ڪھاڻيون

معذرت سان (اختصاري ڪهاڻيون)

ڪتاب ”معذرت سان“ ليکڪ، صحافي ۽ استاد علي رضا قاضيءَ جي مختصر ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي.
ڊاڪٽر الطاف جوکيو لکي ٿو:
”هن ڪتاب جي ليکڪ مختصر مختصر قسم جي ڪهاڻين جي شروعات سوشل ميڊيا تي ڪئي ۽ ان کي شارٽ- شارٽ اسٽوريءَ جي نالي آهر ’مختصر- مختصر ڪهاڻي‘ ڪوٺيو؛ جنهن کي بعد ۾ مرڪب لفظ ۾ ورجاءَ سبب ’اختصاري ڪهاڻيءَ‘ جي اصطلاح جي راءِ ڏني وئي. مذڪوره اصطلاح ان نسبت ڪم آندو ويو جو اسان وٽ فليش ڪهاڻين لاءِ ڪو خاص نالو اڃا تجويز نه ٿي سگھيو آهي. هي اصطلاح پنهنجي نراليت سبب ڪنهن حد تي قبول ٿيڻ جوڳو آهي. اهڙي قسم جي جديد سنڌي ادب ۾ قاضي علي رضا جون ڪوششون ساراه جوڳيون آهن.“
Title Cover of book معذرت سان (اختصاري ڪهاڻيون)

ڪچا ڦڪا لفظ

هي ڪهاڻين جو مجموعو ’معذرت سان‘انتهائي مختصر ڪهاڻين تي مشتمل ۽ علي رضا قاضي جي ڪاوشن جو نچوڙ آهي. علي رضا قاضي صحافت کان وٺي استادي پيشي سان وابسته هجڻ ڪارڻ ڪافي صنفن تي ڪم ڪيو، ليڪن ڪنهن هڪ صنف تي ملڪي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ضرورت پيش آئي ته ادبي کيتر ۾ ڪو نرالو رستو وٺجي. ان ڪارڻ هن همراه انتهائي مختصر ڪهاڻين جو هڪ سلسلو جاري ڪيو ۽ سوشل ميڊيا تي آڻڻ سان ڪافي داد ۽ تنقيدي رايا حاصل ڪندو رهيو. هن وقت هو اهڙي قسم جي ڪهاڻين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي سگھيو آهي.
دنيا ۾ ڪهاڻين جو سلسلو انسان جي زندگيءَ سان سلهاڙيل رهيو آهي. ايتري قدر جو انسان سمجهه حاصل ٿيڻ بعد ڪهاڻيءَ کي پنهنجو محبوب مشغلي ۾ رکندو آيو ۽ هن جو اٿڻ ويهڻ يا سمهڻ به ڪهاڻيءَ سان مشروط رهيو. هاڻي به ٻار جيستائين ڪا ڪهاڻي نه ٿو ٻڌي يا ڊرامي جي صورت ۾ نه ٿو ڏسي تيستائين سڪون جي ننڊ به ڪونه ٿو طلبي. ان تناظر ۾ ڏسجي ته ادب جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ ڪهاڻي انساني زندگيءَ جي تمام ويجهو رهي آهي.
مختلف دؤرن ۾ ڪهاڻيءَ جي جڙاوت جا مختلف رخ رهيا آهن، جن جي ڪردارن ۾ ڪڏهن جنّ ڀوت، پريون ديوَ ته ڪڏهن بادشاه فقير وغيره؛ ڪڏهن پکي پکڻ يا پسون ته ڪڏهن گھريلو يا خوفائتا جانور؛ ڪڏهن انساني زندگيءَ جا حالات واقعات يا جذبات. انهن ڪردارن ۽ حالتن تحت ڪهاڻيءَ جي ضمني صنفن ۾ اضافو ٿيندو ويو، جيئن: قصا، داستان، آکاڻي، ڳالهه، نيم تاريخي داستان، افسانو، ناول، شارٽ اسٽوري يا ڊرامو وغيره.
هي دؤر ڪمپيوٽر- موبائيل ۽ گلوبل دنيا جو آهي جنهن ۾ ماڻهو واندو هوندي به پاڻ کي مصروف ٿو سمجهي؛ ان ڪارڻ پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ڊيگھ واري معاملي ۾ ڦاسائڻ کان پاسو ڪرڻ لاءِ مختصر اسمن تي اڪتفا ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جديد دؤر جي نسبت ماڻهو فليش فڪشن جي وڌيڪ ويجهو ٿئي ٿو.
فليش فڪشن ڪهاڻين جو هڪ اهڙو وڻ آهي جنهن جي ڇانوري ۾ شارٽ- شارٽ اسٽوري (1000 لفظن اندر)، مائيڪرو اسٽوري (300 لفظن تائين)، نينو فڪشن (55 لفظن اندر)، ڊريبل فڪشن (100 لفظن تائين)، ٽئيٽريچر فڪشن (23 لفظن تائين) وغيره اچي وڃن ٿا.
اهڙي قسم جي ڪهاڻين کي دنيا جي مختلف ادبي سماجن ۾ پنهنجي سڃاڻپ خاطر الڳ نالن سان ورتو ويندو آهي جيئن: پوسٽ ڪارڊ اسٽوريز، پام سائيز اسٽوريز، سموڪ اسٽوريز وغيره.
ائين به ناهي ته فليش فڪشن ڪو ڪهاڻيءَ جي لوازمات کان وانجهيل آهي. بلڪ، هن ۾ ڪهاڻيءَ جي اهم عنصرن: پلاٽ، ڪردار نگاري، منظر ڪشي، واقعات نگاري، زمان ۽ مڪان، ٻولي ۽ نقطه نظر سان پڄاڻيءَ جو خيال رکيو ويندو آهي.
فارسي ادب ۾ شيخ سعدي، رومي ۽ ڪنهن حد تي فريدالدين عطار جي تحريرن ۾ اهڙي قسم جون ڪهاڻيون اچي ٿيو وڃن جن کي فارسي ادب ۾ ‘حڪايتون’ ڪوٺيو ٿو وڃي. هندستان جي قديم پالي ادب ۾ ’جٽاڪا آکاڻين‘ کي به فليش فڪشن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. ايسپ جون ڪهاڻيون به ساڳئي زمري ۾ آڻي سگهجي ٿو.
سنڌي ادب ۾ به وتائي فقير جا ٽوٽڪا يا نقل نظير وغيره به اهڙي قسم جي هڪ لڙهيءَ ۾ اچي وڃن ٿا. ڏٺو وڃي ته پهاڪا يا چوڻيون به پنهنجي پس منظر تحت ان قسم جي ادب جو حصو آهن. ان اهڙي قسم جي ادب جو سڄو سارو مرڪز اختصار تي آهي. اهڙو اختصار ئي عام ماڻهن جي ڌيان کي پاڻ ڏانهن موهي وجھي ٿو. جديد دؤر جي گھرجن آهر هر ماڻهو اختصار کي ترجيح ڏئي ٿو؛ ان ڪارڻ ادب سرجيندڙ به ان ڏانهن مائل ٿي رهيا آهن. هاڻ، اهو لکندڙ تي آهي ته ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي پنهنجي لوازمات آهر ڪيترو مختصر ۽ جاذب بنائي ٿو.
هن ڪتاب جي ليکڪ اهڙي قسم جي ڪهاڻين جي شروعات سوشل ميڊيا تي ڪئي ۽ ان کي شارٽ- شارٽ اسٽوريءَ جي نالي آهر ’مختصر- مختصر ڪهاڻي‘ ڪوٺيو؛ جنهن کي بعد ۾ مرڪب لفظ ۾ ورجاءَ سبب ’اختصاري ڪهاڻيءَ‘ جي اصطلاح جي راءِ ڏني وئي. مذڪوره اصطلاح ان نسبت ڪم آندو ويو جو اسان وٽ فليش ڪهاڻين لاءِ ڪو خاص نالو اڃا تجويز نه ٿي سگھيو آهي. هي اصطلاح پنهنجي نراليت سبب ڪنهن حد تي قبول ٿيڻ جوڳو آهي. اهڙي قسم جي جديد سنڌي ادب ۾ قاضي علي رضا جون ڪوششون ساراه جوڳيون آهن. اهڙي پيار جي پورهئي لاءِ کيس جس هجي. وڌيڪ لاءِ کيس راءِ ڏجي ٿي ته اهڙي قسم جي ’فليش فڪشن‘ جي معاملي تي علمي تحقيق ڪري سنڌي علم و ادب جو ڳاٽ اوچو ڪري.

سنڌ سلامت- ساه سلامت
[b]ڊاڪٽر الطاف جوکيو
[/b]