واپار
علي مراد: ادا شابس اٿئي جو قدر ٿو ڪرين…نه ايئن نه ٿيندو!
شاهن: چاچا علي مراد، 90 هزار به لک جا ڀائر آهن ۽ لک گهٽ ته ناهي…؟؟
سومر: چاچا قادن ۽ ادا شاهن، منهنجي ڀيڻ ڳوٺ جو نڪ آهي، اصل لاٽ آهي لاٽ…توهان صفا گهٽ پئسا پيا ٻڌايو…!
“بابا، ڀلا پنج هزار وڌيڪ ڏيون…” شاهن، قادن جي ڪن ۾ ڀڻڪيو.
“نه هڪ روپيو به نه ڇوڪري منهنجي ڏٺل آهي، 50 هزار به نه لهي، بس تنهنجي ضد ڪري 90 هزار چيا آهن…” قادن،
شاهن کي جهڻڪ ڏيندي ڳالهايو، جيڪو ٻين به ٻڌو.
“قادن! ولوءَ وارن لک 20 هزار چيا هئا، رڳو تنهنجي سرِ جي ڪري لک چيم، نه ٿا ڏئي سگهو ته انڪار سمجهو…!!” علي مراد، فيصلو ٻڌايو.
“اڙي ادا، وڙهو نه…نه لک نه 90 هزار بس 95 هزار…بس ڀائر ٿي وڃو…” وچ ۾ آيل دادن، ٻنهي ڌرين کي ٺاهي ڇڏيو.
“مبارڪون…مبارڪون……مبارڪون”
قادن، علي مراد کي پتاشو کارائيندي چيو. ‘مبارڪون’ چوڻ ۾ ويٺلن به هن جو ساٿ ڏنو.
……………………………………………………………
ڀت جي اوٽ ۾ بيٺل، نوريءَ پنهنجي وارن تان هٿ هيٺ منهن تي آندو، اهو يقين ڪرڻ لاءِ ته هوءَ جانور آهي يا انسان…!؟ ان وچ ۾ هن جي ڳلن تان ٻه ڪوسا ڳوڙها، رئي کي ڇهندي هيٺ ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ گم ٿي ويا…