سفرناما

انڊونيشيا جو عشق

ھونئن تہ سفر ناما يادگيرين جو عڪس ھوندا آھن. پر صحبت ھن سفرنامي ۾ انڊونيشيا جي تاريخ، جاگرافيائي حالتون، سماجي مسئلا، معاشي پيش رفت، سياحت جي لاءِ موقعا، سھولتون ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن جو ذڪر ڪيو آھي. ان سان گڏوگڏ اسان جي سفر جا دُک، تجسس، ٽھڪ ھڪ ھڪ لمحي کي من موهيندڙ انداز سان پرويو آھي.

Title Cover of book Indonesia jo Ishq (Love of Indonesia)

قديمي مندر جو بيباڪ جهونو پوڄاري

مختلف چوراهن تي بيھندي، سائي اشارن جو انتظار ڪندي، اڳتي وڌندي نيٺ اچي ڳاڙهي اشاري تي پيٽر بيھي رهيو. پيٽر چيو تہ، ”سائين لھي اچو مندر اچي ويو آهي.“
چوراهو ڪراس ڪري، روڊ جي سائيڊ تي ٽيڪسي کي بيھاري، پيٽر هڪڙي وڏي لوهي گيٽ واري قديمي مندر جي اندر داخل ٿيو .هن مندر جي اڏاوت ٻڌائي رهي هئي تہ هي مندر گهڻو پراڻو آهي. ان کان علاوہ هن مندر جي احاطي مان ئي لڳي رهيو هيو تہ هي مندر ڪافي وڏو آهي.
اسان گيٽ جي ٻاهر پيٽر جي واپسي جو انتظار ڪري رهيا هئاسين. ٿوري دير کان پوءِ پيٽر واپس آيو، پر هڪ دفعي هو پاڻ سان گڏ هڪڙو سٺ سال جو نوجوان پوڙهو پوڄاري بہ ساڻ وٺي آيو. جنھن جي شخصيت ۾ ايڏو جوش، جنون، ولولو ۽ جذبو هو، جو هن اسان جي آو ڀڳت اهڙي تہ پيار ۽ پاٻوھہ سان ڪئي، جو هو ٿوري دير ۾ ئي اسان جو دليون هائيجڪ ڪري، اسان کي پنھنجو ڪري ويو هو.
چوندا آهن تہ محبت جي هٿيار سان ئي دلين کي هائيجڪ ڪري سگهجي ٿو. اهو سچ آهي. هن پوڄاري مندر کان ٻاهر نڪري اچي اسان جو گرم جوشي سان استقبال ڪري، پاڻ پوئين پير هڪدم مندر ۾ واپس ڀڄندو ويو، وڃي ٻين ماڻھن کي اسان جي استقبال لاءِ وٺي آيو. هن سان گڏ ٽي چار ٻيا ماڻھو بہ آيا هئا. هو اسان کي مندر ۾ اندر وٺي ويو هو، هن پوڄاري کي مٿي تي پٽڪو ۽ هيٺ هتان جي ثقافتي ڌوتي ٻڌل ۽ پيرن ۾ چمپل پاتل هئي. انتھائي سادي قسم جو هي ماڻھو اندر ۾ مڻين محبتن جا دستا سمايل هئا.
هن اسان جو استقبال اهڙي بھترين نموني سان ڪيو، جو ائين لڳو تہ هن کي اسان جي اچڻ جي گهڻي خوشي ٿي آهي ۽ هو ان خوشي ۾ ڪپڙن ۾ نہ پئي ماپيو. هو تڪڙ ۾ مندر ۾ ويو ۽ اتان ٻہ ڌوتيون کڻي اچي پرتاب ۽ ڊاڪٽر کي پارايون ۽ اسان کي چيائين تہ، ”توهان ائين ئي صحيح آهيو.“
پيٽر بہ اسان سان گڏ مندر ۾ هليو آيو هيو. پيٽر جيتوڻيڪ عيسائي هيو پر هو ان پوڄا پاٺ ۾ شريڪ ٿيو هو. مون پيٽر کي سمجهائيندي چيو تہ، ” انسانيت جو مذهب دنيا جي سڀني مذهبن کان اُتم آهي. اسان کي هن پوڄاري جي جذبن جو احترام آهي.“ پوڄاري اگربتيون ٻاري، ڪجهہ پڙهڻ لڳو. ٿوري دير کان پوءِ هن عالم انسانيت لاءِ دعا گهري، جيڪا ڳالھہ مون کي ڏاڍي وڻي.
ڊاڪٽر ۽ پرتاب کي ڪجهہ اگربتيون ڏيندي چيو تہ، ”هن سامھون واري ديوتا کي ڀيٽا ڏيو.“ اسان جي ٻنھي دوستن احترام ۾ پيرن مان بوٽ لاهي پيرين اگهاڙي، ان ديوتا جي پاسي کان ٻہ ٽي ڏاڪا چڙهي، اتي اگربتين سان گڏ پنھنجي من جي مراد جا گل پوکيا هئا. پوڄاري ڏاڍو خوش هيو. هو اسان جي مان ۾ هر ڪم ايڏو تڪڙ ۾، جذبي سان سرشار ٿي ڪري پيو، جو ان مان لڳي پيو تہ هن جي اندر مان محبتن جا گل ڦٽي ٻاهر پئي آيا. ان سان گڏ اهو بہ تاثر جڙي پيو تہ شايد هن مندر ۾ سالن کان ڪو ٻاهريون سياح نہ آيو هوندو. جو هن پياري پوڄاري اسان جي اچڻ تي هن ايڏو وڏو مان ڏيئي مانڊاڻ مچايو هو. هن جي پيار ۽ خلوص جو ڪاٿو ئي نہ پيو لڳائي سگهجي.
ڪيڏي مھل تہ مون کي ائين محسوس ٿيو تہ پوڄاري پاڻ ڪٿي محبتن جو ديوتا تہ نہ آهي. هن اسان کي پيار سان پرساد جي ونڊ ڪرائي، ويتر پنھنجو ڪري ڇڏيو هو. هن جي جذباتي طبيعت جي ڪري اسان پاڻ سڀئي جذبات ۾ اچي ويا هئاسين، اسان ۾ ڪو روح ڦوڪجي ويو هو. پوڄاري هاڻ منھنجي هٿ ۾ هٿ ڏيئي اسان کي الوداع ڪرڻ لاءِ مين گيٽ تائين اسان سان رليو آيو. جھڙي ريت هن جي ملڻ جو انداز منفرد هيو، ساڳي ريت هن جي موڪلائڻ جو انداز بہ نرالو ۽ موهيندڙ هيو. موڪلاڻي مھل بہ هن سڀني کي ڀاڪر پائي، چميون ڏيئي، دعائون ڏيندي الوداع ڪيو.
واقعي ئي لڳي پيو تہ هن پوڄاري مندر جي وڏي سيوا ڪئي آهي. ان ڪري هن جي نصيب ۾ ماڻھن سان محبت ڪرڻ آيو هو. سلام آ پوڄاري توکي. زندگي رهي تہ ان پوڄاري سان ملڻ انڊونيشيا ضرور وڃبو. لطيف جو بيت ياد ٿو اچي تہ؛
سيوا ڪر سمونڊ جي، جتي جر وهي ٿو جال،
سوين وهن ٿا سير ۾ ماڻڪ موتي لعل،
جي ماسو ملئي مال تہ پوڄارا پُر ٿئين.