جهومر
اوچتو هن جي نظر ڪنهن شيءِ تي پئي هن جي چپن تي مرڪ پکڙجي وئي. هو پنهنجي دوستن اڪو، سادو ۽ ڪامو جيڪي به سندس جيان روزيءَ جي تلاش ۾ هئا کان نظرون بچائيندو، ان شيءِ جي مٿان پهچي خاموشيءَ سان کڻي پاچڪي بدران پاسي واري کيسي ۾ وجهي پنهنجي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. هن کي شام تائين انهيءَ ڍير تي رهي رزق جي ڳولا ڪرڻي هئي پر اڄ هن جي کيسي ۾ خاص شيءِ هئي جنهن لاءِ هن بار بار کيسي کي اها پڪ ڪرڻ لاءِ ته ڪٿي گم ته نه ٿي وئي آهي، هٿ پئي لاتو.
آخر هن جو انتظار پورو ٿيو. شام کان ڪجهه وقت اڳ گهر پهتو. هن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. هو ماءُ جي ڀرسان آيو، هڪ هٿ کيسي ۾ وجهي ٻئي هٿ سان ماءَ جي ڪلهي تي رکي چوڻ لڳو. ”امان! ڏس مان تولاءِ ڇا آندو آهي……؟“ ماڻس تجسس سان هن جي اکين ۾ نهار ڪئي. صابو ڪجهه گهڙين لاءِ چپ ٿي ويو ڄڻ هو ڪا ڳالهه ياد ڪندو هجي. ٻئي پل هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”امان، جڏهن بابو گذاري ويو هو ته هن جي ڪفن لاءِ اسان وٽ پئسا نه هئا. پوءِ تو مٿي جو جهومر کپايو هو، هي ڏس مان ساڳيو جهمومر لڌو آهي……
هو اها ڳالهه يڪ ساهي ڪري ويو، ماءُ پنهنجي پٽ جي اکين ۾ بي انتها خوشي ۽ ڪاميابي ڏٺي. هن صابوءَ کي ويجهو ڪري سيني سان لڳائي ورتو. هن جي اکين جا نار وهي نڪتا، ڪجهه گرم لڙڪا صابو جي ڳلن کي به پُسائي رهيا هئا.