آبشار ۾ ڀنل جسمن جي خوشبو
سو مان بہ هنن جي پويان ئي ويس. رستي تي ڪيترائي پٿر پيا هئا، جن جي ڪابہ ترتيب، ڪا بہ سيٽنگ نہ هئي. آبشار جي پاڻي ڪرڻ جي ڪري هي پٿر ترڪڻا ٿي چڪا هئا. هن آبشار جي پاسي ۾ ڪافي وڻ ۽ گهاٽو جهنگ هيو. پٿرن تان ڪاٺي کڻي، ان تي زور/ٽيڪ ڏيندي آبشار ڏي وڌڻ لڳس پر ڪاٺي پھرئين زور ۾ ٽٽي ٻہ اڌ ٿي پئي هئي. پر پوءِ بہ پاڻ همت نہ هاري نيٺ آبشار جي هيٺان پھچي حيدري نعرو هڻي، پاڻ ۾ هڪ نئين جذبي جو روح ڦوڪيو.
آبشار جو پاڻي ڏاڍو ٿڌو هيو ۽ ان سان گڏ صاف شفاف پڻ هيو. هيٺ پٿرن تي پاڻي جي ڪري سينور واري ساواڻ ٿي ويئي هئي، جتي ڪنھن بہ ماڻھوءَ جو پير ترڪي سگهي پيو. پاڻ کي سنڀاليندي ۽ بورڊ وارن هدايتن تي عمل ڪندي اڳتي وڌي وياسين. هاڻي پاڻ ٽيئي ان آبشار جي پاڻي جي پاسي ۾ بيھي ٿڌي پاڻي سان شنان ڪري، زندگي جو ٻيو خوبصورت روپ محسوس ڪري رهيا هئاسين.
ڊاڪٽر هن پاسي نہ آيو هو. هو سڌو رستو وٺي اڳتي نڪري ويو هو. جيتوڻيڪ مون هن کي ڪافي سڏ ڪيا پر هن اسان ڏي ڌيان گهٽ ڏنو. ڇو تہ هن جي نگاهن جو مرڪز هن وڏي آبشار جو ڪرندڙ پاڻي هيو. سو اسان اتان کان ئي شارٽ ڪٽ ڪندي، پاسي واري هوٽل جي اندران ئي ماڻھن جي وچان نڪري اصل آبشار ڏي روانا ٿياسين.
جيتوڻيڪ هوٽل جو مالڪ اسان کي ڪاوڙ مان ڏسي رهيو هو ۽ دل ئي دل ۾ چئي رهيو هو تہ، ”هي ڪو لنگهہ يا رستو تہ ڪونھي، جو توهان گهڙي پيا هو.“ پر هن ڪجهہ بہ نہ چيو. اسان کان پوءِ هن اهو رستو بہ بند ڪري ڇڏيو تہ جيئن ڪو هتان کان نہ گذري ۽ هن جا گراهڪ ڊسٽرپ نہ ٿين. هن سفر ۾ پيٽر بہ اسان سان گڏ هيٺ لٿو هو. جيتوڻيڪ پيٽر جو اڄوڪي ڏينھن جو تجربو ڏاڍو ڪٺن هيو پر هن اسان کي جواب نہ ڏنو ۽ هيٺ لھندو هليو.
هاڻي پاڻ بلڪل ڏاڪڻيون لھندا هيٺ لھي وياسين. هتي ماڻھن جي تمام گهڻي پيھہ هئي. سامھون کان بانس جا ٻہ ٽي لڪڙا گڏ ٻڌل هئا، جيڪي اڳيان ڍنڍ جيان ڏيک ڏيندڙ پاڻي تي رکيل هئا. هي ڦوٽوگرافي جي بھترين پوائنٽ هئي. ڇو تہ هن جي بئڪ گرائونڊ ۾ جبلن ۽ آبشار جي پاڻي جو شاندار منظر نظر پئي آيو. سياح اتان انھن لڪڙن تي پنڌ ڪندي، لڪڙن جي ڇيڙن تي پھچي تصويرون ڪڍرائڻ ۾ مصروف هئا.
ان جاءِ تي ڪنڊ ۾ هڪڙو دڪان هيو. جنھن وٽ ڪاٺ جي پٽين ۾ ڪيترائي ڏاهپ وارا عجيب قول لکيل هئا. خاص ڪري پريمي جوڙن بابت ۽ پيار جي باري ۾. مون بہ ان دڪاندار جي پرمشن جي بغير هڪڙو ڪاٺ جو ٽڪڙو جنھن تي انگريزي ۾ سفيد اکرن ۾ لکيل هيو
“you should be here” جنھن کي سيني سان لائي جاني کي چيو تہ ”هن سان هڪڙي تصوير ڪڍو.“
جاني منھنجي تصوير ٺاهي ورتي، ان کان ڊاڪٽر بہ آيو ۽ هن بہ اتان هڪڙي پٽي کنئي جنھن تي لکيل هيو، “Love forever, love together” جنھن سان هن تصوير ڪڍرائي، دڪاندار اسان کي ڏسي رهيو هو تہ هي ڇاپيا ڪن. نہ اجازت نہ موڪل نہ ئي عرض. بهرحال هن شايد اسان کي اجنبي سمجهي اها حجت برداشت ڪئي هجي پر اسان جو اهو عمل اصل ۾ اصولن ۽ اخلاقن صحيح نہ هيو.
پيٽر ان جاءِ تائين اسان سان ساٿ نڀايو پوءِ معذرت ڪندي چيائين تہ، ”مان ڏاڍو ٿڪجي پيو هان، هن کان اڳتي توهان سان نہ ٿو هلي سگهان، مان هتي ئي بيھان ٿو، توهان آبشار کان ٿي اچو.“ جبل جي هيٺان ڪنڊ ۾ پاڻي جو نل وهي رهيو هيو جنھن جي مٿان پٽي لڳل هئي، جنھن تي ”هولي واٽر يعني پاڪ پاڻي“ لکيل هو.