اوساري جهڙو درد
گولي، ڪک ۾ لڳي پيٽ ۾ غائب ٿي وئي. فائر کان اڳ ئي هن سماعت ختم ٿي چڪي هئي. هڪ ڪلاڪ تائين سير پيل ڍور جيان تڙپندو رهيو. ڀت وارا ڀڄي ويا، اهي ڇو ڀڳا، ڪاڏي ويا!؟ بس پاڻ ايترو سو ڄاڻون ٿا ته همٿ ڪري زخمي جاويد کي ٻيو نه ڀرواري شهر جي اسپتال تائين پهچائڻ گهرجي ها. جتي هن جي بچڻ جي اميد هئي. ڀلا اميد نه به هئي ته ڪوشش ڪرڻ گهرجي ها. ها ڪابه ڪوشش نه ٿي مقتول جي ڀاءُ ۽ سوٽ لاش کي رڪشا ۾ ڪٻڙو سمهاري گهر آندو!
پر هي ڇا، قاتل لاش جي گهر پهچڻ کان اڳ قرآن ميڙ سان معافيءَ لاءِ پهچي ويا! “خون معاف ڪندس پر جوان پٽ جو لاش ته دفن ڪرڻ ڏيو!؟” مقتول جوان جي پيءُ فقير علي نواز ڳالهايو. فقير جي آواز ۾ اوساري جهڙو درد هو. ايئن لڳو ماتمي جلوس ۾ هو ‘ڍنڍ’ جي وڄت ڪندو هجي.
“واويلا واويلا ياحسين يا حسين” جون صدائون ستن آسمانن تائين پهچڻ لڳيون…وري اچانڪ موت جهڙي خاموشي…اهڙي چپ جنهن ۾ اسان فقير جي دل جي ڌڙڪڻ جو آواز به ٻڌي سگهون پيا!
……۽ ها ٽئين ڏينهن تي جڏهن جاويد جي بٺيءَ جي مٽي به نه سڪي هئي ته تر جي سردار جي حڪم تي خون جو جرڳو ٿيو. جاويد جي رت، اکين، گردن، پيرن، ڪنن، وارن، ٻانهن، ٽنگن، ننهن ۽ هٿن سميت سڄي جسم جي بها 12 لک مقرر ڪئي وئي.
“فقير، پئسا ٿورا ته ناهن!؟” سردار صاحب، فقير علي نواز سان مخاطب ٿيو. فقير کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. هو پنهنجا سڀ حواس جوان پٽ جي ساميءَ ۾ ڇڏي آيو هو. “ نه سائين گنج مولا جو…” جاويد جي وڏي ڀاءُ صادق، سردار کي جواب ڏنو.
جرڳو پورو ٿيو. فقير علي نواز کي سهارو ڏئي گهر آندو ويو. هن جاويد جي ماءُ تي هڪ نظر وڌي ۽ اڳتي وڌي ڀت تي ٽنگيل شهنائي لاهي چپن تي رکي هڪ وڏ ساهه کڻي ڪجهه وڄائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نه وڄائي سگهيو. هن ٻيهر ڪوشش ڪئي پر ناڪام ويو! هن کي محسوس ٿيو ته جوان پٽ جي لاش سان گڏ فن به دفن ڪري آيو آهي!