جيترو جلد ٿي سگهي مري وڃجي
هن ڄاڻي واڻي پاڻ کي ڪيرايو…؟؟ يا اڻڄائي ۾ ڪري پيو يا ڪنهن ڌڪو ڏنس… بس هو مري ويو… جيڪو به ٿيو چڱو ٿيو!!
چئن سالن کان نوڪري تي هجڻ ۽ پگهار نه ملڻ به ته هن جو مرڻ ئي هو!
ڪجهه ڏينهن اڳ به مان هن جو مرڻ ڏٺو هو جڏهن پرنسپال هن کي ڇڙٻيندي چيو ”مان پڻهين جو نوڪر ناهيان جو روز روز توکي ڪرائي جا پئسا ڏيان!“
انهيءَ کان اڳ به دوڪان واري هن کي سندس ننڍڙي ڌيءُ جا سامهون اهو چئي قتل ڪيو هو ته ”پهرين اڳيون حساب چُڪتو ڪر پوءِ ٻيو سامان“ دوڪاندار ڪاوڙ ۾ اچي هن جي معصوم ڌيءُ جي هٿ مان ٽافي به کسي ورتي هئي…
ها، کير وارو، سبزي وارو، اٽي جي مشين وارو به ته روز هن کي ماريندا ئي هئا.
زاهد ٻن سالن ۾ لاتعداد ڀيرا مئو ۽ جيئرو ٿيو!
هڪ ڀيرو هن جي اکين ۾ آلاڻ ۽ چهري تي اداسائي ڏسي پڇيم: ”زاهد، خير ته آهي؟“
هڪدم جواب ڏنائين، ”سائين، ننڍڙي پٽ انگور وٺي اچڻ جو چيو آهي، مون وٽ پئسا ناهن!“ ”هي وٺ پئسا“ هن ڏانهن سوَ جو نوٽ وڌائيندي چيم…”نه سائين مونکي پئسا نه کپن، بس مان مرڻ ٿو چاهيان…!“ هن جي نڙي مان سڏڪي جهڙو آواز نڪتو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري مونکان پري هليو ويو.
اڄ هو واقعي به مري ويو. هن جو آواز منهنجي ڪنن ۾ گونجي پيو ”بس مان مرڻ ٿو چاهيان…!”
مان اکيون ٻوٽي، هٿ جي تري نرڙ تي ۽ ٺونٺ ٽيبل تي رکي فريڊرڪ نٽشي جي انهيءَ قول تي سوچڻ شروع ڪيان ٿو…
”بهتر آهي انسان هن دنيا ۾ نه اچي ها، جي آيو آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي مري وڃي، انهي ۾ ئي سندس ڀلائي آهي!“