن زور زور سان اوڪارا بہ ڏنا پئي. پاڙي وارن سمجهيو ٿي تہ هوءَ اجايو ڍونگ ڪري، تہ جيئن هنن جو سک ڦٽي. آخر حميد جي ماءُ کان رهيو نہ ٿيو، ۽ دريءَ مان منھن ڪڍي چيائين:
”اڙي جمالي جي ماءُ، اهو تال تيتال بند ڪر! ٻَڙي اسان کي ٻہ گهڙيون سک سان سمھڻ بہ نہ ٿي ڏين. چئو تہ پاڙو توکي ڏيئي، اسين وڃي ڪو ٻيو ماڳ هٿ ڪريون!“ هڪڙيءَ کي ڳالھائيندو ڏسي، ٻيءَ کي بہ ريس ٿي، ۽ اچي بالڪنيءَ تي بيٺي.
”ٻاڪاري ائين پئي جھڙو موت ٿو اچيس. پر مئي مري بہ تہ نہ ٿي. جو اسان جي جند آزار مان آجي ٿئي. مئو عذرائيل بہ ڪميڻيءَ وٽ اچڻ کان ڊڄي ٿو.....!“ هن بالڪنيءَ تان چيو.
”لئي امان، هيءَ ڏيڻ آهي ڏيڻ..... ڏيڻين وٽ مَلڪ ڪو نہ اچن. هن ڌوتيءَ کي ڪو جن ڀوت مارڻ ايندو!“ هيءَ شام واري مائي هئي. ايتري ۾ ٻين گهرن جون دريون کليون. ڪي بالڪنين تي اچي بيٺا، ۽ ڪن بتيون ٻاريون. سڄو پاڙو جاڳي پيو هو، ۽ هنن مان ڪنھن کان ايترو نہ پڳو، جو کڻي ان غيرمعمولي شور جو سبب دريافت ڪن. پر سبب معلوم ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي. هنن کي پڪ هئي تہ هي سڀ هن جو ڍونگ آهي. پاڙي وارن کي ستائڻ لاءِ..... سندن ننڊون ڦٽائڻ لاءِ.....
هاڻي آواز آهستي آهستي گهٽبو ويو. اوچتو وري هڪ وڏي اوڪاري جو آواز آيو، پوءِ هڪدم خاموشي ڇانئجي وئي. پر هيءَ خاموشي بہ عارضي ثابت ٿي- شايد ماءُ جي ٿڪجي پوڻ کان پوءِ جمالي جو وارو هو، جيڪو هينئر ڪيڪون ڪندي رُنو پئي.
”ماءُ ڍونگ ڪري ٿڪي آهي، هاڻي پيٽ ٿو ڦاٽي.....“
حميد جي ماءُ دريءَ مان منھن ڪڍيو، ۽ جمالو هن جي ڦٽڪار جي پرواھہ نہ ڪندي روئيندي رهيو.
آخر پاڙي وارن تنگ ٿي دريون بند ڪري ڇڏيون. بتيون بہ وسامي ويون ۽ رڳو جمالي جو روڄ راڙو گهٽيءَ جي ويرانيءَ ۾ رلندو رهيو. جمالي جي آواز ۾ خوف هو. هو سمجهي نہ ٿي سگهيو تہ هن جي ماءُ سندس ”امان! امان!“ ڪري سڏڻ ۽ روئڻ جي باوجود بہ اٿي ڇو نٿي؟ ۽ پوءِ هو بہ ٿڪجي پيو، ۽ ننڊاکڙين اکين سان ماءُ کي ڏسي، هن جي ڇاتيءَ تي مٿو رکي سمھي پيو.
(مھراڻ: 4 – 1956ع)