سفرناما

انڊونيشيا جو عشق

ھونئن تہ سفر ناما يادگيرين جو عڪس ھوندا آھن. پر صحبت ھن سفرنامي ۾ انڊونيشيا جي تاريخ، جاگرافيائي حالتون، سماجي مسئلا، معاشي پيش رفت، سياحت جي لاءِ موقعا، سھولتون ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن جو ذڪر ڪيو آھي. ان سان گڏوگڏ اسان جي سفر جا دُک، تجسس، ٽھڪ ھڪ ھڪ لمحي کي من موهيندڙ انداز سان پرويو آھي.

Title Cover of book Indonesia jo Ishq (Love of Indonesia)

نو سا پينيدا ۾ ڊينڊڙي ڊرائيور جا ڪمال

پاڻ سڀئي ماڻھن جي انبوھہ ۾ اڳتي هلندا رهيا هئاسين. ڪي اڳتي تہ ڪي پوئتي. پُل جي هن پار ايجنٽ سياحن جي نالن وارا بينر کڻي انتظار ۾ بيٺا هئا. پندرنھن ويھہ کن ايجنٽ هئا. اسان جيئن ئي انھن جي ويجهو ٿياسين. انھن مان هڪڙي ننڍڙي قد جي ڊينڊڙي انڊونيشن ماڻھو جي هٿ ۾ پرتاب پلي ڪارڊ هيو. جنھن تي لکيل هيو: ”پرتاب راءِ شيواڻي.“
اسان جيئن ئي هن جي ويجهو ٿياسين تہ هن پرتاب کي سڃاڻي ورتو هو. هن رڙ ڪري سڏ ڪندي چيو،” پرتاب راءِ.“ جنھن تي پرتاب هن کي مرڪندي موٽ ڏني هئي. ” yes, I am “ . ”مون سان گڏ اچو.“ هن اڳتي نڪري هلندي چيو. هو اسان کي وٺي اڳيان وڌڻ لڳو هو. اهڙي ريت هر ايجنٽ پنھنجن سياحن جي ڳولھا ۾ مصروف هيو. هن ڊينڊڙي جو وارو جلدي اچي ويو هو. هن جا ڀاڳ هئا. باقي ڪافي ايجنٽ اڃان بہ اتي بيٺا هئا.
قد جو ننڍڙو، ڊينڊڙو، سنھڙو، سيپڪڙو، پر تمام گهڻو ڦڙتيلو. سو اسان کي پاڻ واري لينڊ ڪروزر وٽ وٺي آيو. حسب معمول ويھڻ واري ساڳي سيٽنگ ۾ پاڻ ويھي رهياسين. اسان هن همراھہ جي پويان. ڊاڪٽر مشڪري ڪندي چيو تہ،” همراھہ لڳي آڙيڪاپ ٿو، پر قد ۾ مار کائي ويو آ.“ جاني ڊاڪٽر کي جواب ڏيندي چيو تہ،” ڊاڪٽر مڙسن جا قد نہ ماپبا آهن.“ ان تي وڏو ٽھڪڙو مچي ويو. اسان جو گائيڊ بہ سمجهي ويو تہ هي بہ گهٽ ڪونھن.
مون کي حيرت سان گڏ خوف بہ ٿئي پيو تہ همراھہ کي ﷲ ڪري اڳيان ونڊ اسڪرين نظر اچي، ڇو تہ همراھہ قد جو ڏاڍو بندرو هو. پر هي وڏي همت سان گاڏي ۾ ويھي رهي. ڏاڍو خوش مزاج هيو. هن جو نالو انوار هيو، هو ذات جو سوٽھڙ هيو. جنھن تي ڊاڪٽر رڙ ڪري چيو تہ،”پرتاب ! توهان جو مائٽ نڪري پيو.“ سو اهڙي ريت اسان هن سان چرچا ڀوڳ ڪندا، مڪمل جهنگ جي دنيا ۾ داخل ٿي چڪا هياسين. پرتاب اڳين سيٽ تي ويھڻ جو فائدو وٺندي هن کان پڇيو تہ،” هن ملڪ جون معاشي حالتون ڪيئن آهن؟“
”تمام زبردست ۽ مضبوط آهن.“ هن جواب ڏنو. مون کي اوڏي مھل هڪڙو لطيفو ياد اچي ويو.
جمعي جي نماز کان پوءِ جماعتين مان ڪنھن پڇيو تہ،”مولوي صاحب دعا ڪيو تہ اسان جي ملڪ جون معاشي حالتون بھتر ٿين.“
مولوي صاحب پنھنجي کيسي مان پنجن هزارن جو نوٽ ڪڍي چيو تہ،” مون کي هي نوٽ مسجد جي دروازي مان مليو آهي، ڪنھن جو آهي؟“
تقريبن 10 ماڻھن پنھنجا هٿ مٿي ڪري ڪليم ڪندي چيو تہ،”منھنجا پئسا آهن.“
مولوي صاحب نوٽ پنھنجي کيسي ۾ واپس رکي چيو تہ،” هي منھنجو نوٽ آهي، پھرئين پاڻ کي صحيح ڪيو پوءِ معاشي حالتون بہ درست ٿي وينديون!“
هتان جا ماڻھو پاڻ سان، پنھنجي ملڪ سان، پنھنجي قوم سان سچا آهن، ان ڪري انھن جي معاشي حالت بہ مضبوط آهي.