سفرناما

انڊونيشيا جو عشق

ھونئن تہ سفر ناما يادگيرين جو عڪس ھوندا آھن. پر صحبت ھن سفرنامي ۾ انڊونيشيا جي تاريخ، جاگرافيائي حالتون، سماجي مسئلا، معاشي پيش رفت، سياحت جي لاءِ موقعا، سھولتون ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن جو ذڪر ڪيو آھي. ان سان گڏوگڏ اسان جي سفر جا دُک، تجسس، ٽھڪ ھڪ ھڪ لمحي کي من موهيندڙ انداز سان پرويو آھي.

Title Cover of book Indonesia jo Ishq (Love of Indonesia)

دادوءَ کان ڪراچي ايئرپورٽ روانگي

اڄ 9.7.2023 جي تاريخ هئي ۽ منجهند جو وقت هو. مان ۽ جاني پنھنجي ڪار ۾ دادو جي آفيس کان نڪري چڪا هئاسين. منجهند جا پوڻا چار ٿيا ها. اسان کي ٻين وڳي نڪرڻو هيو. گهڻي دير ٿي ويئي هئي پر پوءِ بہ جيئن دير تيئن خير. ڊرائيونگ سيٽ تي بخشل هيو. اسان سان گڏ اسان جي سفر جا ساٿي اسان جا بيگ هئا. رستي ۾ ئي پاڻ کي ڊاڪٽر سنتوش سان جوائن ڪرڻو هيو. اسان ملاقات جي جاءِ سڪرنڊ جي ٻاهران Hascol پيٽرول پمپ طئي ڪئي هئي. ڊاڪٽر سنتوش اڳ ۾ ئي روڊ تي پيٽرول پمپ وٽ اسان جي انتظار ۾ هيو. هن سان گڏ ڊرائيورمختيار احمد چانڊيو هيو. بخشل پنھنجي ڪار مان بيگ ڪڍي ڊاڪٽر واري ڪار ۾ وجهي ڇڏيا ها. بخشل کي اسان اتان ئي واپسي لاءِ دادو موڪلي ڇڏيو. پاڻ ڊاڪٽر واري ڪار ۾ ويھي رهياسين ۽ پنھنجو سفر ڪراچي ڏانھن سفر شروع ڪيو.
اصل ۾ ڊاڪٽر ٻڌايو تہ مختيار احمد چانڊيو هن جو ڊرائيور نہ آهي، ڇو تہ هو پاڻ ڪار هلائيندو آهي يا هن جو ننڍو ڀاءُ راج ڪمار هلائيندو آهي. هي ٻيئي ڀائر ڪاروبار کي پاڻ ڏسندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن هنن جو والد محترم سائين علو مل صاحب بہ چڪر هڻندو آهي. ڊاڪٽر وارا پاڻ ۾ ٽي ڀائر آهن، جن مان هڪڙو هريش ڪمار ديھانت ڪري ويو. هي ڊرائيور اصل ۾ ڊاڪٽر جي ڪاروباري دوست ۽ پاٽنر جاويد احمد عمراڻي جو آهي. هي ڊرائيور جاويد احمد عمراڻي جي نوابشاھہ واري گاڏين جي شو روم ۾ ڪم ڪري ٿو. جاويد احمد عمراڻي ڊاڪٽر جو نہ فقط پيارو دوست آهي پر بزنس پاٽنر پڻ آهي.
پرتاب اسان سان وقت بہ وقت رابطي ۾ رهيو. اسان جي فلائيٽ رات جو ساڍي يارنھين وڳي هئي، پر اسان کي ٻہ ڪلاڪ اڳ ۾ ايئرپورٽ پھچڻو هو. اسان کي رستي ۾ دير ٿي ويئي هئي. هون تہ پروگرام اهو هيو تہ اسان ڪلاڪ کن اڳ ۾ ڪراچي پھچون ۽ پرتاب جي بدر ڪمرشل واري فليٽ ۾ گڏجاڻي ڪري پنھنجن ڪاغذن تي هڪڙي نظر وجهون. پر هاڻي اسان وٽ ايترو وقت نہ هيو. ان ڪري پنھنجو رخ سڌو ايئرپورٽ ڏي هيو.
پرتاب فون ڪري ٻڌايو تہ هو ايئرپورٽ لاءِ نڪري چڪو آهي پر شاهراھہ فيصل تي ڪافي ٽريفڪ جام آهي. اسان جيڏي مھل ايئرپورٽ پھتا هئاسين تہ اوڏي مھل رات جا ساڍا نو ٿي چڪا ها. ۽ پرتاب اسان کان اڳ ۾ ئي ايئررپورٽ جي ڊيپاچر واري حصي ۾ پھچي چڪو هيو. اسان ڪار مان هيٺ لٿاسين. ڊاڪٽر سنتوش جو ڀائٽو مرلي داس ۽ ان جا ٻہ ننڍڙا ٻارڙا هنيش ڪمار ۽ ڪرشن لال بہ اتي موجود هئا، جيڪي ان ئي ڊاڪٽر واري ڪار ۾، ساڳي ئي ڊرائيور مختيار احمد چانڊيو سان واپس شاهپور وڃڻا هئا. انھن سان مس ملياسين تہ هڪڙي وڏي ڊالا ٽائيپ، ڪاري رنگ جي گاڏي اچي اسان جي پاسي ۾ بيٺي، جنھن مان هڪڙو ٿلھو، وڏي ڏاڙهي وارو ملو لٿو ۽ ان سان گڏ هن جا گارڊ بہ لٿا. ٿوري دير ۾ ئي ملن جو وڏو ميڙ ٿي ويو ۽ اسان سائيڊ ۾ بيھي اچو تماشو ڏسي رهيا هئاسين. ماڻھو هن جا هٿ چمي اکين تي رکي رهيا هئا. خبر ناهي تہ اهو مولانا صاحب ڪير هو. مون ڊاڪٽر کي چيو تہ،”ڊاڪٽر هاڻي اسان کي هتان کسڪڻ گهرجي.“ ڊاڪٽر ڳالھہ سمجهي ويو هو پاڻ پنھنجا بيگ گھليندا اڳتي نڪري وياسين.