ڏائڻ
مان انهن ڳالهين تي آساني سان يقين ڪرڻ وارو نه هئس، پر ادا پيارل جي ڳالهه کي ڪوڙ چوڻ به منهنجي وس ۾ نه هو. جنهن مسجد ۾ ٻڌايو ته هن سفيد ڪپڙن ۾ هڪ پراسرار عورت مولوي صاحب جي گهر ٻاهران ڏٺي آهي. جيڪا يقينن ڏائڻ ئي هئي!
ادا پيارل جي تصديق کانپوءِ ڏينهن رات ڊپ جي زندگي گذري رهي هئي. چوڪيءَ لاءِ نوجوانن جا ڪجهه ٽولا ٺاهيا ويا، جيڪي واري سان ڳوٺ ۾ چوڪي ڏيڻ لڳا. هڪ رات اٽڪل چئين وڳي، ڳوٺ ۾ ڪتن جي باهوڙ سان گڏ چوڪيدارن جي هڪلن جا آواز شروع ٿي ويا. انهن آوازن جي وچ ۾ هڪ ٻيو آواز به شامل هو. انساني آواز هو يا ڪنهن جانور جو مان فرق نه ڪري سگهيس!
ڳوٺ وارن سان گڏ مان به جلدئي ان جاءِ تي پهچي ويس، جتان آواز اچي رهيا هئا. هڪ پاسي چوڪيدار بيٺا هئا، جڏهن ته ڪجهه فاصلي تي هڪ عورت جو لاش پيو هو. چهرو ڏنڊن سان مسخ ٿيل، ڪپڙا رت سان مڪمل ڳاڙها…ڪير به سڃاڻپ نه ڪري سگهيو! بس هر ماڻهو جي زبان تي اها ڳالهه هئي ته “ڏائڻ کي ماريو ويو آهي!” ڪجهه دير ۾ وڏيرو به اچي ويو. جنهن جي چوڻ تي عورت جي لاش کي خاموشيءَ سان مقام ۾ کڏ کوٽي پوريو ويو؛ جيئن پوليس جي ڪاررائي کان بچي سگهجي.
ٻئي ڏينهن اسان ٻيپهري جي نماز تي گڏ ٿياسين. خلاف توقع مولوي صاحب دير سان آيو. هن جون اکيون سڄيل هيون، سمجهي سگهجي پيو ته هن کي گهڻو اوجاڳو آهي يا رنو اٿائين……
شام ڌاري ادا پيارل سان مولوي صاحب جي گهر ڀرسان گذر ٿيو. هن جي گهر مان ڪوبه آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو، موت جهڙي خاموشي، جنهن ۾ اسان هڪ ٻئي جي ساهن جو آواز به ٻڌي سگهون پيا! ها صرف ٻڌي سگهون پيا……سمجهي نه پيا سگهون.
ها! اسان اڃا تائين گهڻيون ڳالهيون نه سمجهي سگهيا آهيون!؟