سفرناما

انڊونيشيا جو عشق

ھونئن تہ سفر ناما يادگيرين جو عڪس ھوندا آھن. پر صحبت ھن سفرنامي ۾ انڊونيشيا جي تاريخ، جاگرافيائي حالتون، سماجي مسئلا، معاشي پيش رفت، سياحت جي لاءِ موقعا، سھولتون ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن جو ذڪر ڪيو آھي. ان سان گڏوگڏ اسان جي سفر جا دُک، تجسس، ٽھڪ ھڪ ھڪ لمحي کي من موهيندڙ انداز سان پرويو آھي.

Title Cover of book Indonesia jo Ishq (Love of Indonesia)

لکڻيءَ جو سحر

بلوچ صحبت نوجوان شاعر، جنھن شاعري سان گڏ نثر بہ لکيو آهي. سندس هن ڪتاب کان اڳ 28 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. انھن ۾ شاعري، تدريسي ڪتاب، خاڪا ۽ ترجمه شامل آهن. صحبت جڏهن کان ٻين ملڪن کي گهمڻ شروع ڪيو آهي. تڏهن کان هن سفرنامه پڻ لکڻ شروع ڪيا آهن. ”انڊونيشيا جو عشق“، سندس ٽيون سفرنامو آهي. سندس پھريون سفرنامو ”دادوءَ کان دبئي“ ۽ ان کان بعد ۾ ”نيپالي نينھن“ آهي.
بلوچ صحبت کي لکڻ ۽ پڙهڻ جو گهڻي حد تائين شوق آهي ۽ کيس نثر توڙي نظم لکڻ ۾ مھارت پڻ حاصل آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جو سال ۾ ڪو نہ ڪو تازو ڪتاب منظر عام ۾ ايندو رهي ٿو ۽ ادبي کيتر ۾ سٺن ڪتابن جو اضافو ڪندو رهي ٿو.
سفرنامي جو خيال ايندي ئي ذهن ۾ پھريون نالو الطاف شيخ جو اڀري اچي ٿو. شايد ئي ڪو اهڙو سنڌي پڙهندڙ هجي، جنھن الطاف شيخ جا سفرناما نہ پڙهيا هجن. مون ذاتي طور رڳو الطاف شيخ کي ئي پڙهيو آهي. ان کان سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ ٻيا سفرنامه بہ پڙهيا آھن پر انھن ليکڪن جا نالا ياد ڪونہ اٿم.
هونءَ تہ سفرنامو ڪنھن ملڪ جو اکين ڏٺو احوال هوندو آهي. ڪي ليکڪ ان ۾ پنھنجي فرسٽريشن بہ شامل ڪري ڇڏيندا آهن. هڪ واقعو ٿو ياد اچيم، 1995-94 ۾ ٺٽي ضلعي جي لڳندڙ هڪ ميلي ۾ ڪتابن جو اسٽال لڳايو هئم. اُهي ڪتاب ناز سنائي کان کنيا هيم. هي ڪتابن جو اسٽال سانده ٽي ڏينھن لڳل رهيو. ان دوران خليل جبران جو ڪتاب ”ڪنوار جي سيڄ“ سڀ کان وڌيڪ وڪاميو. هڪ همراھہ آخري ڏينھن ڪتاب واپس ڪرڻ آيو ۽ چيائين، ”هن ڪتاب ۾ ”ڪنوار ۽ سيڄ“ جي باري ۾ تہ ڪجهہ بہ ڪونھي. بيڪار ڪتاب آهي. هي واپس وٺ، پئسا موٽائي ڏي.“ آءٌ ڳالھہ سمجهي ويس، کيس پئسا موٽائي ڏنم.
ها تہ صحبت ”انڊونيشيا جو عشق“سان پاڻ ملھايو آهي، ھن سادي سولي لھجي ۾ ڪنھن بہ لڪ ڇپ کان سوا ۽ اجايو پنھنجي فرسٽريشن شامل ڪرڻ بجاءِ سفرنامي ۾ انڊونيشيا جي عڪس کي آئيني جيان پسايو آهي. سفرنامي ۾ اسين انڊونيشيا جي ثقافت، تھذيب کان وٺي معيشت سميت زندگي جا سڀ رنگ ڏسون ٿا.
سفرنامي جي شروعات 4 دوستن جي ويزا واري مرحلي کان ٿئي ٿي. جنھن ۾ کين ڪي مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون، پر هو سڀني مسئلن کي منھن ڏيئي پار پون ٿا ۽ صحبت اھو سڄو سربستو احوال لکيو آهي. سفرنامي ۾ رڳو انڊونيشيا جي حال ۽ سياحت جو ذڪر ڪونھي پر ان ۾ انڊونيشيا جي اوائلي تاريخ بابت بہ آگاهي ڏنل آهي. اهو بہ ٻڌايو ويو آهي تہ انڊونيشين ماڻھن پنھنجي اصلوڪي ثقافت، جنھن ۾ سندن پاڙون کتل آهن، ان کي بہ هينءِ سان هنڊائي رکيو آهي.
انڊونيشيا بہ سنڌ جيان انگريزن جي يلغار هيٺ رهيو. جڏهن تہ پرتگالين هتي وڌيڪ حڪومت ڪئي. هي اهي ئي پرتگالي هئا جن ٺٽي کي ڦرڻ ۽ لٽڻ کان پوءِ باھہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو.
سياحت انڊونيشيا جي معيشيت ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ واري حيثيت رکي ٿي. جيتوڻيڪ هي ملڪ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان 3 سال پوءِ غلاميءَ جي پنجوڙ مان نڪتو، پر هي اسان کان گهڻو اڳتي نڪري ويو. ان ترقيءَ ۾ انڊونيشين قوم جو وڏو ڪردار آهي. سندن ڪاميابي جي اها خوبي آهي جيڪا مون مٿي بيان ڪئي تہ هنن پنھنجي ماضيءَ کي وسارڻ بدران ان ۾ ئي پنھنجون پاڙون کوڙي رکيون ۽ ٻي ڪنھن ملڪ يا ثقافت سان هروڀرو پنھنجو تعلق ڳنڍڻ جي ڪوشش نہ ڪئي. جڏهن تہ پاڪستان ٺھڻ بعد هتي موجود اڪثريت پنھنجي ماضيءَ کي وساري، پنھنجو تعلق مشرق سان ڪٽي، مغرب سان ڳنڍيو ۽ نتيجو اسان جي سامھون آهي.
صحبت ”انڊونيشيا جو عشق“ ۾ جهر جهنگ، سمنڊ، ساحل، جبلن، آبشارن، مندرن، بازارن ۽ گهٽين سان گڏ جهنگلي جيوت ۽ پکين بابت بہ کوڙ ساري ڄاڻ ڏني آهي.
سفرنامو پڙهندي آءُ پنھنجي سنڌ ڌرتيءَ تي مٿاڇري نظر وجهان ٿو. هتي سمونڊ، ساحل، سنڌوءَ جا ڪنارا، ڍنڍون، جبل، ريگستان سميت قدرت جي ھر شي موجود آهي، پر افسوس انھن جي سنڀال ڪونھي، نہ تہ اسين بہ سياحت ذريعي ملڪان ملڪ پنھنجي سڃاڻپ قائم ڪري سگهون پيا. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ هتي اسان جي وجود کي ئي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ سامان تيار ڪيو ويو آهي پر وري بہ هڪ اميد آهي تہ اسين هن کان اڳ آيل هيبتناڪ دور جيان ھن اونداهي دور مان بہ نڪري پار پونداسين.
”انڊونيشيا جو عشق“ ڦوھہ جوڀن تي اچي ٿو بينڪاڪ کان بالي ڏانھن واري حصي کان پوءِ. اُما انيار واٽر فال، تيگئن آبشار وارن ماڳن کان ويندي آخر تائين ليکڪ هڪ اهڙو سحر تاري ڪيو آهي جو پڙهندڙ هڪ ساهيءَ ۾ ئي سفرنامو پڙهي پورو ڪندو.
سفرنامي ۾ چار دوستن سان گڏ ڊرائيور، گائيڊ، هوٽل وارا، ناچڻيون، آسٽريلياڻي ۽ ٻين ملڪن جا سياح جيڪي سڀ هن اکين ڏٺي احوال جو حصو آهن ۽ اها روسي حسينا جنھن صحبت کان ڪائو بواءِ وارو ٽوپلو ورتو، ان کي بہ ڀلا ڪيئن ٿو وساري سگهجي.
صحبت ۽ سندس دوست بالي جي مندر ۾ پوڄا ڪري ٻاهر نڪتا تہ صحبت چواڻي، ”اسان کي ائين محسوس پئي ٿيو تہ ڪٿي پوڄاري پاڻ محبتن جو ديوتا تہ نہ آهي.“
هن سٽ مان صاف ظاهر آهي تہ هن ملڪ صحبت سميت چئني دوستن ۽ ٻين ملڪن جي سياحن کي ڪيتري محبت ڏني آهي.
آخر ۾ آءُ چوندس تہ هن ننڍڙي ڪتاب ۾ انڊونيشيا جو سربستو احوال ڏنل آهي. اميد آهي تہ هو اهڙا سفر جاري رکي اسان پارن کي گهر ويٺي دنيا گهمائڻ جو سلسلو جاري رکندو.

ڪوي شنڪر
جهرڪ
ڊان نيوز ڪراچي
13 جنوري 2024ع