رمضان
هن جو بابا ٿڪل هو. هاڻي ئي ته گهر آيو هو پر ننڍڙي پتڪڙي نينگريءَ کي سوال جي جواب ڄاڻڻ جي ڏاڍي تڪڙ هئي. سندس پيءُ جيئن ئي منهن ڌوئي کٽ تي ويٺو ته آمنه سوال پڇي ورتو.
“او بابا منهنجا مٺڙا بابا! ٻاهر هڪ ماڻهو ٻئي کي چئي پيو سڀاڻي رمضان آهي، روزا رکنداسين.” نينگريءَ ساهي پٽي سوال جاري رکيو. “بابا، هيءُ رمضان ته ماڻهو جو نالو هوندو آهي پوءِ روزا……… منهنجا مٺا بابا، مونکي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي. ڀلا تون سمجهاءِ!؟”
اربوءَ پنهنجي معصوم ڌيءُ جي معصوم سوال تي هن جي معصوم اکين ۾ نهاري آسمان ڏانهن منهن ڪري هڪ ٿڌو ساهه کنيو. هن کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو ته ڪهڙن لفظن سان ڌيءُ جي معصوم سوال جو جواب ڏئي!
گهڙي کن سانت ۾ رهي، ڳالهائڻ لڳو: “منهنجي امان، رمضان هڪ مهيني جو نالو آهي، جنهن ۾ اسان روزا رکندا آهيون. روزن ۾ ڪجهه به کائبو پئبو ناهي ۽ ها……” اربوءَ کان ڳالهه پوري نه ٿي، سانت ڇائنجي وئي.
“ڀلا پوءِ بابا! اسان جي گهر ۾ هر مهينو رمضان ۽ هر ڏينهن روزو ڇو هوندو آهي!!”
ڌيءُ جي ڳالهه ٻڌي اربو موچيءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. هو ڪلهي تي پيل پراڻو ميرو رومال کڻي پنهنجو ڌوتل منهن اگهڻ لڳو، جنهن ۾ لڙڪ به شامل هئا.