جائو ڪُڪُڙُ
جائي ڪيتريون ميلون وڙهيون ۽ کٽيون هيون الائي ڇو لڳس ته اڄوڪي ميل حياتي جي آخري آهي؟ جيڪو سوچي کن پل لاءِ اکيون ٻوٽجي ويس!
هڪ نظر چوطرف دائري ۾ بيٺل ماڻهن ڏانهن ڪئي. دُرهڙي سان ڪنڌ کي ڌوڻيائين، ڇو جوهڪ گهڙيءَ لاءِ تماشائي هن کي ڪڪڙ نظر آيا! هن مقابلي ۾ لٿل کي به سڃاڻي ورتو، جيڪو ڦُليو هو.
پڙَ ۾ هڪ ساعت هن ڦلئي ڏانهن تڪيو. ڦلئي اڳرائي ڪندي هن ڏانهن جُهل ڪئي. هن به پر کنڊيڙي حملي لاءِ تياري ورتي. اهو سڀ ڪجهه ايترو ته جلد ٿيو جو هن کي ان ڳالهه جو احساس به نه ٿيو ته ڦلئي جي کڙهه هن جي پيٽ ۾ سوراخ ڪري وئي آهي.
پاڻ سنڀاليائين ساڄي ڄنگهه مٿي کڻي پر کولي پنهنجي ڀرپور طاقت سان مخالف جي مٿي ۾ وهائي ڪڍي. ڌڪ ايترو ته زوردار هو ڦلئي جي مٿي مان رت توتوريون ڪري وهڻ لڳو. ان وچ ۾ هڪ سيخ سندس اک ۾ به لڳي وئي. هو ڪاڻو ۽ بي ساهو ٿي پيو هو. پر هن فيصلو ڪري ورتو ته رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندو. اڄ رئيس جو سڄو قرض لاهي ڇڏيندو جيڪو بادامن، پستن جي صورت کائيندو رهيو هو. هڪ ڳالهه جيڪا هن کي پريشان ڪري رهي هئي ته ميل ۾ بيٺل ماڻهو هن کي ڪنهن وقت ڪڪڙ ڇو نظر پئي آيا!؟
ڪڪڙ…جاوا، ڦليا، پيلا، هيرا
انهيءَ ويچار ۾ ئي هو ته ڦلئي جي سڄي، ڪنڌ مان آرپار ٿي ويس، هو ڦيري کائي ڌرتيءَ تي ڪري پيو. هن کي اڃا هوش هو. پڙ ۾ هڪ پاسي خاموشي ته ٻي ٻانهين ۾ هوڪريا هئا.
“ٿڪ ٿئي…”هوڪرن ۾ هن ڀوتار جو آواز ٻڌي ورتو. اهڙو جملو هو جو مٿي ۾ لڳل خوني کڙهه جو درد گهٽ ٿي ويس، پر اهي لفظ سيني کي چيريندي ڪٿي غائب ٿي ويا.
بچيل هڪ اک سان ٻيهر ان ٻانهين ڏانهن ڏٺو جتي وڏيرو ۽ سندس ڇاڙتا بيٺا هئا. رئيس کانسواءِ باقي سڀ هن کي ڪڪڙ لڳا.…… رئيس جا پاليل ڪڪڙ……ان کان اڳ جو فيصلي تي پهچي ته هن دنيا ۾ اميرن کانسواءِ سڀ انسان هن جيان ڪڪڙ ئي هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن ويڙهائڻ ته ڪڏهن کائڻ جي ڪم اچن ٿا، ڪنڌ ڍارجي ويس.