ورجن بيچ جي ملھار موسم
ڪارا ڪارا بادل بوندون برسائي رهيا هئا. هن بيچ جي خوبصورتي اها هئي جو هن ۾ وڏا وڏا ناريلن جا وڻ سمونڊ جي ڪناري تي پوکيل هئا. اسان سمونڊ ڪناري، ڇولين سان راند ڪري رهيا هئاسين. پريان کان سامونڊي ٻيڙو ڪناري تي لڳي رهيو هو. هن تي ويھڻ لاءِ انگريز فيملي ڪناري تي بيٺل هئي. اهي هن برساتي موسم ۾ سمونڊ جي رونقن جو مزو ماڻڻ لاءِ ٻيڙي ۾ چڙهي، اونھي سمونڊ جي سير ۾ پھچي، ان سونھن جو ڪاٿو لڳائڻ چاهين پيا.
مون کي سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر آڪاش انصاري جومشھورِ زمانہ نظم ياد اچي ويو تہ؛
تون پڇين ٿو پرين!
مان هليو ڇو ويس،
جڏهن شام جو جام خالي نہ هو،
رات رم جهم هئي،
منھنجي ساهن جي جهيڻن سُرن ۾ ستل،
منھنجي بستر تي منڪر ڪا موسم هئي،
تنھنجي ڪجلين اکين جي ڪنارن مٿي،
منھنجي چپڙن جي ٻيڙي لڳي ئي لڳي،
ها انھيءَ کان اڳي مان هليو ڇو ويس...
ڪجهہ انگريز جوڙا اتي ئي هوٽل تي رکيل بيڊن تي ليٽيل نظر آيا، جن پاڻ کي بارش جي بوندن کان بچائڻ لاءِ چادرن سان ڍڪي ڇڏيو هو. اسان انھن جو مزو خراب نہ ڪرڻ چاهيو. ان ڪري پاڻ هنن کان ڏور پنھنجي الڳ ٿلڳ مزي جي ڳولھا ۾ هئاسين. هتي سمونڊ تي رولاڪيون ڪندي ڪافي وقت ٿي چڪو هو. ان ڪري آهستي آهستي ٻاهر نڪرڻ جي ڪئيسين. ڪائونٽر تي اچي بل ادا ڪندي، نارين کي فريش جوس پيارڻ جو ٽپ ڏيئي ٻاهر نڪري آياسين.
جاني، پرتاب ۽ ڊاڪٽر پير ڌوئڻ واش روم ۾ هليا ويا. پاڻ هوٽل کان ٿيندا اچي پنھنجي گاڏي وٽ بيٺاسين. اسان جو گائيڊ ۽ ڊرائيور اڳ ۾ ريڊي هيو. مون اتي ڪجهہ تصويرون گاڏي سان ڪڍرايون. روڊ جي پريان جهنگل کي ڪاٺ جي لڪڙن جو لوڙهو ڏنل هيو، جنھن جي اندر ڇڙيل ڳئون چري رهيون هيون.
هن وقت بہ ڪارا ڪڪر اڀ تي ڏسي مون کي ڀٽائيءَ جو سر سارنگ جو بيت ياد اچي ويو؛
اڄ پڻ اتر پار ڏي، تاڙي ڪئي تنوار،
هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سنگهار،
اڄ پڻ منھنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.