ڪھاڻيون

معذرت سان (اختصاري ڪهاڻيون)

ڪتاب ”معذرت سان“ ليکڪ، صحافي ۽ استاد علي رضا قاضيءَ جي مختصر ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي.
ڊاڪٽر الطاف جوکيو لکي ٿو:
”هن ڪتاب جي ليکڪ مختصر مختصر قسم جي ڪهاڻين جي شروعات سوشل ميڊيا تي ڪئي ۽ ان کي شارٽ- شارٽ اسٽوريءَ جي نالي آهر ’مختصر- مختصر ڪهاڻي‘ ڪوٺيو؛ جنهن کي بعد ۾ مرڪب لفظ ۾ ورجاءَ سبب ’اختصاري ڪهاڻيءَ‘ جي اصطلاح جي راءِ ڏني وئي. مذڪوره اصطلاح ان نسبت ڪم آندو ويو جو اسان وٽ فليش ڪهاڻين لاءِ ڪو خاص نالو اڃا تجويز نه ٿي سگھيو آهي. هي اصطلاح پنهنجي نراليت سبب ڪنهن حد تي قبول ٿيڻ جوڳو آهي. اهڙي قسم جي جديد سنڌي ادب ۾ قاضي علي رضا جون ڪوششون ساراه جوڳيون آهن.“
Title Cover of book معذرت سان (اختصاري ڪهاڻيون)

گوشت ۽ هڏي

غلام قادر کي ننڍي هوندي گوشت کائيندي نڙيءَ ۾ هڏي ڦاسي پئي هئي. سخت تڪليف آيس، آپريشن ڪرائڻو پيس. مهينن تائين ٺيڪ طرح نه کائي سگهندو هو؛ هر وقت الٽي ۽ آتن جي ڪفيت هوندي هئس.
هڪ شام ڌاري اندر ويٺل وحشيءَ کي سڪون ڏيڻ لاءِ شانو ڀڙوي جي ماڙيءَ تي ويو. شانو هميشه جيان گرم جوشيءَ سان آجيان ڪيس پر معذرت به ته اڄ مال ناهي. هن جي زور ڀرڻ تي ته ڪجهه بندوبست ڪر هيٺ پنهنجي گهر هليو ويو. ڪجهه دير ۾ موٽيو ته 16 يا 17 سالن جي ڇوڪري ساڻ هئس.
ايندي ئي چيائين، “صاحب، ڌيءُ آهي، توهان کي انڪار نه ٿو ڪري سگهان…” اڳتي وڌي ڇوڪري جي رئي کي ڇاتي تان هٽائي اشاري سان ٻيهر ڳالهايائين “صاحب، نجو گوشت آ، ٺپ هڏي ناهي، کائيندي ته ياد ڪندين!”
شانو جي ڳالهه ٻڌي غلام قادر کي نڙي ۾ سور محسوس ٿيو. ڄڻ هڏي ٻيهر هن جي ڳلي ۾ اٽڪي پئي هجي. آت اچڻ شروع ۽ طبيعت خراب ٿي ويس. خبر ناهي ڪهڙي طرح ماڙيءَ جي ڏاڪڻ تان لهي گهر پهتو.