بِشني
ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس ٻڌي ويس ڏاڍو مارينس. طبيعت پڇڻ ويو مانس. هميشه جيان مسڪرائيندي مليو ۽ اکين ۾ ڪئي سوال هئس. انهيءَ کان پهريائين جو پاڻ سوال ڪري؛ پڇي ورتو مانس ته: بشنگيري جو ڌنڌو ڪڏهن کان شروع ڪيائين…؟؟ وراڻيائين “جڏهن کان انسانن لباس ۾ کيسا لڳرايا تڏهن کان مان بشني آهيان!!” هن جو جواب ٻڌي ٻئي ٽهڪن ۾ پئجي وياسين.
چيو مانس: “يار ڪرو، هاڻي گهڻو ٿيو، ڇڏ انهيءَ واهيات ڪرت کي…” جواب عجيب هئس “تون ماستري ڇڏي سگهندي جو مونکي بشنگيري ڇڏڻ جو چئين ٿو……؟؟؟”
“پر يار، توکي ماستري ۽ بشنگيري ۾ ڪو فرق محسوس نه ٿو ٿئي!؟” مون هن کان آڏو سوال ڪيو. “نه ڪو به فرق ناهي سڀ ڌنڌا هڪ جهڙا هوندا آهن!!” پنهنجو چٽو موقف بيان ڪيائين…
“پر ڀائو، توکي ماڻهو سٺي نظر سان نه ٿا ڏسن!!” مون چيو.
“……۽ توکي منهنجو مطلب ماسترن کي، پوليس وارن کي، ڪلارڪن کي……۽……۽……کي ماڻهو چڱي نظر سان ڏسندا آهن…!!؟؟”
مان هن کي وڌيڪ ڪجهه نه چئي سگهيس، موڪلائي وڃڻ لڳس ته چيائين: “ماستر! منهنجا به ڪجهه سوال آهن، ڀلا انهن جو جواب ته ڏيندو وڃ؟؟” “نه مون کي اسڪول پهچڻو آهي، ٻئي دفعي…” مان هلندي جواب ڏنومانس.
ڪجهه عرصي کانپوءِ خبر پئي ته پنجاب ويندڙ هڪ ٽرين ۾ کيسو ڪٽيندي پڪڙجي پيو. مسافرن سخت مارڪٽ کانپوءِ هن کي هلندڙ گاڏيءَ مان هيٺ ڪيرائي ڇڏيو. سخت ڌڪ لڳڻ سبب مري ويو.
اسان هن جو لاش کڻائڻ لاءِ سکر پهتاسين جتي جي اسپتال ۾ لاش رکيل هو. مان ۽ هن جي ماءُ سڃاڻپ لاءِ مرده خاني ۾ وياسين.
شناخت ٿي اهو ڪَرو جو ئي لاش هو. هميشه جيان مسڪرائيندڙ چهرو، کليل اکيون جن ۾ سدا وانگي انيڪ سوال؛ جن جا جواب اسان وٽ ناهن هوندا.