سفرناما

انڊونيشيا جو عشق

ھونئن تہ سفر ناما يادگيرين جو عڪس ھوندا آھن. پر صحبت ھن سفرنامي ۾ انڊونيشيا جي تاريخ، جاگرافيائي حالتون، سماجي مسئلا، معاشي پيش رفت، سياحت جي لاءِ موقعا، سھولتون ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن جو ذڪر ڪيو آھي. ان سان گڏوگڏ اسان جي سفر جا دُک، تجسس، ٽھڪ ھڪ ھڪ لمحي کي من موهيندڙ انداز سان پرويو آھي.

Title Cover of book Indonesia jo Ishq (Love of Indonesia)

ايئرپورٽ ۾ زوردار برسات

اسان شيشن جي ديوارن مان اندران ئي پنھنجي بورڊنگ واري جھاز کي ڏسي رهيا هئاسين ۽ انتظار ڪري رهيا هئاسين تہ اوچتو هلڪي هلڪي برسات شروع ٿي ويئي. پھرئين تہ آهستي، پوءِ تہ ايڏي زوردار برسات ٿي جو مون کي ڊپ لڳو تہ ڪٿي اسان جي فلائيٽ اڄ ڪينسل نہ ٿي وڃي. ماڻھو سڀ برسات کي ڏسڻ لاءِ شيشن جي ويجهو اچي بيھي رهيا. چڍن، گنجين، ٽارائوزرس ۾ هر طرف انگريز ئي انگريز نظر پئي آيا. جيڪي اڪثر ڪري پنھنجين فيملين ساڻن آيل هئا. هنن سان گڏ ننڍڙا ٻارڙا بہ هئا، جيڪي ايئرپورٽ واري خوبصورت ماحول ۾ مستيون ڪري ، ڊوڙي ڊڪي، مزو وٺي رهيا هئا.
ٿوري دير کان پوءِ برسات بيھي ويئي، سامھون روڊ آلا ٿي چڪا هئا، پر ٿوري دير کان پوءِ برسات جو پاڻي ڪاڏي ويو، ڪا خبر نہ پئي. جيئن تہ اتي اهڙي قسم جي برسات روز جو معمول آهي ۽ وقفي وقفي سان پئي وسندي رهندي آهي. اسان جھڙن ملڪن جي ماڻھن لاءِ اها نئين ۽ حيرت جي ڳالھہ هئي. هاڻي موسم خوشگوار ٿي چڪو هو. هتان جي مٽيءَ جي بارش کان پوءِ پنھنجي الڳ خوشبو محسوس ٿي رهي هئي. جنھن روح کي رنڱي وڌو هو. ڇا تہ ماحول جو ۽ موسم جو من تي اثر پيو هو. شايد هتي لفظن ۾ بيان ڪرڻ منھنجي لاءِ ۽ منھنجي هن ڪي بورڊ جي بٽڻن لاءِ، منھنجي آڱرين ۽ منھنجي سوچ لاءِ ممڪن نہ هجي. اهو منظر مان هنن آڱرين سان هتي چٽي نہ ٿو سگهان. ان لاءِ توهان کي مون سان گڏ بينڪاڪ ايئرپورٽ ڏي هلڻو پوندو.
انڊونيشيا جي فلائيٽ بورڊنگ لاءِ تيار هئي. ان لاءِ سڀ کان اڳ ۾ ننڍن ٻارڙن، عورتن ۽ پوڙهن کي سڏ ڪري گهرايو ويو هو. هڪڙي اهڙي لائين بہ هئي جيڪا فقط ”رايل پيسينجرس“ لاءِ مخصوص ڪيل هئي. رايل پيسينجرس جو بورڊ هڪڙي ليڊي جي هٿ ۾ هيو، جيڪا مٿي ڪري جهليو بيٺي هئي. رايل پيسينجرس اصل ۾ ان ايئرلائين جا خاص مسافر هوندا آهن، جيڪي مھانگي ٽڪيٽ خريد ڪري وڌيڪ سهولتون ۽ بھتر سيٽون وٺي آرامده سفر ڪندا آهن. اسان جو دوست پرتاب بہ ان لائين ۾ وڃي بيھي رهيو ۽ اسان سڀني کي اشارو ڪيو تہ،”اچو بيھو هن قطار ۾، اسان بہ رايل فيملي جا ئي تہ آهيون.“ ايئن ئي اسان بہ هن جي پويان اچي بيھي رهياسين. چيڪنگ ڪرائيندا اڳتي جھاز واري ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳاسين.
هاڻي اسان جھاز ۾ هئاسين. ڳولھيندا ڳولھيندا اچي پنھنجين سيٽن تي ويٺاسين. هي بہ فلاءِ ٿاءِ هئي پر هي انٽرنيشنل جھاز هيو. هن جھاز ۾ بہ منھنجي ۽ ڊاڪٽر جي سيٽ گڏ هئي جڏهن تہ جاني ۽ پرتاب اسان کان اڳين سيٽ تي هئا. ناشتي ۾ اهو ئي ساڳو ٿائي اسٽائيل وارو ناشتو جيڪو اسان جي کائڻ کان ڳرو هو، پر بک سبب ٿورو کائي وياسين. جنھن ۾ نوڊلز، چانور، ڊبل روٽي ۽ مکڻ وغيرہ هئا. ڊاڪٽر ايئرهوسٽس کي چيو تہ،”مان ويجيٽيرين آهيان.“ جنھن تي هن چيو تہ،”ان لاءِ اڳ ۾ ئي آرڊر ڏيڻو پوندو آهي، ڇو تہ هي انڊين ايئرلائينز نہ آهي.“
سو اهڙي ريت پيٽ کي موزون ناشتي جي ڪوڙي آسري ۾ رکي پاڻ پنھنجي سفر جو آغاز ڪري چڪا هئاسين. هن جھاز جو ڪولنگ سسٽم تيز هئڻ ڪري، ٿوري دير کان پوءِ ڊاڪٽر کي سيءُ محسوس ٿيو ۽ هن ايئرهوسٽس کان ڪمبل جي فرمائش ڪئي، جيڪو هن کي هڪدم ڏنو ويو. وقت گذرندي ويرم ئي نہ لڳي پاڻ ٽن ڪلاڪن جو ٻيو سفر طئي ڪري 2.32 منٽن تي، منجهند جي وقت مطابق انڊونيشيا جي ايئرپورٽ ڊينپسار تي لينڊ ڪيو. هي ڏاڍو خوبصورت ايئرپورٽ هو، جيڪو بينڪا ڪ جي ائيرپورٽ کان هر لحاظ کان وڌيڪ بھتر ۽ سھڻو لڳو.
هاڻي اسان کي هتان کان ئي بالي لاءِ نڪرڻو هو. اسان ائيرپورٽ تي لائين ۾ بيھي اميگريشن واري ڪائونٽر ڏانھن وڌي رهيا هئاسين تہ اوچتو هڪڙو انڊونيشن ماڻھو اسان ڏي هليو آيو ۽ چيائين تہ،” هي لائين وڏي آهي توهان کي گهڻو وقت لڳندو، ان ڪري توهان اچو تہ توهان کي اسپيشل لائين ذريعي ٻاهر وٺي هلان. ان لاءِ توهان کي200000 انڊونيشين روپيا ڏيڻا پوندا. جيڪا ڳالھہ اسان مان ڪنھن کي بہ نہ وڻي. هيترا ماڻھو فيملين سان لائين ۾ بيٺا آهن تہ پوءِ اسان ائين ڇو ڪيون. جاڙي بہ جڳ سان. پاڻ بہ اچي قطار ۾ بيھي رهياسين.