اُما اَنيار آبشار جو روبدار آواز ۽ کير جھڙو پاڻي
هيٺ اونھو واٽر وهي رهيو هو، جنھن ۾ جيتوڻيڪ گهڻو زور ۽ وهڪرو نہ پئي نظر آيو. پر تنھن هوندي بہ احتياط نھايت ضروري بڻجي ويو هيو. ان اما انيار واٽر فال جي شروع ۾ هڪڙي ماءُ/عورت جي مورتي ٺھيل هئي، جنھن جي هنج ۾ ننڍڙو ٻار هيو. ٻار روئي رهيو هو. پر ماءُ جا تاثر اهي هئا تہ هوءَ پنھنجي ٻار کي ريجهائي رهي هئي. هن جي مورتي ڏاڪڻ سان ئي گڏ هئي. اسان ان ماءُ جي جذبي کي سلام ڪندي اڳتي وڌندا وياسين.
آبشار جو آواز اسان کي تمام ويجهو ٿيندو پئي ويو. اسان آبشار جي سڏ کي ورنائي رهيا هئاسين. هو اسان کي پڪاري رهيو هو ۽ چئي رهيو هو تہ، ”اچو اچو اي پرديسي پرين پيارا، مان توهان لاءِ پنھنجي سونھن جون ٻانھون کولي ڇڏيون آهن، مان توهان کي پنھنجي پاڪ پويتر پيار جي پاڻي سان وهنجارڻ لاءِ آتو آهيان.“ پرتاب اسان کان اڳ ۾ ئي آبشار جي ٿڌي پاڻيءَ سان شنان ڪري هيٺ لھي آيو هو. هاڻي منھنجو وارو هيو ۽ مان اڳتي وڌان پيو، جاني منھنجي پويان اچي پيو.
ڊاڪٽر جو ساھہ فون تي هيو. هو ديس واسين کي هن اما انيار جا موهندڙ منظر لائيو ڏيکاري رهيو هو. هر ڪنھن کي آزادي هئي. هر ڪو پنھنجي منھن سان هيو. ڪنھن کي بہ ڪا جهل نہ پل هئي. ڪو ڪٿي تہ ڪو ڦوٽو ڪڍرائي، هنن خوبصورت لمحن کي ڪيمرا جي اک ۾ قيد ڪرڻ چاهي پيو. نيٺ مان بہ پير سنڀاري مٿي آبشار جي دامن ۾ پناھہ ورتي، پر اما انيار جو پاڪ پاڻي مون کي ڳراٽڙي پائي چيو تہ، ”اڃان اڳتي اچ، اڃان مٿي اچ ۽ منھنجي نيڻن جي ٽمندڙ پاڻيءَ کي محسوس ڪري منھنجي درد کان آشنا ٿي. مان اڃان مٿي چڙهي هن جي ويجهو ٿي ڏس. هن پاڻيءَ ۾ ايڏي ڪشش ڪٿان آئي هئي، ڪا خبر نہ هئي. ائين لڳو تہ ڪا غيبي طاقت آهي، جيڪا منھنجن پيرن کي پٿرن تي مضبوطي سان ڄمائيندي مون کي مٿي پاڻ ڏانھن ڇڪي رهي آهي. هي ٻيئي ڇوڪرا حيران هئا ۽ هو پوئتي ٿي رهجي ويا هئا. مون ڏٺو تہ اهي اتي ئي هيٺ بيھي رهيا آهن ۽ مان مٿي چڙهي رهيو هيس.
پيٽر تہ پوئتي اتي ئي واٽ ۾ ئي ويھي ويو هو. هو ٿڪجي پيو هو. هن جي همت نہ ٿي هئي تہ هو اڳتي مٿي آبشار جي ڀاڪر ۾ اچي پناھہ وٺي. اسان بہ ضد نہ ڪيو. هن جي مرضي هئي. اسان جي ٻن گائيڊ ڇوڪرن مان هڪڙو ڇوڪرو مون سان هيو ۽ هو منھنجون تصويرون ٺاهي مون کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
مان هاڻي بلڪل آبشار جي مٿان ڪرندڙ پاڻي جي هيٺ بيٺو هيس. هن پاڪ پويتر پاڻي منھنجي سڄي بدن کي پُسائي ڇڏيو هو. مون پنھنجي موبائيل اڳ ۾ ئي گائيڊ ڇوڪري جي حوالي ڪري ڇڏي هئي. مان ۽ اُما انيار آبشار ڀاڪر پائي هڪ ٿي ويا هئاسين. ايڏي ٿڌي پاڻيءَ سان مان ڪڏهن بہ نہ وهنتو هيس. واھہ واھہ !!!. پاسي ۾ جبل ۽ ان جي گهرائي جون پاڙون پکيڙيل قداآور وڻ، هن آبشار جي سونھن ۾ اضافو ڪري رهيا هئا. پاڻي جي ڪري پٿر ترڪندڙ ٿي ويا هئا. ٻہ ٽي دفعا پاڻ کي بچائيندي، پير ترڪي پيو، پٿر تي نہ بيٺو، پر پوءِ بہ پاڻ کي سنڀالي، ڪرڻ کان بچائي ورتو. ائين لڳو تہ ڪنھن غيبي طاقت مون کي ٻانھن کان پڪڙي مون کي هيٺ ڪِرڻ کان بچائي ورتو هيو.
جاني هاڻي مٿي اچي چڪو هو ۽ مان هيٺ لھي آيو هيس. اسان هن جنت ۾ هڪٻئي کان صفا الڳ الڳ ٿي ويا هئاسين. پرتاب پل پار ڪري واٽر جي هُن پار پاڻي ۾ هيٺ لھي ويو هو ۽ اتي ئي پٽ تي ليٽي هن فطري سونھن کي دل جي گهراين سان ۽ روح جي اوچائين سان محسوس ڪري رهيو هو. هن کي شايد هتي تمام وڏو روحاني سڪون مليو هو. هو اتي ڪافي دير خاموش ليٽيل رهيو. ان مان اندازو ٿي رهيو هو تہ شايد هو ان آبشار جي پاڻي سان سرگوشيون پيو ڪري. آبشار جو صاف شفاف کير جھڙو پاڻي، اکين جي روشني سان گڏ اندر جي رونقن ۾ پڻ ترورا پيدا ڪري، روح کي تازگي بخشي رهيو هو.