الوداع بالي...وري ملبو
هاڻي ڊرائيور بہ اچي ويو هو. هي عمر ۾ پوڙهو هيو پر ڪافي تجربيڪار ڊرائيور لڳي پيو. اسان سامان سنڀالي، پنھنجا ٿيلھا ان بلو برڊ گاڏي جي ڊڪي ۾ رکيا. گاڏي هاڻي بالي جي روڊن تي ڊڪي رهي هئي. بالي جو هر منظر اکين کان اوڏو ٿيندو پيو ويو ۽ اسان جي دل بہ مرجهائجندي پئي وئي.
اهڙي ريت پاڻ بالي سان گڏ انڊونيشيا کان موڪلائي رهيا هئاسين. خوشگوار ماحول ۾ هرڪو پنھنجي ڪمن ڪارن ۾ مصروف هيو. انڊونيشيا جي زندگي روان دوان هئي. اسان پرديسي پکي اڃان بہ هڪڙي ٻي اجنبي ديس ڏانھن اڏام لاءِ ايئرپورٽ وڃي رهيا هئاسين. ائين ئي بالي جا منظر اکين کان ڏور ٿيندا پئي ويا ۽ اسان ٿوري دير ۾ انڊونيشيا جي ايئرپورٽ تي هئاسين.
اسان جي فلائيٽ Batik Air Malaysia OD 178 هئي. اسان هينئر بالي جي ايئرپورٽ Denpasar Bali (NgurahRai) تي هئاسين. هن وقت صبح جا يارنھن ٿين پيا ۽ اسان جي فلائيٽ (هتان کان 12.45 تي هئي. جڏهن تہ اسان جي ملائيشيا جي ايئرپورٽ ڪولائمپر Kuala Lumpur Terminal 1 تي 03.30 تي لينڊنگ هئي.
هن ايئرپورٽ کان هُن ايئرپورٽ تائين ٽن سوا ٽن ڪلاڪن جو سفر هيو. هاڻي پاڻ چيڪنگ جا سڀ مرحلا طئي ڪري جھاز ۾ اچي پھتاسين. ايئرپورٽ تي ٻيجل جي ڪال ايندي رهي، جنھن سان گفتگو اوسيتائين جاري رهي، جيسيتائين ايئرهوسٽس اچي چيو ”تہ فلائيٽ اڏامي ٿي، توهان سيل آف ڪري ڇڏيو.“
مون هن جي حڪم جي تعميل ڪئي. بالي جي ڌرتي کي، هتان جي هوائن ۽ فضائن کي خداحافظ چئي آڪاش تي اڏام ڪري رهيا هئاسين. هن فلائيٽ ۾ اسان کي 20 ڪي جي وزن/سامان کڻڻ جي اجازت هئي. ان ڪري اسان انڊونيشيا مان هلڪي ڦلڪي شاپنگ ڪئي هئي ۽ گهڻي شاپنگ نہ ڪرڻ جو بہ اهو ئي اهم ڪارڻ هيو.