تينگئن آبشار
پاڻ پيٽر سان هڪ دفعي ٻيھر اُبد جي روڊن جي رونقن کي محسوس ڪري، هتان جي سونھن جي سواد جو مزو وٺي رهيا هئاسين. اُما انيار آبشار کان تينگئن واٽر فال تائين 2.4 ڪلوميِٽر جو پنڌ هيو. جيڪو هن تقريبن پنجن ڏهن منٽن جي ڊرائيو کان پوءِ پورو ڪيو ۽ اُبد جي شھر کان 10.1 ڪلو ميٽر يعني تقريبن 21 منٽن يا 1ڌ ڪلاڪ جو پنڌ آهي. هاڻي پاڻ تينگئن آبشار ۾ انٽري هڻي رهيا هئاسين. مين گيٽ تي سيڪيورٽي مورچو ٺھيل هيو، جتي ٽڪيٽون پڻ سيل ٿي رهيون هيون. اسان چار ٽڪيٽون خريد ڪيونسين. ڇو تہ اسان سمجهيوسين تہ ڊرائيور جي ٽڪيٽ نہ هوندي پر جڏهن پارڪنگ ايريا ۾ ٽيڪسي پارڪنگ ڪئي تہ ڪنھن ڊرائيور ٻڌايو تہ، ”ڊرائيور جي ٽڪيٽ فري نہ آهي.“
پيٽر وري سيڪيورٽي ڪيبن ۽ ٽڪيٽ گهر ڏي واپس ويو ۽ هن سان جاني بہ ساڻ هليو. اها ڳالھہ درست هئي تہ ڊرائيور جي ٽڪيِٽ فري نہ هئي، پرتاب پيٽر جي ٽڪيٽ پاڻ ورتي. هاڻي اسان وٽ پنجن ڄڻن جون ٽڪيٽون هيون، جيڪي انڊونيشن 100000 هڪ لک روپيا هئا. يعني000،20 هزار هڪڙي ڄڻي جا. جڏهن تہ پارڪنگ في پڻ پنج هزار روپيا الڳ آهي، جيڪا پيِٽر پاڻ ڀري هئي. پيٽر بہ اسان جي ڪمپني جو ساٿي بڻجي ويو هو. ان ڪري اسان چاهيون پيا تہ پيٽر کي بہ پاڻ سان گڏ تينگئن آبشار تائين وٺي هلون، ڇو تہ هو پاڻ بہ گهمندو ۽ ٻيو تہ اسان جي سامان جي بہ حفاظت ڪندو ۽ اسان جا ڦوٽو پڻ ڪڍندو رهندو. ياد رکو تہ هي واٽر فال صبح سوير ساڍي ڇهين وڳي کلندو آهي ۽ شام جو ساڍين ڇهين وڳي بند ٿيندو آهي.
پاڻ ٽڪيٽون هٿن ۾ ڪري اڳتي وڌندا رهياسين. روڊ جي ٻنھي پاسن کان تمام وڏا دڪان هئا. ڄڻ تہ هي بہ هڪڙو شھر هو. جنھن ۾ ضرورت جي هر شي موجود هئي. اڳيان سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ هئي، جتي ٽڪيٽون چيڪ ڪرڻ سان گڏ اسان جي بہ جهڙتي ورتي وئي. پاڻ اتان ڪليئر ٿي نڪتاسين تہ سامھون کان مڪئي جي سنڱ وارو دڪان نظرآيو. جاني دڪان ڏسندي ئي اتي ئي بيھي رهيو. جاني سنگ ورتا سو سنگ کائيندا اڳتي تينگئن آبشار ڏي هلندا رهياسين.
گهڻو ڪري سڀني دڪانن ۾ عورتون ئي واپار ڪري رهيون هيون. ڪولڊ ڊرنڪ، جوسز، چپس، آئس ڪريم، ناريل ۽ ٻين کائڻ پيئڻ جي شين سان گڏ، ننڍا وڏا تحفن جا تمام گهڻا دڪان هئا. خاص ڪري عورتن ۽ مردن جا سبيل ڪپڙا، پينٽون، شرٽون، ٽي شرٽون، ٽارائوزرس، ٽوپلا ۽ ليڊيز پرسس نمايان لٽڪندي نظر پئي آيا.
مطلب تہ تمام وڏي بازار هئي،جتي خاص ڪري عورتن جي وڏي رش هئي. جاني جو موهيندڙ، وڻندڙ ۽ نمايان اسٽائيل هيو. هن کي سفيد رنگ جي بنا ٻانھن واري گنجي پاتل هئي ۽ ان سان هن کي ٽائورز پاتل هيو ۽ پيرن ۾ ڪھين واري چمپل. هتي ڪير بہ ڪنھن جي ڪپڙن کي نہ ٿو ڏسي تہ توهان کي ڪپڙا پاتل بہ آهن يا نہ. ڀلي توهان اگهاڙا هلندا وتو، توهان ڏي ڪو بہ ماڻھو متوجھہ نہ ٿيندو، ڇو تہ ڪنھن کي ايترو ٽائيم ڪونھي جو بيھي توهان کي ڏسي. اڳيان ئي فريش جوس جو دڪان هيو. جنھن جي ڪائونٽر واري ٽيبل جي ٻاهران انگريزي ۾ لکيل هو؛
D’ayodhya Resto
Fresh Fruit Juices, Smoothies, Milk Shakes
هتي جيڪي فريش جوسز هئا، انھن ۾ اناناس، ڊريگن، ڪيلو، ڇانھين، انب، صوف، ۽ مالٽي سان گڏ پپيتي جو جوس موجود هيو. انھن فروٽن جي پاسي ۾ ٻہ ناريون پڻ بيٺيون هيون، جيڪي ايندڙ ويندڙ ماڻھن کي سڏي جوس خريد ڪرڻ لاءِ هوڪا ڏيئي رهيون هيون.