وفاداري
اهو سوچي ڪريم جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون، جيڪي باهه جا اُلاءَ اوڳاڇي رهيون هيون.
ڪريم، هُن جو سوٽ، جيڪو ٻالڪپڻ ۾ ئي يتيم ٿيڻ کانپوءِ سندن گهر پلجي جوان ٿيو. هو، هن جي ڀائرن جيان ئي ته هو.
خادم جي پيءُ ڀلا پنهنجي اولاد ۽ ڪريم ۾ ڪڏهن فرق ڪيو هو؟؟؟
“نمڪ حرام، ڀڙوو، سوئر جو پٽ، حرامي، ڪتو……” خادم جي زبان مان بي اختيار گاريون نڪتيون. هو گهڙيءَ لاءِ چپ ٿي ويو.
‘ڪتو’ چوڻ تي هن کي ڪجهه سال اڳ پاڻ سان ٿيل هڪ وارتا ياد اچي وئي. جڏهن ڀرواري ڪاليج ۾ داخلا ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڏينهن خاڪي پينٽ ۽ اڇي قميص پائي ڪاليج مان پڙهي موٽي آيو ته سندس ئي پاليل ڪتي لباس تي ڀلجي هن جي مٿان جُهل ڪئي، حملو ايترو ته اچانڪ هو جو خادم پاڻ سنڀالي نه سگهيو، هيٺ ڪري پيو. انهيءَ دوران ڪتي هن جي پينٽ ۾ ٻه ٽي وات هنيا پر ڪجهه ئي دير ۾ خادم جي رڙين تي ڪتو پري ٿي بيهي رهيو. اها سندس لاءِ عجب جهڙي ڳالهه هئي ته ڪتو سندس کان ڪجهه قدم پري هيٺ ڪنڌ هيٺ ڪيون بيٺو آهي!!!!
خادم سمجهي ويو ته ڪتي، لباس جي ڀل ۾ هن تي حملو ڪيو آهي ۽ سڃاڻڻ کانپوءِ شرمندو آهي. ٿوري دير ۾ هو اٿي بيٺو، انهيءَ جي وچ ۾ گهر جا ٻيا ڀاتي به پهچي ويا، جن ڪتي کي مارڻ جو ارادو ڪيو پر ڪتو ڀڄڻ جي بجاءِ پنهنجي جاءِ تي ساڪن بيٺو رهيو. هن مائٽن کي روڪيو ته ڪتي کي نه مارين ڇاڪاڻ ته هُن ڀلجي اهو ڪيو آهي.
اهو ڏينهن گذريو، شام ٿي رات ٿي، صبح ٿيو. هن کي گهر ۾ ڪتو نظر نه آيو ۽ پوءِ اهو ڪتو ڳوٺ ۾ به ڪنهن نه ڏٺو!
خادم، اها ڳالهه سوچي پنهنجي منهن ڳالهائڻ لڳو ”ڪريم… ڪتو… ڪريم……ڪريم… ڪتو……ڪتو… ڪتو……“
ڳالهائڻ دوران هن پنهنجي ڪلهي ٿي هڪ پتڪڙو هٿ محسوس ڪيو، جيڪو هن جي پٽ جو هو جيڪو چئي رهيو هو.
”بابا! اسان کي ڪتو ڌاري ڏي نه……!“