حج جي بشارت
يوسف جو لاش ڳوٺ ٻاهران رئيس جي ٻنيءَ مان انتهائي خراب حالت ۾ مليو. مارڻ کان پوءِ جسم جي بيحرمتي ڪئي وئي هئي. هن جو نڪ، ڪنَ، چپ وڍي اکيون ڪڍيون ويون هيون.
يوسف کي ايڏي بيدردي سان ڪنهن ۽ ڇو ماريو؟ سوالَ ذهن جي تاڪن کي وڄائڻ لڳا. جوابَ خاموشيءَ ۽ گهگهه اونداهي ۾ ترورن کانسواءِ ڪجهه به نه هئا.
ڪافي ڀيرا يوسف مونسان ڪچهري ڪندي ان وقت چپ ٿي ويندو هو، جڏهن رئيس ان جي حويلي ۽ رئيس جي سهڻي ڇوڪري سسئي جو ذڪر نڪرندو هو.
ها البته ڪجهه ڏينهن اڳ هن مونسان مرڪندي ڳالهه ڪئي هئي ته پير جڙيل شاه هن کي حج جي بشارت ٻڌائي آهي، هو هاڻي جلد حج تي روانو ٿيندو!
يوسف جون اهي ڳالهيون سوچي خيالن ۾ گم هئس ته منهنجي ننڍڙي پٽ عباس پڇيو،
“بابا! چاچا يوسف کي ڇا ٿيو آهي، هو ڪاڏي ويو…؟”
پٽ جي سوال تي منهنجي اکين جا بند ڀڄي پيا، اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳس، عباس کي ويجهو ڪري ڀاڪر پائي گلوگير لهجي ۾ چيو مانس:
“بابا، تنهنجو چاچو حج تي هليو ويو.”