ڪھاڻيون

معذرت سان (اختصاري ڪهاڻيون)

ڪتاب ”معذرت سان“ ليکڪ، صحافي ۽ استاد علي رضا قاضيءَ جي مختصر ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي.
ڊاڪٽر الطاف جوکيو لکي ٿو:
”هن ڪتاب جي ليکڪ مختصر مختصر قسم جي ڪهاڻين جي شروعات سوشل ميڊيا تي ڪئي ۽ ان کي شارٽ- شارٽ اسٽوريءَ جي نالي آهر ’مختصر- مختصر ڪهاڻي‘ ڪوٺيو؛ جنهن کي بعد ۾ مرڪب لفظ ۾ ورجاءَ سبب ’اختصاري ڪهاڻيءَ‘ جي اصطلاح جي راءِ ڏني وئي. مذڪوره اصطلاح ان نسبت ڪم آندو ويو جو اسان وٽ فليش ڪهاڻين لاءِ ڪو خاص نالو اڃا تجويز نه ٿي سگھيو آهي. هي اصطلاح پنهنجي نراليت سبب ڪنهن حد تي قبول ٿيڻ جوڳو آهي. اهڙي قسم جي جديد سنڌي ادب ۾ قاضي علي رضا جون ڪوششون ساراه جوڳيون آهن.“
Title Cover of book معذرت سان (اختصاري ڪهاڻيون)

زندگي ۽ ٺڳي

هوءَ ڪافي سالن کانپوءِ ملي، سندس سان گهاريل ڪجهه گهڙيون ذهن جي پردي تي تري آيون. ڪافي بدلجي وئي هئي. پر سندس مسڪرائڻ جي عادت ساڳي هئي. مرڪڻ مهل ڳٽي تي چگهه جو نشان ٺهي پوڻ ۽ ها هن جي اکين جي شرارت به نه مَٽي هئي.
وڏي شهر جي وچولي هوٽل تي اڃا ويٺاسين ئي مس ته فقير ڦري آيو. “جوڙي سلامت بابا، الله جي دعا ڪجهه ونڊ ڪرايو……؟” “الله جي دعا” جملو ٻڌي ٽهڪن ۾ پئجي وئي! “فقيرَ! الله سائين به دعا ڪندو آهي ڇا!؟” ٽهڪن ۾ ئي فقير کان سوال پڇي ورتائين. فقير اوچتو سوال ٻڌي مٿي کي کنهڻ لڳو ۽ بنا خيرات وٺڻ جي رمندو رهيو.
“ياد اٿئي، هڪ ڀيري توهان جي گهر آئي هئس، در تي هڪ ماڻهو آيو، جيڪو چئي پيو ته سندس ماءُ گذاري وئي آهي. ڪفن لاءِ پئسا ناهن!” فقير جي وڃڻ کانپوءِ هن ڳالهايو.
“ها ياد آهي ۽ ها توکي اهو به ياد هوندو مان توکي ٻڌايو هو ته اهو شخص هر ڇهين مهيني ماءُ يا پيءُ کي ماري انهن جي ڪفن لاءِ چندو ڪرڻ نڪرندو آهي!” منهنجي اها ڳالهه ٻڌي ٻيهر ٽهڪن ۾ پئجي وئي.
“ها بس ماڻهو اهڙا ئي فنڪار آهن.” هن ڳالهايو. “حيدرچوڪ وارو همراهه ياد هوندءِ جنهن مٽياري وڃڻ لاءِ 10 روپيا ڪرايو گهريو هو، مون چيو مانس ته پئسا کُليا ناهن، سو جو نوٽ آهي، جنهن تي ان همراهه چيو مونکي ڏي کُليا ڪري ڏيانءِ…!” مان هڪ ساروڻي هن کي ٻڌائي.
“ها پوءِ توکي ياد هوندو اسان ايڏو ته کليا هئاسين جو پيٽ ۾ سور پئجي ويو هو…” “۽ پوءِ ڪافي دير هيٺ فوٽ پاٿ تي ويٺا رهياسين، پوءِ اهو شخص ککو وکو ٿي روانو ٿيو هو!” هن منهنجي ڳالهه کي مڪمل ڪيو ۽ ٽهڪن ۾ پئجي وئي. گهڻي کِلڻ ڪري هن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. ڪجهه دير ۾ هن جا ٽهڪ بند ٿي ويا، پر لڙڪ جاري رهيا. مان سمجهي رهيو هئس ته اهي هاڻي خوشيءَ جا ڳوڙها ناهن.
هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري کن پل ۾ سڏڪن ۾ پئجي وئي. منهنجي ڪافي اسرار کانپوءِ فقط ايترو ڳالهايائين ته “زندگي توسان ۽ مونسان به ته انهن ٺڳن وارو ڪم ڪري وئي! جنهن کي ته نه پڪڙي سگهياسين…!”
“ها بس زندگي ٺڳي ئي ته آهي!” مان پنهنجي ڳلي مان زوريءَ آواز ڪڍيو. هوءَ هاڻي سڏڪن ۾ پئجي وئي ۽ مان ڪوشش جي باوجود هن کي پرچائي نه سگهيس!