بروڪن برج تي موج مستيون ۽ پريمي جوڙن جون پيار
اسان جا دوست بہ ڇڙوڇڙ هئا، ڪي اڳتي تہ ڪي پوئتي. مان ڪيڏي مھل پنھنجي موبائيل سان رڪارڊنگ ڪري رهيو هئس تہ ڪيڏي مھل تصويرون بہ ڪڍي رهيو هئس. ٽنھي دوستن وٽ آئي فونز هيون، جن جي ڪيمرائن جي رزلٽ شاندار هئي. پرتاب، جاني ۽ سنتوش وارا ڦوٽا ڪڍڻ ۾ مصروف هئا. بروڪن برج تائين پھچندي ڪافي پنڌ ڪرڻو پيو هو. هاڻي تہ گرمي ۾ وٺجي ويا هئاسين. اڄ اُس بہ ڏاڍي تيز هئي.
پر تنھن هوندي بہ بروڪن برج جي سڪ کي سيني سان لائي، پاڻ اڃان بہ اڳتي تڪڙا تڪڙا قدم کڻي رهيا هئاسين. اُڀڪپريون، لھواريون، هيٺ مٿي، جبل جون چوٽيون چڙهي، بروڪن برج ڏانھن وڃي رهيا هئاسين. نيٺ جڏهن جبل وٽ تي پھتاسين تہ اتان کان روڊ ختم ٿي چڪو هو. هاڻي ننڍا ننڍا پيچرا هئا. اسان کڏن کٻن کان هلندا، مٿي چوٽي تي چڙهي آيا هئاسين. جتي سياحن جي ڪافي رش هئي.
سياحن سان گڏ پروفيشنل ڦوٽو گرافر بہ موجود هئا. جن پنھنجي ڦوٽوگرافي جا جوهر پئي ڏيکاريا. هنن ڦوٽو گرافرن سان گڏ ڪيئي پريمي جوڙا بہ هئا، جيڪي انھن جوڙن جون تصويرون ڪڍي انھن کي خوش ڪرڻ جي ڪري رهيا هئا ۽ اهي هنن ڦوٽوگرافرن جي فنڪاراڻا صلاحيتن جي ور چڙهيل هئا ۽ انھن جي هدايتن تي ٺاهي ٺاهي پوز هڻي رهيا ها.
اسان جي سامھون هڪڙو پريمي جوڙو هيو. ڇوڪري جي چيلھہ تي ڇوڪرو ٻک هڻي بيٺو هو. ڦوٽو گرافر وري هنن کي ٻيو پوز ڪرڻ لاءِ سمجهايو. اهڙي ريت ڦوٽوگرافر نيڪسٽ نيڪسٽ ڪندو ويو. هن دفعي ڇوڪِري کي ڇوڪري جي ٻانھن تي ليٽايو ويو هو. ڦوٽو گرافر رڙ ڪري چيو، ”دس از دي بيسٽ پوز.“ اهڙي قسم جا تمام گهڻا سين ڏسڻ لاءِ مليا. مطلب تہ اسان کي اهو سڀ عجيب ان ڪري لڳي رهيو هو تہ اهو اسان پھريون دفعو ڏسي رهيا هئاسين.
پاڻ اڃان بہ اڳتي جبل جي اهڙي ڪناري تي اچي بيٺاسين، جتان بروڪن برج صاف نظر اچي رهيو هو. بروڪن برج اصل ۾ اهو جبل جو ٽڪرو هيو جيڪو وچان سڄو ڪوريل هيو ۽ ان ڪوريل يا ڪٽيل جبل جي وچان سمونڊ جو پاڻي وهي اڳتي نڪري وڃي رهيو هو.
اسان جنھن جبل جي ڪناري تي بيٺا هئاسين، اتان کان هيٺ سمونڊ جو پاڻي وهي رهيو هيو ۽ ان کان ٿورو پري سامھون ئي اهو بروڪن برج نظر پئي آيو. ان تائين پھچڻ لاءِ اسان کي يا تہ ان جبل کان هيٺ لھڻو پوي ها ۽ سمونڊ جو پاڻي جهاڳي اڳيان ان بروڪن برج جيڪو دل جي شڪل جيان ڪوريل هو، ان تائين پھچي سگهجي پيو، جيڪو اسان لاءِ ممڪن نہ هيو. ان کان علاوہ ممڪن آ تہ ڪو ٻيو بہ رستو هجي پر اسان کي نظرڪٿان بہ ڪو لنگهہ يا لڪ نہ آيو ۽ نہ ئي ڪو ماڻھو ان پاسي ويندي يا ايندي نظر آيو.