ڪتي جي خودڪشي
اهڙي حالت ڏسي هن خودڪشيءَ جو فيصلو ڪيو. پاڻ مارڻ ايترو آسان ته ناهي……!! پر پوءِ به هو ان نتيجي تي پهچي ويو ته وڌيڪ جيئرو نه رهي سگهندو. هر گهڙي هن لاءِ تڪليفن ۾ واڌارو آڻيندي.
خودڪشي ڪيئن ڪجي…؟؟ ان لاءِ هن سولو طريقو ڳولي ورتو، صبح کان شهر جي ميونسپل ڪاميٽيءَ جي چوڌاري چڪر لڳائڻ شروع ڪيا. هن کي آس هئي ته ميونسپل ڪاميٽي وارن وٽ ڪتن مارڻ جو زهر هوندو آهي، هن جي حالت ڏسي يقينن سندس اڳيان مانيءَ ۾ ملائي اڇلائيندا، هو خوشي خوشي اها ماني کائيندو ۽ پوءِ سڀ تڪليفون هڪ لحظي ۾ لهي وينديون………پر هن کي اهو ڏسي مايوسي ۽ حيراني ٿي ته ميونسپل ڪاميٽيءَ جي چوڌاري 4 چڪر ڪاٽڻ کانپوءِ به هن جو ڪنهن نوٽيس نه ورتو آهي!!!
آخر هو ٿڪجي ڪاميٽي گيٽ تي بيهي رهيو ته من ڪو هن جو زخم ڏسي، ڇتو سمجهي مارڻ جي ڪوشش ڪري. هن جي اميد تڏهن ختم ٿي جڏهن هن ميونسپل آفيسر کي هڪ ڀنگياڻيءَ سان ڳالهائيندي ڏٺو. آفيسر ڀنگياڻي جي ڇاتيءَ کي تڪيندي سرٻاٽن ۾ چئي رهيو هو “تو واري مڙس کي ڍڪڻي ۾ ڍڪ پائي ٻڏي مرڻ گهرجي، ڪتن مارڻ لاءِ ايندڙ زهر کپائي به تنهنجي خاندان جي پوري ڪيان ٿو پر تنهنجي مڙس جا اعتراض ۽ غيرت ختم نه ٿي ٿئي……!!”
ڪتو، وڌيڪ گفتگو نه ٻڌي سگهيو، البته “ڍڪڻي ...ڍڪ ۽ مرڻ....” واري ڳالهه هن کي سمجهه ۾ اچي وئي، جسم ۾ ڦڙتي اچي وييس……ڪنڌ ڍاري تيز وکون کڻندو شهر جي مين رستي ڏانهن رخ ڪيائين جتي ڪافي وقت کان ‘ڍڪڻيءَ جي ڍڪ’ کان وڌيڪ پاڻي بيٺل هو…