پانڊوا بيچ تي انڊونيشين فيملي سان ملاقات
۽ پوءِ تہ ڪيتريون ئي تصويرون نڪتيون. ڦوٽوگرافي جڏهن عروج تي پھتي تہ واپس پانڊوا بيچ تي اچڻ ٿيو. پيٽر ٽيڪسي کي پارڪنگ ايريا ۾ بيھاري ڇڏيو. اسان بيچ جا خوبصورت منظر ڏسندي، سمونڊ ڪناري تي هلندا رهياسين. هي انتھائي صاف سٿرو بيچ هيو. هن جي واري نرم ملائم هئي. پير رکڻ سان ڪا بہ ڪڪري يا پٿري پيرن ۾ نہ پئي لڳي ۽ نہ ئي وري محسوس ٿئي پئي. ٿوري دير کان پوءِ پرتاب شرٽ لاهي سن باٿنگ جو مزو وٺندي پلٿي هڻي واريءَ تي ويھي رهيو ۽ مان هن جي ويجهو بيھي اوسي پاسي جي ماحول جو مزو وٺي رهيو هوس تہ ساڳي وقت سمونڊ ڪناري مستي ۽ موج ۾ ايندڙ ويرن جي ڪيفيتن جو بہ مزو وٺي رهيو هئس تہ سمونڊ بہ ڪيئن ماڻھن جي دلين ۾ موسم ۽ موسيقي جيان پنھنجو اثر ڇڏي ماحول ٺاهي، ذهني عياشيءَ جو ماحول مھيا ڪري ٿو. هي بيچز سچ ۾ تہ عياشي ۽ اينٽرٽينمٽ جا اڏا هوندا آهن.
جاني ۽ ڊاڪٽر وارن جو خيال هو تہ پاڻي ۾ لھي پئجي ۽ تڙڳجي، پر مون کي الائي ڇو سمنڊ جي پاڻيءَ کان ڊپ لڳندو آهي. ڊرپ ان سينس ۾ نہ تہ ٻڏي ويندس، ڊپ ان سينس ۾ تہ ڪٿي ڪو جيت جڙيو چڪ نہ هڻي ۽ پوءِ ويٺو پرديس ۾ چمڙي واري ڊاڪٽر جي ڳولا ڪيان. ڇو تہ اسان جو ايڊووڪيِٽ دوست پير هني (غلام محمد صديقي) جڏهن آمريڪا جي ڪنھن بيچ تي گهمڻ ويو هو تہ هن کي ڪنھن جيت چڪ پاتو هيو، ان لاءِ هن کي وڏي تڪليف آئي هئي ۽ هن کي تمام گهڻو ڀوڳڻو پيو هو. منھنجي ذهن تي اڃان بہ هن جي اها ڳالھہ ويٺل هئي. ان ڪري مان سمونڊ جي پاڻيءَ سان کيچل ڪرڻ نہ پيو چاهيان ۽ سمونڊ ڪناري معتبر ماحول جو مزو وٺان پيو.
دوستن پنھنجون شرٽون، موبائيلون، پرس ۽ ٻيو قيمتي سامان منھنجي حوالي ڪندي، پاڻ سمونڊ جو رخ ڪيو هو. مان دوستن جي وڊيو بہ ٺاهي رهيو هئس تہ سامان تي بہ نظر رکي رهيو هئس.