هل من ناصر ينصرنا
ڪامنا، جيڪا سال اڳ گهران ڀڃي وئي…!؟ ڀڄائي وئي…!؟ يا اغوا ڪئي وئي……365 ڏينهن گذرڻ باوجود هو اها مام حل نه ڪري سگهيو!!
ابن زياد جي درٻار جهڙي ڪورٽ ۾ سال اڳ ڪامنا کي آخري ڀيرو ڏٺو هئائين، هرڻي جيان هراسيل ڪامنا نماڻين اکين سان هن ڏانهن ڏسي ڪجهه ڳالهائن چاهيو “بابا او بابا…!” ان کان اڳ جو هوءَ ڪجهه چئي، هڪ ملعون شمر جهڙو هن کي جهرڪيءَ جيان جهٽي پري کڻي ويو. هن کي ياد آيو ته اهي سڀ مولوي جيڪي سڄو ڏينهن هڪ ٻئي کي ڪافر چوندي نه ٿڪبا هئا. هن معاملي تي ڪيئن نه هڪ ٿي ويا هئا!! ۽ هو “هل من ناصر ينصرنا” جي مصداق اڪيلو هو.
گهٽيءَ ۾ سينه زني جو آواز وڌي ويو. نوحه خوان “هاءِ سڪينه هاءِ سڪينه…” جو ورد ڪرڻ لڳو.سينه زني جو آواز هن کي فائرنگ لڳو. جڏهن ڪورٽ مان فيصلي اچڻ کانپوءِ مجاهدن خوشيءَ ۾ ڌوڙيا لائي ڏنا هئا.
هريام اکيون ٻوٽي ڇڏيون…نوحي جي هر لفظ تي هو پنهنجي ذهن ۾ ڪردار ٺاهيندو رهيو. حرمله، شمر، ابن زياد، ابن سعد، خولي ، حارث بن نوفل…سڀ ڪردار سندس شهر ۾ مسلمان مجاهدن جي صورت ۾ موجود هئا.
هن کي پاڙي جي اسڪول جو ماستر به ياد اچي ويو. جنهن 14 سالن جي ڪامنا کي سرٽيفيڪيٽ ذريعي 18 سالن جو ثابت ڪيو هو…“يزيد تي لعنت” ……نعرو ٻڌي هن جو ڌيان موٽي آيو. کن پل ۾ هو ٻيهر ماضي ۾ هليو ويو. جڏهن ڪامنا 4 سالن جي هئي. هر عاشور جي ڏينهن پاڻ ۽ ڌيءُ کي ڪارا ڪپڙا پائي، گهٽي مان گذرندڙ ماتمي جلوس کي دير تائين ڏسندو هو. تڏهن به ننڍڙي بيبي سڪينه جو مصائب ٻڌي هو زار وقطار روئندو هو…
…۽ اڄ به هن جي ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪري رهيون هيو. اوچتو هن هڪ پتڪڙو هٿ پنهنجي ڀڳل ڳلن تي محسوس ڪيو. هن کي لڳو ڄڻ ڪامنا موٽي آئي هجي. بي اختيار وات مان لفظ نڪري ويس “ڪامن……ا…” پر اها ڪامنا نه هئي سندس آخري ڌيءُ انجلي هئي. جيڪا حيرت ۾ پيءُ ڏانهن ڏسي پڇي رهي هئي، “بابا!، تون ڇو ٿو روئين…؟”
“ڪجهه به نه…بس ڪجهه به نه” چوندي ماستر هريام پنهنجي ڳلن تان ڳوڙها اگهي ڇڏيا.