ڪتاب ”معذرت سان“ ليکڪ، صحافي ۽ استاد علي رضا قاضيءَ جي مختصر ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي.
ڊاڪٽر الطاف جوکيو لکي ٿو:
”هن ڪتاب جي ليکڪ مختصر مختصر قسم جي ڪهاڻين جي شروعات سوشل ميڊيا تي ڪئي ۽ ان کي شارٽ- شارٽ اسٽوريءَ جي نالي آهر ’مختصر- مختصر ڪهاڻي‘ ڪوٺيو؛ جنهن کي بعد ۾ مرڪب لفظ ۾ ورجاءَ سبب ’اختصاري ڪهاڻيءَ‘ جي اصطلاح جي راءِ ڏني وئي. مذڪوره اصطلاح ان نسبت ڪم آندو ويو جو اسان وٽ فليش ڪهاڻين لاءِ ڪو خاص نالو اڃا تجويز نه ٿي سگھيو آهي. هي اصطلاح پنهنجي نراليت سبب ڪنهن حد تي قبول ٿيڻ جوڳو آهي. اهڙي قسم جي جديد سنڌي ادب ۾ قاضي علي رضا جون ڪوششون ساراه جوڳيون آهن.“
ڪوئٽه ڀرسان زائرين جي بس تي خودڪش حملي ۾ پوڙهي هزاره عورت جو اڪيلو جوان پٽ به مارجي ويو هو. حادثي کانپوءِ ڪجهه منٽن اندر واردات جي جاءِ تي پهتل ٻڍڙيءَ کي پٽ جو لاش ڪيترن ئي ٽڪرن ۾ ته ملي ويو پر پوءِ به نه ڄاڻ هن کي ڇا جي تلاش هئي…!؟
آخر هڪ پوليس عملدار عورت جي ويجهو اچي نرمائي سان هن کان پڇيو: “امان! اڃا ڇا پئي ڳولين؟”
“پٽ جي ٻانهن ۾ ٻڌل امان ضامن” ٻڍڙيءَ اطمينان سان جواب ڏئي ڳولا جاري رکي.