بينڪاڪ ايئرپورٽ ۾ سڀ ڪاغذ ڪري پيا
اسان جي اڏام هاڻي انڊونيشيا جي شھر بالي ڏانھن هئي. پر انھي دوران اسان ايئرپورٽ جي انتظارگاھہ ۾ جھاز جو انتظار ڪري رهيا هئاسين تہ هڪڙو نوجوان پريشان حال ۾ هيڏي هوڏي لوئنڻا هڻندي نظر آيو ۽ اچي جاني وٽ پھتو. جاني کي اردو ٻوليءَ ۾ چيائين تہ،”يار! منھنجي ڪاغذن واري ٿيلھي جنھن ۾ منھنجا سڀ ڪاغذ يعني پاسپورٽ، ٽڪيٽون، شناختي ڪارڊ ۽ ٻيا اهم ڪاغذ هئا اُهي سڀ ڪٿي ڪِري گم ٿي ويا آهن، ٻڌايو تہ مان ڇا ڪيان.“
”اهو ڪيئن ٿيو.“ جاني هن کان پڇيو
”شاپنگ بيگ جو هيٺان ڦاٽل هئڻ ڪري اُهي ڪٿي ڪري پيا، ڏاڍو پريشان آهيان.“ نوجوان مايوسي جي حالت ۾ نظر آيو.
”توکي ڪمپلين سيل يا انفارمينش ڊيسڪ تي وڃي اطلاع ڏيڻ گهرجي.“ جاني هن کي گائيڊ ڪندي چيو.
”اهو ڪمپلين سيل ڪٿي آهي.“ هن پڇيو
”هتان کان سامھون وڃي، پوءِ کاٻي هٿ تي مڙي وڃو ۽ ان کان اڳتي اهو ڊيسڪ توهان کي نظر ايندو.“ جاني هن کي هٿ جي اشاري سان ڏيکاريو.
”مون کي خبر نہ پوندي، توهان براءِ مھرباني مون سان گڏ هلو.“ نوجوان منٿ ڪندي چيو.
”جاني! توهان هن سان گڏجي وڃو، هي دوست ڪافي پريشان آهي، هي پرديس آهي، هتي ڪير ڪنھن جو ڪونھي، ان ڪري وطني هئڻ جي ناتي سان اسان جو فرض آهي تہ هن جي مدد ڪيون.“ مون بہ جاني کي چيو.
جاني هن سان گڏجي ويو ۽ هن کي اتي ڇڏي موٽي آيو. ٿوري دير کان پوءِ اهو ساڳيو ئي نوجوان موٽي اسان وٽ آيو. هن جي هٿ ۾ ڪاغذ هئا ۽ هن وقت هن جي چھري تي مايوسيءَ جي بدران خوشيءَ جي لھر هُئي. هن مسڪرائيندي چيو،” يار ڪاغذ ملي ويا، توهان جي مھرباني، نہ تہ الائي تہ ڇا ٿئي ها.“ مون کي الطاف شيخ صاحب جا لفظ ياد اچي ويا، هنُ مون کي هِن پار ڏانھن اچڻ کان اڳ ۾ فون تي گائيڊ ڪندي سمجهايو هو تہ،”ادا پاسپورٽ تمام اهم آهي، هن کي ڪنھن بہ صورت ۾ گم نہ ڪجو. بلڪ پاڻ سان گڏ رکو. ان لاءِ ڪپڙي جي گنجي ٽائيپ صدري ٺھرائي ان ۾ وڏن کيسن وارا زپ هڻائي، پئسا ۽ پاسپورٽ ان ۾ رکجو ۽ ياد رکو تہ پئسا ڪڏهن بہ هڪڙي کيسي ۾ نہ رکجو.“ مون کي خيال آيو تہ الطاف صاحب صحيح چيو هو. اسان کي ان جي صلاح تي عمل ڪرڻ گهرجي.