ٻارهين ڪيفيت
منهنجو اندازو هو ته ڳالهه ٻڌي هميشه جيان ٽهڪن پئجي ويندي پر سندس چهري تي سنجيدگي اڀري آئي ۽ منهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيائين: “ها بلڪل، جيئن سچل چيو هو “ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن، ڪيهر شينهن”…” “ها منهنجي برائڊي مرفي” چيو مانس. “ڪير آهي اها برائڊي مرفي!؟” معصوم انداز سان سوال ڪيائين.
“آمريڪي عورت ورجينا ٽيگهه، جنهن تي هيپاٽڪ ريگريشن جي ٽيڪنيڪ استعمال ڪئي وئي، ته هن ٻڌيو ته هوءَ اڳئين جنم ۾ آئرلينڊ جي رهواسڻ هئي. سندس نالو برائڊي مرفي هو.” ٻڌايو مانس.
“اڇا! وڏي ڳالهه آهي!” هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي حيرت جو اظهار ڪيو. “اهو به ته ورجينا 1995ع ۾ گذاري وئي. ان وچ ۾ هن جيڪي به ڳالهيون ڪيون، انهن، ثابت ڪيو ته ورجينا جو اهو پنر جنم هو، اڳين زندگيءَ ۾ هوءَ برائڊي مرفي هئي!” هن کي مڪمل ڳالهه ٻڌايم.
“پوءِ ته مان واقعي تنهنجي برائڊي مرفي آهيان، اڳين جنم ۾ منهنجو نالو ڪجهه ٻيو هو ۽ تنهنجو ڪجهه ٻيو ۽ پاڻ گڏ هئاسين.” هن منهنجي اکين ۾ جهاتي پائيندي ڳالهايو. “پر مونکي ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي!” “ڇو ڇو!؟” مان هن جي هٿ کي سوگهو ڪري پڇيو. هوءَ ڏڪي رهي هئي ڏڪندي چيائين “اسان اڳئين جنم ۾ به هڪ ٻئي کان جدا ٿي وياسين، هن حياتيءَ ۾ به ساڳيو ڪم نه ٿئي.” “نه ائين نه ٿيندو…قدرت اسان سان ايڏو ڪلور نه ڪندي.” مون هن کي سمجهايو، منهنجي سمجهائڻ باوجود هن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا. سندس مٿان ڪنبڻي طاري ٿي وئي. اها هن جي ڪهڙي ڪيفيت هئي، مان سمجهي نه سگهيس، شايد ٻارهين ڪيفيت!؟