ڦڙتو ڊرائيور جا ڪمال
هتي اسان هڪڙي ڳالھہ نوٽ ڪئي تہ ڪو بہ سياح ڦوٽو ڪڍرائڻ مھل ڪنھن کي بہ ٻي سياح کي ڊسٽرب نہ پيو ڪري، البتہ جيڪڏهن ڪو رستي تي بيھي ڦوٽو ڪڍرائي پيو تہ اڳيون ماڻھو ٿوري دير لاءِ بيھي رهي پيو ۽ هو اوسيتائين بيھي رهي پيو جيسيتائين تصويرون نہ پيون نڪرن. مجال آ جو هو توهان کي ڊسٽرپ ڪري يا چئي تہ، ”بيھو بيھو اسان نڪري وڃون پوءِ تصويرون ڪڍجو.“ نہ نہ. سوال ئي پيدا ڪونھي. هو پاڻ بيھي رهندا پر توهان کي ڦوٽو ڪڍڻ کان منع نہ ڪندا.
نيٺ گائيڊ رڙ ڪندي چيو تہ، ”اچو اڃان تہ ورجن بيچ بہ رهيل آهي اتي گهڻيون تصويرون ڪڍرائجو.“ اسان ان جاءِ تان نڪري واپسي وارو رستو وٺي ورڻ لڳاسين. پاڻ جڏهن واپسي واري گيٽ جي ويجهو پھتاسين تہ اسان جو گائيڊ کاٻي پاسي لڙي پيو. هن پاسي بہ ڪا پوائنٽ هئي، ڇو تہ هتي بہ ماڻھن جي وڏي رش هئي ۽ هي اسان وارو همراھہ بہ ان پاسي تڪڙيون وکون کڻي رهيو هيو ۽ اسان هن جي پويان هلندا رهياسين.
هن ٻڌايو تہ، ”هتي بہ سمونڊ جون ڇوليون، بھترين منظر ۽ موهيندڙ نظارا آهن. هي جبل بہ انتھائي خوبصورت ڏيک ڏيئي رهيو آهي. توهان هي بہ ڏسي وٺو تہ اڳتي هلون.“ پاڻ هن جي پويان پيا هلون. ان پاسي وڃڻ جو رستو بلڪل نہ هيو پر پوءِ بہ جيئن تئين ڪري پٿرن تي چڙهي ان پوائنٽ تي پھچي وياسين.
سمونڊ جو پاڻي هن جبل جي ٽڪرين کي ڪوري چڪو هيو. سمونڊ وڏي مستي ۾هيو. ايڏيون تہ زوردار ڇوليون هلي رهيون هيون جو جڏهن ڪا وڏي مست وير اچي جبل سان ٽڪرائجي پئي تہ ايڏو تہ ڌماڪو ٿئي پيو جو خبر پوي پئي تہ پاڻي ۾ ڪيڏي وحشت ۽ دهشت آهي. اسان جو جاني هون ئي شرارتي آ، سو هو جبل جي ڪنارن کان ٿيندو اڃان بہ هيٺ وڃڻ جي ڪري پيو، جيڪو انتھائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي پيو.
مون جاني کي منع ڪندي چيو تہ، ” بس جاني، ان کان اڳتي هيٺ نہ وڃو.“ هو ڦوٽو ڪڍرائڻ جي چڪر ۾ اڃان بہ پرتي نڪري وڃڻ چاهي پيو. هتي پاڻي جون ڇوليون ايڏيون تہ تيز هيون جيڪي مٿي جبل جي چوٽي تي اچن پيون. پاڻي جو بار بار جبل سان ٽڪرائجي وڃڻ جي ڪري ان جبل تي ايترا تہ وڏا کڏا ٿي ويا ها، جو جيڪڏهن ڪو ماڻھو ان کڏي ۾ لڪي ويھي رهي تہ ڪنھن کي بہ خبر نہ پوي تہ اهو ماڻھو ان کڏي ۾ لڪل آهي يا ڪاڏي ويو.
پرتاب ان جاءِ تي ليٽي آسمان ڏي منھن ڪري، آسمان سان سرگوشيون ڪندي ڦوٽو ڪڍرايا. ساڳي ريت مستيون مذاق ڪندا هن ماحول ۾ گم ٿي وياسين. هتان جو هر منظر خوبصورت هيو. ان ڪري واپس ٿيڻ جو نالو ئي نہ پيا وٺون. اسان جو گائيڊ هاڻي تہ اڃان بہ وڌيڪ تڪڙ ڪرڻ لڳو، سوچيندو هوندو تہ، ”هنن کان واھہ جو ڦاٿو آهيان.“ اسان بہ هن جو ساٿ ڏنو ۽ پوءِ ان سمونڊ ۽ ان جي خوبصورت سفيد کير جھڙين ڇولين کي اداس ماحول ۾ ڇڏي اڳتي نڪري آياسين، ڇو تہ هاڻي پاڻ کي ورجن بيچ پڪاري رهيو هيو.