ورجن بيچ کان سنور پورٽ تائين
اسان ٽنھي دوستن ٽيئي ٽڪيٽون ڊرائيور جي حوالي ڪيون. پرتاب جي ٽڪيٽ هيٺ مٿي ٿي ويئي هئي. ٿوري دير لاءِ هن پنھنجو ٿيلھو ۽ بٽون ڳولھيا ڦوليا پر پوءِ ٽڪيٽ ملي وئي. اسان وٽ ڊڪي ۾ منجهند جي مانيءَ جا چار پارسل موجود هئا. جيڪا لنچ اسان ڪٿي بہ نہ ڪئي هئسين. ان ڪري اها ماني ڊرائيور جي حوالي ڪندي، جاني هن کي چيو تہ، ”هي توهان پاڻ کائجو ۽ پنھنجي فيملي لاءِ بہ کڻي وڃجو.“ اسان جي هن عمل تي هو ڏاڍو خوش ٿيو هو. اڃان اتي ئي بيٺا هئاسين تہ پويان ڳاڙهي رنگ جو ڪتو ڀڳو آيو. جاني جي اول ئي ان تي نظر پئجي چڪي هئي. جاني رڙ ڪري ڪتي کي هڪل ڏني، ”هل ڪتا.“
ڪتو بس اتي ئي بيھي ويو هو ۽ اتان ئي واپس موٽي ويو. ڊرائيور اڳتي تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون کڻي رهيو هو ۽ اسان ڊرائيور جي پويان هئاسين. ڊرائيور اسان کان گهڻو اڳتي نڪري ويو هو. اسان ڦوٽو ڪڍرائيندا، ماحول جو مزو وٺندا، آهستي آهستي هلي رهيا هئاسين. ڊاڪٽر سنتوش اتي موجود واش روم ۾ چينج ڪرڻ لڳو. پريان کان ڊرائيور رڙ ڪري چيو تہ، ”تڪڙا اچو مھرباني ڪري.“ اسان ٿورو تڪڙا هلڻ لڳاسين جڏهن هن جي ويجهو پھتاسين تہ هن اسان کي پراڻين ٽڪيٽن جي جاءِ تي چار نيون ٽڪيٽون ڏيندي چيو تہ، ” هي توهان جون ٽڪيٽون ۽ هي توهان جو اسٽاپ آهي. توهان کي ڪٿي جڳھہ ملي تہ ويھي رهو. ڇو تہ توهان جي جھاز وارا ماڻھو سڀئي اڃان واپس نہ آيا آهن. اهي سڀ اچي هتي هن اسٽاپ تي گڏ ٿيندا. جيئن ئي اهي سڀ گڏ ٿيندا تہ ٽڪيٽون پوريون ٿي وينديون ۽ پوءِ اهو سمجهيو ويندو تہ سڀ ماڻھو واپس پڄي چڪا آهن. پوءِ وري بہ ساڳي ئي قافلي جي صورت ۾ توهان کي ان جھاز تائين وٺي هلندا.‘‘