ڊيوڊ ۽ ميري سان ملاقات
مون هن کي ٻڌايو تہ، ” مان اصل ۾ وڪالت جي پيشي سان سلھاڙيل آهيان ۽ ان سان منھنجو ادب سان بہ تعلق آهي. مان شاعر هئڻ سان گڏ ليکڪ پڻ آهيان. منھنجا هيل تائين 28 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.“ هن جي چھري تي مرڪ تري آئي هئي ۽ هن خوشيءَ جو اظھار ڪندي چيو هو، ”مون کي توهان سان ملي خوشي ٿي آهي.“ مون بہ هن کي مسڪرائي چيو تہ، ” مون کي بہ گهڻي خوشي ٿي آهي.“
مون پرتاب جو ڌيان ڇڪائيندي چيو تہ، ”سائين جو تعلق برطانيا سان آهي.“ پرتاب هن کي پنھنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو تہ هن جو تعلق ايجوڪيشن سيڪٽر آهي، هو اين جي او ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هن جي سسٽر بہ برطانيہ ۾ رهندي آهي.“ جنھن تي مسٽر ڊيوڊ هن کي مسڪرائيندي چيو تہ، ”تہ برطانيہ جو اهو علائقو تہ اسان جي ويجهو آهي.“
هو ڏاڍو خوش مزاج، سليقي وارو شخص هو. مون هن کان هن جي اولاد جي باري ۾ پڇيو، جنھن تي هن جواب ڏنو تہ، ” اسان جي هڪڙي ڌيءُ آهي جيڪا آسٽريليا جي سڊني شھر ۾ رهندي آهي. هن جو تعلق بہ ايجوڪيشن سان آ. هوءَ ڪنھن پرائيوٽ ڪاليج ۾ پڙهائيندي آهي.“
”زبردست! تہ پوءِ توهان ٻيئي نانا ۽ ناني تہ ضرور ٿي ويا هوندو.“ مون هن کان پڇيو.
”نہ نہ.“ منھنجي ڌيءَ کي ڪو بہ اولاد ناهي، بلڪ حقيقت اها آهي تہ هو ٻار ڄڻڻ نہ ٿي چاهي.“ هن جي چھري تي مايوسي هئي.
”او آئي سي.“ مون ڪنڌ لوڏيو.
مون پرتاب کان علاوہ جاني ۽ ڊاڪٽر جو بہ هن سان تعارف ڪرايو هو. هن جي ڳالھائڻ جو انداز بہ ڌيمو، معزز شھري ۽ پروقار شخصيت جھڙو هو. هن جو سڄو مٿو اڇو هو، پر هن اسان جي خطي جي ماڻھن وانگي نہ وارن کي رنگ ڪري ڪارو ڪيو هو ۽ نہ ئي وري ڳاڙهو. هن جا وار سفيد ۽ هو ڪلين شيو هو. هن کي جينز جي بلو پينٽ ۽ چيڪ تي شرٽ پاتل هئي. هن ٻڌايو تہ هن جو شوق پراڻيون ۽ ناياب تصويرون گڏ ڪرڻ آهي ۽ هن اهي ناياب تصويرون گڏ ڪري هڪڙو وڏو البم پڻ تيار ڪري رکيو آهي.
”پوءِ توهان اهو ڇپرايو ڇو نہ ٿا؟“ مون هن کان پڇيو.
”جي ضرور ڇپرائيندس، جڏهن موقعو مليو.“ هن جواب ڏنو.